پاڻ سُڃاڻ
پيءُ جو نالو: محمد اسحاق
ذات : سومرو
جنم جي تاريخ: 15 جنوري 1934ع
ڳوٺ: جنھاڻ سومرو، تعلقو ٽنڊو محمد خان، ضلعو حيدرآباد سنڌ
تعليم: پنج درجا سنڌي
شعر و شاعري جي شروعات: 1949ع
ھونئن ته ھر ماڻھو کي ڪونه ڪو ڌنڌو ورثي ۾ ملندو آھي، پر منھنجو والد صاحب پنھنجي وقت جو ”صفت“ جو سٺو شاعر به ليکيو ويندو ھو. پاڻ بذات خود مولوي به ھو ۽ سندس آواز ڏاڍو مٺو ھوندو ھو. ساڳئي وقت ھو ڪڙمي به ھو، ۽ مختلف قسم جا واپار ڌنڌا به ڪندو ھو مسڪين کي وڏي اُڪه پالڻ لاءِ مختلف جتن ڪرڻا ٿي پيا. ننڍپڻ کان جواني تائين پرورش سکئي نموني ٿيل ھئس. پارسيءَ ۽ عربيءَ جو سٺو ڄاڻو ھو. اکر تمام سھڻا ھوندا ھئس، ڪنھن ڪاتب جا ئي اھڙا سُٺا اکر ٿي سگھيا ٿي!
اسان جو ڏاڏو مرحوم ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو ھو ۽ گذر سفر سٺو ھوندو ھو. ۽ ائين ئي بابا مرحوم لاڏ ڪوڏ سان ننڍپڻ کان جواني تائين پليو.
ھاڻي واري پَڊ کان ھڪ ميل پري، پُراڻ نالي ھڪ پڊ تي ڪنھن مجبوري سبب ٺھيل ٺُڪيل گھر ڇڏي. نوان گھرڙا ٺاھي، نئين پَڊ تي اچي رھڻ لڳا ۽ مرحوم اتي وفات ڪري ويو.
انھي نئين پَڊ تي جيڪا به مائٽاڻي پوُنجي ۽ ٽپڙ ٽاڙي گڏ ٿيل ھئا، سي گھر کي اوچتي باھ لڳڻ سبب سڙي رک ٿي ويا. ڪا به شيءِ باقي نه بچي.
ٽي چار سال اتي رھڻ کان پوءِ ساڳي اڳوڻي پڊ تي واپس اچي رھڻ لڳاسون. بابا سائين ھاڻي محنت مزدوري پوري سوري ڪري سگھندو ھو. ٻنيءَ جا اڍائي ايڪڙ پوءِ به آباد ڪندو ھو. ھر سال ٻُھي سميت ٻارھن ڪاسا ٻاجھري اُن مان ٿيندي ھئي. ھميشه پاڻي لاءِ ”اٽڪ“ ۽ ”ڪوٽڙي“ پيا پڇندا ھئا. ميرن جي کوٽيل واھن جي پُڇڙين جو ٻَنيون مڙيئي اَنڌيون منڊيون آباد ٿينديون ھيون، پر چوندا ھئا: ”ابا، سڀري ڀاءُ کان اُڀري ٻني ڀلي.“
بابا مرحوم کي آخري وقت ۾ سلھَه جي بيماري ٿي پئي، پوءِ ته حڪيم شمس الدين وٽ حيدرآباد ايندي ويندي پنجن سالن ۾ انھيءَ موذي مرض نيٺ تاريخ 15 مارچ 1945ع تي سندس جان ورتي.
ان وقت منھنجي عمر فقط يارھن سال ھئي ۽ مون چوٿون درجو مُلا اسڪول ۾ پاس ڪيو ھو. پنجون درجو ته مُلن مون کي امتحان واري ڏينھن گرانٽ حاصل ڪرڻ لاءِ امتحان ۾ ويھاري مڙيئي پاس ڪرائي ڇڏيو.
