توسان جو رابطو رهيو ناهي.
پاڻ تي ضابطو رهيو ناهي.
هُن جي تصوير آهي ڪمري ۾،
هُن سان ڪو واسطو رهيو ناهي.
آئون تو ۾ ۽ مون ۾ آهين تون،
هاڻ ڪو فاصلو رهيو ناهي.
درد توسان نڀائجي ها مگر،
دل کي پر حوصلو رهيو ناهي.
گڏ ته ”سُندر“ هُئا ڪَئي ليڪن،
هاڻ ڪو قافلو رهيو ناهي.