ڪيڏو هو آواز مِٺو اُن لوليءَ جو.
ياد اچي ٿو چين اَمڙ جي جهوليءَ جو.
ڪيڏو سُهڻو اُڀ ستارن ساڻ لڳي،
عڪسُ، پرين آ اُن ۾ تنهنجي چوليءَ جو.
اُڏري ويا سڀ پنڇي وڻ تان ڀڙڪو ڏئي،
جيئن ئي ٿيو آواز اچانڪ گوليءَ جو.
ڪاش مان تنهنجا خواب سڀئي رنگين ڪري،
بڻجي رنگُ هوا ۾ اُڏران هوليءَ جو.
ساگر ۾ هُونءَ هر پل ساڻ رهن ٿيون پر،
”سُندر“ پو به وجود الڳ هر ڇوليءَ جو.