مينهن بڻجي سٽين، ڳڙو آهين.
وقت! ڪيڏو نه بي وڙو آهين.
خواب نيرا کڻي نگاهن ۾،
ڪنهن لئه آڪاس! ايئن کڙو آهين.
ڪينَ هڪ ٻئي کان جُدا ٿينداسين،
مان جي هان ڪُلف تون ڪڙو آهين.
آسمانن جي ڄڻ ته صحرا ۾،
سج! ازل جو اُڃو گهڙو آهين.
زندگي جي ٻَڌل ڳلي ۾ تون،
درد! پيو ٿو وڄين! چَڙو آهين.