زندگاني ايتري آ. زندگاني ايتري آ. ڳل مَٿان تِر جيتري آ. پيار مان ٻانهون پکيڙي، هُن چيو، دل هيتري آ. خواب ۾ خانه بَدوشي، عاشقي جي بَهتري آ. تنهنجي ڀاڪر جي ڪَهاڻي، ڪير ڄاڻي ڪيتري آ.؟ پيار! تنهنجي زندگاني، آسمانن جيتري آ.