هاڻ ته آهي دل جي منزل خاموشي.
جيون ڀوڳي آهه مسلسل خاموشي.
پاڇن وانگر هڪ ٻئي ساڻ مليا هُئاسين،
يادن ۾ سي رهجي ويا پل خاموشي.
درد نه تنهنجو شور اِهو سمجهي سگهندو،
پنهنجي دل جا سُور اچي سل خاموشي!
ڪڏهن ته بڻجي پَوندي آهه گهٽا گهاٽي،
ڪڏهن ته لڳندي آهي دلدل خاموشي.
هوريان، هوريان دل کي ويڙهي آهه وئي،
تنهنجي اوسيئڙي جي آ ول خاموشي.
شور سناٽن جو آهي هر طرف رڳو،
”سُندر“ شل ڪا ٿي پئي حاصل خاموشي.