ڪَئي خواب سُرمَئي، کڻي رات آئي.
ستارا، ستارا، بڻي رات آئي.
سڄو ديس بڻجي ويو رات راڻي،
الئي ڪهڙي خوشبو هڻي رات آئي.
ڏنو ڪنهن به آٿت نه هُن کانسواءِ،
ٿي آٿت مگر هڪ ڄڻي رات آئي.
اسانجو ڏسي خالي دامن ڏُکارو،
پنن جيئن اُڀ مان ڇَڻي رات آئي.
ستارا سندس ڄڻ ته سينگار آهن،
سُهاڳڻ جيان اڄ بڻي رات آئي.
لَهي چنڊ آيو هُيو ڄڻ ته ”سُندر“،
ٻکن ۾ ڀري پدمڻي رات آئي.