بي رنگيون، بي واس جيون جون ڪَليون.
تو سوا ويران هِن دل جون ڳليون.
چنڊ مونکي ڇو پري کان ٿو تَڪين!،
اچ ته ويجهو سور ٻئي گڏجي سَليون.
رات ڀي واعدو اچڻ جو تو ڪيو،
رات ڀي منهنجون ٻئي اکيون جَليون.
ڪا ته ويندي تون اچڻ جي پڪ ڏي،
يا کڻي بس پاڻ ئي پنهنجو پَليون؟
ايتري ڇو ڏور ٿي وئي آنهه تون،
آءُ جلدي روح هڪ ٻئي سان رَليون.
انتظارن جي خزان ويندي ”سُندر“،
نيٺ ٿينديون آس جون سايون وَليون.