پر مون کي پڙھڻ جو بي انتھا شوق ھو ٻاراڻي درجي کان چوٿي درجي تائين ھميشه تعلقي ۾ پھريون ۽ ٻيو نمبر ايندو ھئس، بابا جي مرڻ کان پوءِ اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ مون پڙھڻ ڇڏي ڏنو. ٻارھن سالن جي عمر ۾ ھڪ گڏھ وٺي، ان تي واپار ڪرڻ شروع ڪيم. ٻَني جي مياڻ کان پَلا کڻي ڳوٺن ۾ کپائڻ ۽ سياري جي مند ۾ ڪَپُور تان خوجن جا ڳُڙ سودي گھر گھر کپائڻ ۽ مختلف قسمن جا سامان گجر بصر وغيره وڪڻڻ ۽ گذر سفر ڪرڻ شروع ڪيم ۽ ساڳئي بابا واري ٻني به آباد ڪندو رھيس ۽ اھي ساڳيا ٻُھيءَ سميت ٻارنھا ڪاسا ھليا آيا. ربيع ته ٿيندي ڪانه ھئي، ڪَتي جا ٽي مھينا بُگو ھڻندا ھُئاسين. پاڻي ته اڍائي ٽي مھينا مشڪل سان ھلندو ھو.
بھرحال، اھڙي رواجي ماحول ۾ آءُ رومانٽڪ نموني جي شاعري ، ڪافيون، ڪلام به ٺاھڻ لڳس. پاڻ مرادو ڳائڻ، مولودين سان مولود پڙھن، غزل پڙھڻ اھو به پنھنجو شغل ھوندو ھو.
اسان ٺٺي ۽ حيدرآباد جي ضلعن جي وچ جي سرحدي ۽ ٻيلي جي ڪنڌيءَ جا رھواسي مارو ماڻھو آھيون، مال جي ڪري اسان جي اُٿي ويٺي ٻيلي سان گھڻي پئي رھي آھي. ھينئر ته مولچند ٻيلو وڍجي تقريبا ختم ٿي ويو آھي، پر ڪو وقت مولچند ٻيلو، ڪچو توڙي پڪو مست ٻيلو ھو. پنج مڙس ڪُھي، ويڙھ ۾ ورائي ڇڏي ته سؤ سال سماءُ ئي نه پوي.
بابا جي وقت ۾ اسان وٽ ٻه ٽي ڳئون ھونديون ھيون ۽ اُھي به بابا سان گڏ مري کپي ويون ۽ ڪجھه چوريون ٿي ويون ۽ ھميشه اسان ڳوٺ مان لسي وٺي مڙيئي گذر سفر پيا ڪندا ھئاسون.
مون سِڪي پِني سترھن ارڙھن سالن جي عمر ۾ ھڪ مِينھن ورتي ۽ اُھا مينھن ڏھن پندرنھن ڏينھن کان پوءِ چوري ٿي ويئي.
اسان وٽ ٻيلي ۾ مال جي چوري عام ھوندي ھئي. اسان جي چوري اڪثر پاسي ۾ ويٺل پليجا راڄ ڪندا ھئا. ڇورا اسان جيڏا ڪاٽڪُو، جيڪي مال ۾ ڌراڙ به ھوندا ھئا. مال سڀني راڄن جو ٻيلي ۾ گڏ چرندو ھو ۽ ھو مال سان مينھون گڏي، ڪاھي ويندا ھئا. يا ڇِني، ٻيلي ۾ ٻَڌي، ٿَم ڏياري، رات جو ڪڍي ويندا ھئا ۽ سومرا ڀنگ ڀري مال واپس وٺندا ھئا. اھو سلسلو اسان سمجھه ڀريا ٿي ڏسندا ايندا ھئاسين. مون واريءَ مينھن جو نه پيرُ نه کُر، نه گھورو نه گھورپ ڪرڻ وارو، ٻيو مڙيئي ٿيو خير. مينھن ويئي ھلي، ھُئي ته پڪ پليجن وٽ، جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونه ھو. مينھن جو ننڍڙو ڦر جڏھن رات جو دانھون ڪندو ھو ته منھنجي ننڊ خراب ٿي پوندي ھئي ۽ ٻه ٽي راتيون ننڊ نه آئي. آخر مون پاڻ مرادو فيصلو ڪيو ته آءُ چوري ڪندس ۽ پليجن جو مال ڪاھيندس.
