شاعري

گوندر ويندا گذري

ڪتاب ”گوندر ويندا گذري“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو :
”ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
Title Cover of book گوندر ويندا گذري

شھيد عبدالرزاق سومرو جي عقيدت ۾

شھيد عبدالرزاق سومرو جي عقيدت ۾

سنڌوءَ سينڌ سُڪلَ، رت گھُريو راڻن ڪنان،
بھادر ڏيئي بُلَ، سِر سَھايو سومري.

سنڌ صدا ھنئي سِرَ جي، چوري چاڙھي چنگ ۾،
ثابت قدم سومري، آڇيا پنھنجي ننگ،
مٿو ڏيئي ملنگ، ڏٽي ويو ڏياچ کي.

سَٺا سنڌ لئه سومري، ڇاتيءَ منجھه ڇُڙا،
ڪُونڌر تو ڪُرا، ڪائر ٿيو ڪونه ڪو.

ڪُسي ڪوسو رَت، سورھيه ڏنو سنڌ کي،
جلندڙ نگر جيجل ۾، سوڍا ڀريئي سَت،
پوري پاريئي پت، ڪاٽي ڪنڌ ڪُڙم سان.

تون گھُريو ھن گھوريو، سڏ سان ڏيئي سڏ،
صدقي ڪيئن سنڌ تان، ھڪل سان ئي ھڏ،
اھڙن پُٽن پَڏ، سدا ڀل تون سندڙي.

تو گھُريو ھن گھوريو، وڏا ڏيئي واڪ،
بھادر بيباڪ، سِرَ ڏيئي ٿيو سُرخرو.

جنين سَٺا سِر تي، ڦاسيون ۽ ڦٽڪا،
مُور نه تِن مورن ۽ مانجھين مٽ ڪا،
پُسائي پٽڪا، مون جھا ڪئين موٽيا.

ڪيڏو ڏونگر ڏوريو، ڏکيو ڏکوين،
ڌرتيءَ جي ڌيان تي، ڪا جا ڪل پين،
جلن ۽ جيئن ، ڏسيو وارو ويسرا.

جيڪي رھيا جيل، سي سڀ منھنجا سنگتي،
ھاءِ مونکي ھيل، ڪيئن نڀاڳ نھوڙيو.

پورھيت پير پدم، جوٺو ٻيو سڀ جڳ ھي،
سندن دم قدم، آھي ڪارن ڪُلَ جو.

وڏا ھاري وڙ، ساري ھن سنسار تي،
حاتم ۽ سپڙ، تنھنجي اڳيان تِر جيئن.

سنگ سنگ ڏيئي ساھ، کري ۾ کوڙيون ڪرين،
تو نه سريو گاھ اَن ارھندن ميڙيو.

لوڪ سڄو ٿيو موڪ، تون ھاري پُڇين ھُرلا،
رَتَ جي رُتِ نه روڪ، ته تون پڻ موجون ماڻيئين.

ڏينھن ڏينھن سارو ڏيھه تون ڪيئن رھين رات ۾،
ڪُٽي ڪارو ديھه، ڪڍين ڪوھ نه ڪُڙم مان.

ڏوري لھه سو ڏينھن، جنھن ۾ رات نالو ناھي ڪو،
ناتو تنھن سان نينھن، ڏيئي رت رچاءِ تون.

کيرو کائي کريا، سمھڻ نه ڏيئندئي سک سان،
کڻ کاھيون، ٻڌ ڪوڙڪيون ويھه نه وڳ وريا،
ڇلا مَنگڻ ڇيڪ اڳ، ڀُونڊڻ پير ڀريا،
سوئر سنگ چريا، تون سُتو ساھين ھڏڙا.

اُٿي ڇَڙوڇاٽ، ٻَڌ کَڙھَ تي کُڏڻان،
رکي ٽپ ٽارن جا، ويھه جھلي تون واٽ،
تون خود آھين توبچي، ڪر ڪُلھي ٿِري ناٽ،
گولي ٿئي گھوگھاٽ، جيئن پير چوري پٽ تان.

ڪريو ڪو ڪونڊو، ڪُڙمي ڪُونڌر گڏجي،
سوئر سنگ چري ويا، پوءِ چٽيندا چونڊو،
ڀونڊي تي ڀُونڊو، سدا سَھندا سنڌ ۾.

رک، پنھنجي رک، واڙي واڙي واڙسين،
جي ڀنڀرڪي ڀيلي ويا، بُک جو ٿيندين بَک،
پتا ۽ پن ڪک، سانڍ سدائين ساھَ سان.

جاڳيو سارو جڳ، تون سُتين سري ٻانھن ڏئي،
ھاڻو رات ھڻي ويا، واري ڪيئي وڳ،
اُٿو ڦِرون اڳ، لوڙائن کي لنگھه تان.

ڪنو آھي ڪڻم، جھيرن جھانگيئڙن جي،
ڪارون بنگلا ڪُرٽي ويا، ھيڻن ھڏا چم،
ھاري اُٿو ھڪ ٿي، ڪريو ھم نه تم،
برسائي ڪي بم، وٺون واڳ وطن جي.

لٺ تي ڏيئي لٺ، ڌارين ڌِڪي ڌار ڪر،
ويھه نه ھڪ پل ويسرو، وٺ ڪري وٺ وٺ،
تُرت ھڪالي تن جا، ھوڏ ڀڃي ڇڏ ھٺ،
ڪھڙا ڪندين ڪٺ، جي وڏا وڳ وري ويا.

