شام جو ڳاڙهو ائين آسمان هو.
ڪنهن جي سُرخيءَ جو لڳو نيشان هو.
پيار بن جو وقت گُذري ويو هتي،
سو لڳي ٿو زندگيءَ جو زيان هو.
رات گهر ۾ ڪيتري هُئي روشني،
رات آيو پاڻ وٽ مهمان هو.
درد، ڪمرو، هوءَ ۽ ڪجهه ها ڪتاب،
هيءُ جيئڻ جي لئه مليو سامان هو.
هاڻ سو نظرون کڻي ڏسندو نه آ،
ڪالهه ڪيڏو پنهنجو جنهن وٽ مانُ هو.
راهه ڀٽڪي ڀي پُڳاسين ماڳ تي،
تو ۾ جو پنهنجو پڪو ايمان هو.
موت جي ڪُن ۾ به ٻُڏندي او پرين!
تو طرف پنهنجو سمورو ڌيان هو.