صبح جو مون گڏھ وڪڻي، پيري ڪاريئي کان ڪھاڙي ٺھرائي، ھڪڙو پاڻ جيڏو ڇورو وٺي ٻيلي مان پليجن جون ٽي مينھون ملوڪ ڏسي ڪاھي اچي گھر ٻڌي ڇڏيون! پليجا پير کڻي، ميڙ ڪري آيا. مون مينھون قبول ڪيون، پر ڏيڻ کان انڪار ڪيم، ڳوٺ جي ماڻھن ساٿ ڏنو. پليجن اسان تي ڪيس وغيره به ڪيا، آخر فيصلو ٿيو، مون کي مينھن جي ڀرجي ملي، مون مينھون واپس ڪيون.
پر پليجا چوريءَ کان نه مُڙيا ۽ اسان جو ڦڏو شروع ٿيو ۽ ائين ھڪ ٻئي جي چورين ڪندي، آءُ به ھڪڙو ڪاٽڪو ٿي پيس ۽ پنج سال برابر چوري ڪندو رھيس، ائين ڪونه ھو ته منھنجو ڪو روزگار چوريءَ تي ھو. ڌنڌو ته ٻيو پيا ڪندا ھئاسين. ٺيڪدارن وٽ مُنشي گيري ۽ ٻيا به ٿورا ٿورا ڪم پيا ڪندا ھئاسين، پر ڪاٽڪوئن سان لين دين ھلندي رھندي ھئي، پوءِ ته سائين ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. ڏاڍو مڙس، اڇي ڪھاڙي، بوسڪي جو پٽڪو، مڙس ڪاٽڪو، ڪڏھن ڪٿي ڪڏھن ڪٿي اوڻويھه سال عمر، ڦوھ جواني، انھي وچ ۾ عشق به پئي ڪياسين. سوپاريون، سنيھا، انجام، راتيون، ڪھاڙي، ڊپ، پنڌ ٻيون ڪھڙيون ڪھڙيون عجيب ڪيفيتون ياريون باشيون، دوستيون دشمنيون، اھا ھل ھلان پنج سال ھلي ۽ پوءِ ھڪ احساس منھنجي وجود کي ايترو جھنجھوڙيو، جو آءٌ ڪڏھن ڪنھن جي ڪَکُ تي ويجھو نه ٿيس.
جيئن جيئن شعور وڌنڌو ويو، تيئن تيئن سوچ عجيب پاسا بدلايا. خدا جي خدائي، مذھب، الله جي حڪم احڪام، انسانن جون حالتون، طبقاتي ڪشمڪش، ڏاڍ ۽ اڻ برابري، ظلم ۽ تشدد، ھاري زمينداري، حساب ڪتاب، لُچايون، بدماشيون ٺڳيون. سوچيندو ھئس ته اھي ڇو آھن! اھي سڀ سوچ جو پيڙائون، سڄي رات سيرانديءَ کان ويھي پنھنجا مضبوط چنبا دل ۽ دماغ تي ھڻي، ننڊ حرام ڪري ڇڏينديون ھيون ۽ دل کي ٺارڻ لاءِ ھڪ عجيب غريب حَسين جميل، سگھي جسم سان سُھڻي صورت کڻي، مون وٽ ڪا ڏات نالي پدمڻي پکي ۾ پير رکندي ھئي ۽ چوندي ھئي : ”سڀ پيڙائون مون ۾ سموئي ڇڏ“ ۽ پوءِ پني تي پين سان اُڪير ڇڏيندو ھئس ۽ جسم ھلڪو محسوس ڪري سمھي ننڊ ڪندو ھئس.
منھنجي ذاتي مشاھدي ۾ ڌرتي تي پلجندڙ ھر شيءِ قريب نظر مان گذرندي ھئي. مختلف رنگ، سُھاڻيون، چمڪندڙ چيٽ، سونن جھڙا سنگ، ڍنڍون ڍورا، ٻنيون ٻيلا، برساتن جا روپ، پوٺا جبل، وڻ ٽڻ، صبح جي ماڪ، سج جا ڪرڻا، ڍنڍجي ڪناري جي ڇٻر، چانڊوڪيون راتيون، رس رھاڻيون، سُڳنڌ ساز ۽ سرندڙا، پري پري کان فراق ماريل ٻانھيارين جا ٻول ۽ جھونگارون، ڳجھا بيت، ڳجھارتون، نشانيون، سڀ منھنجي مشاھدي مان گذريل آھن. واھري تي ورڻ مھل ھارين جون ھونگارون، ڪانگن جي ڪان ڪان، مال جي ڦرن ڏي موٽ، چنگ چڙا، للڪارون، تنوارون ۽ ٻيون انيڪ شيون. مون دل جي گھرائيءَ سان ھر ھڪ کي پنھنجي ڄاڻ آھر پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳئي وقت زندگيءَ ۾بکون ، پنڌ، تڪليفون، اوجاڳا، رولڙا، مطلب ته سڀ احساس ذاتي زندگيءَ جي مشاھدي ۾ آيل آھن.
پوءِ ”روح رھاڻ“ رسالي سنڌ جي نئين ٽھيءَ ۾ 1962ع ۽ 1963ع کان نئين جاڳرتا پئدا ڪئي. 1965 1966 ۾ مون کي به انھيءَ جي خوشبوءَ اگھور ستل ننڊ مان جھنجھوڙي، اُٿاري، ڪا تعجب جھڙي ڳالھه ٻُڌائي ۽ منھنجي ذات مون وٽ نئين روپ ۾ اچڻ لڳي، جنھن مون کي قومي احساس ڏياري، 1967ع کان مونکي مجبور ڪيو ته قومي فرض جو رھيل قرض توکي لاھڻو آھي. منھنجي نس نس ۾ اڳي ئي طبقاتي گھٽ وڌائي ٻارڻ ٻاريو بيٺي ھئي ۽ ويتر قومي فرض شامل ٿيڻ سان نئين واٽ کُلي پئي.
ان وقت اسان جي سٻاجھڙي سنڌ جي ڪجھه شاعرن جيڪا سين سڱين مان ساھي ڪڍي، سا پولار ۾ پکڙجي، ڪن ڪن ماڻھن جي ڪنن تائين پھتي، ان ۾ ڪجھه ڳاڻ ڳڻيا شاعر ھئا. آءُ نالن کڻڻ کان معذرت ڪندس، جو متان مون کان ڪو نالو رھجي وڃي، پر آءُ شيخ اياز جي نالي کڻڻ کان سواءِ رھي ڪونه ٿو سگھان، جنھن ٻئي ھٿ ڪنن ۾ وجھي، اھڙي ٻانگ ڏني، جنھن جي پڙلاءُ جو واسو ڪارونجھر جبل کان ڦري، مڪليءَ ۽ رني ڪوٽ کان ٿي، موھن جي دڙي ۾ رھندڙ روحن کي به آٿٿ پھچائي. اياز شاعريءَ ۾ لفظن کي سٽن پاڻين سان ڌوئي استعمال ڪري ٿو. فقط ڪمي ھي آھي جو اُترئين علائقي ۾ رھڻ سبب وٽ ٻوليءَ جي گھٽتائي آھي. ٻوليءَ جو خزانو لاڙ ۾ بي انت آھي، ان جي باوجود جڳ ۾ جھڙس شاعر ڪونھي، اياز اڻ مرڻو شاعر آھي.
[b]منھنجي شاعري
[/b] ھڪڙي ڳالھه ته آءُ خود پاڻ مان ۾ مطمئن نه آھيان، ڇو ته گھڻ ڪمون ماڻھو، طبيعت ۾ ٽڪاءُ گھٽ ، لااُبالي ۽ غير ذميوار، جھڙو شعر، جتي لکيم، اھو اتي بس ڇُٽو، ان کي ڏسي، اصلاح ڪري، سليقي سان ڪاڳر تي اٽڪائي ڇڏڻ به منھنجي وس جي ڳالھه نه آھي.
مون شاعري جو ڳچ حصو جيل ۾ لکيو. جيل ۾ ايڪيتاليھه مھينا عرصو چڱو کاشو حياتيءَ جو حصو آھي. ان مون کي وڌيڪ شاعري لکڻ کپندي ھئي پر آءُ لکي نه سگھيس، بلڪه آءُ سمجھان ٿو جيل ئي شاعري ڪرڻ لاءِ موزون جڳھه آھي.
منھنجي شاعريءَ ۾ ڪيتري ڪمي پيشي آھي. سا ڳالھه آءُ سنڌ جي انيڪ ڄاڻو ماڻھن تي ڇڏيان ٿو، جيڪي پنھنجا رايا ۽ تبصرا لکي منھنجي رھنمائي ڪندا. باقي مون ته ھڪ وقت جي پُڪار جو پڙاڏو بنجي، پنھنجي ناقص ۽ ادنى علم ۽ سوچ سان رَنڊا روڙيا آھي، جيڪي سڌا سنوان مختلف روپن ۾ سنڌ واسين لاءِ پيغامڙا آھن.
منھنجي دل جي ھيءَ آس ھميشه پئي رھي آھي ته ڪچا ڦڪا قول قوم تائين پھچڻ لاءِ ڇپائي ھيٺ اچن، ويچاريندي ورھيه لنگھي ويا.
ان وچ ۾ منھنجو سڄو بياض چوري ٿي ويو ۽ مون آسرو لاھي ڇڏيو. ور منھنجي ڀاڻيجي، غلام محمد ”آزاد“ سخت محنت ڪري ڪيسٽن تان ھِتان ھُتان، ڪوشش ڪري، ٻه حصا کن شاعري ھٿ ڪري ورتي، ۽ بعد ۾ وري اُميد ٿي پئي ته ڪڏھن نه ڪڏھن ڇپجي پوندو ۽ اُھو ڏينھن به آيو ته ھڪ پڙھيل ڪَڙھيل سنڌ جي سچيءَ مٽي جي ماڻھوءَ ان شاعري ۾ ڪجھه خوبيون ڏسي، يا ڪنھن ٻئي خيال سان سندس خاص دائري ۾ رھندڙ دوستن کي گڏ ڪيو ۽ ”پريم نگر پبليڪشن“ طرفان فيصلو ڪيو ويو ته اھو ڪتاب ڇپجي، انھن دوستن جا نالا فھرست طور مختلف احوال جي بجاءِ انھن دوستن جو ذڪر آءُ تفصيل سان مناسب موقعي تي ضرور ڇپائيندس. جيڪو مسودو به مون وٽ تيار آھي.
[b]معافي[/b]
جيئن ته ھي ڪتاب مون ڏکين حالتن ۾ ڇپايو آھي، ۽ تجربي نه ھئڻ ڪري ھن ۾ ڪافي غلطيون به ٿيون آھن، جھڙوڪ: ترتيب ڏيڻ ۾، ۽ ٻيون ڪافي چُڪون رھجي ويون آھن، خدا گھُريو ۽ پڙھندڙن جي چاھت رھي ته ان جو ايندڙ ايڊيشن صاف سُٿري نموني سان ڇپرائي پڌرو ڪندس.
مُنشي محمد ابراھيم
4 مئي 1985ع