جھوتون ڏين جھنگل، چورن رسا چيلھه تي،
ٻڌئون مينھن وڇ ٻڪري، ٽِرڪائي سان ٽَل،
پير لڪائي پُريا، ماري ويا منزل،
ڪڙون ڪڙي ڪاھي پيئي، پويان ته ڀاڳين گھل،
جي لڪائيون ڪنھن لل، ته ڀاڳين ڀُنگ ڀري ڏنو.

چور به ڄڻا چار، پتي پنجاھُ سؤ ملي،
پر جي پڌرا ٿي پيا، ڀاڳين ڪئي ڀرمار،
ٿاڻا پُليسون ٿرٿلو، سڪمون صوبيدار،
پنجھا سؤ مان نه پرچي، ھر ھڪ کان ھزار،
وٺيندو سڀ وھنوار، ويھي وڏيرن وچ ۾.

چور به اُھي زور، جي وڏيري وھاريا،
اشاري تي اُن جي، ڪاھين ڍڳا ڍور،
اُھي ڪتا بَڇ جا، وجھن جھانگين جھور،
اھڙا ٻه ٽي چور، ھر وڏيري ھٿ ۾.

کاٽڙيا، ڌاڙيل، رسمي رساگير ٻيا،
بِشني، ٺڳ بدمعاشيون، اھي ننڊا کيل،
وڏا ڪن سي ويل، جي صاحب ھن سنسار ۾،
ھن جي پيٽ پلاھ تون رُکيءَ تي راضي رھين،
سنگ سنگ ڏيئي ساھ عيش ڪرائين اُنَ کي.

ڇَٽَ اھڙي ڇَٽ، جيئن سَلا مورن سڀرا،
پورو پاڻيءَ ڀاڻ ڀريون، گھوٽ نه ڪجئين گھٽ،
ويئي ڌرتيءَ وٽ، ته سِڪندين سدا سنگ لئه.

تڙ تان ڇورا تڙ، ھي گورم ڪنھن جا گڏيا،
لوٽن لڱ ليڙا ڪيا، ڌُٻي پيو ڌڙ،
مون پنھنجا ڪِين پياريا، تون ڪرين ويرين تي وڙ،
ھڪل ٻيا ھڙ، آئون پنھنجا پياري وٺان.

چوري ويا چري، ساري سيڙھا سانگ جا،
ويئي ڀونءِ ڀڙڀانگ ٿي، جا ھميشه ھَري،
تڙي ڪڍون تر مان ، نه ته ٿيندي ڳالھه ڳري،
پئو ماڳ مري، پر ڦر نه ڦِرڻ ڇڏيو.

مِڙ ڏيئي ڪڍ مڙ، ڪا پونچاٽيل پاسي نه رھي،
کائي، کل سائي ڪندي، پوءِ نه ڇڏيندي پِڙ،
ٺَلھه تي ٿيندي ٺِڙ، ھي آھي ذات حرامڙي.

وڏيري جو وير، قائم پنھنجي قوم سان،
ڌارين جا ھن ڌرتيءَ تي پُختا ڪن جي پير،
اھڙا ڀاڙين ڀير، ڌٺاسون ڪئين ڏيھه ۾.

ڌرتيءَ جا ڌاڙيل، پريان ئي سي پڌرا،
ور ور ڏيئي وانگين سان، تن وڏا ڪيا ويل،
مانجھي ڪريو ميل، ته ڏاڍُ لاھيون ڏيھه تان.

ڄاڙيم بڪ، لٻاڙ، آھي وڏيري ورثو،
پنھنجي ھڻي، پنھنجي کڻي، پنھنجي وات ولاڙ،
جي سانگين سيني ساڙ، سي ٻڌڻ کان ٻرو چڙھي.

صبح، سانجھي، شام، پيٽ بکيا ڪن پورھيو،
بگھڙ ميڙي ڪن بڀ ۾، ھڻن روز حرام،
اھو جي اسلام، ته ٻيلي پنھنجي بس آ.

پيتو رت پورھيت، درندن دوکو ڪري،
آڙ وٺيو اسلام جي، پاڻ بچائڻ پَت،
تن لُٽيرن لعنت، جن آھي ڏيھه ڏڪاريو.

اوڏانھن اَڏين نِجھرا، جيڏانھن وسي وس،
وڏيرا ھن وطن جا، ڪنھن پر سھن نه ڪس،
وارث والي قوم جا، ھي پُرين کان پس،
ناھي سگھي نس، ڪميڻن جي قوم لئه.

ويھه، وڏيرا ويھه، تولئه ماڙي مالڪ موڪلي،
ھارين مڪئين ھر، ۽ ٻيو بُک جو ديھه،
تون اُڏا، عيش ڪر، تو ڏي ڪمائي ڏيھه،
کاءُ تون کنڊون گيھه، اسين رُکيءَ تي راضي رھون.

ڪارو ھي قانون، جيئي ڪيئن نه جڳ ۾،
پيئي رَتُ پورھيت جو، خوراڪ آھس خون،
ھڻن ان ھٿيار سان، ڌاڙا گونان گون،
چوري ڪريو چُون، ملڪيت مالڪ موڪلي.

کاتا مِڙ ئي کاتا، ڪھڙا کاتا کوليان،
وزير کان سوار سڀ، پرکيم پنج واتا،
سڀن جا اِن سودي ۾، نينھن ڀريا ناتا،
سڀيئي ساکاتا، ڏٺا ڏيھَه اکين سان.

ڦٻي تن کان ڦر، سدائين سماج جي،
بيڪارن جي بُر، ھاري ڀرين ھٿ سان.

آھي ڪينسر قوم ۾، وڏيرڪو وجود،
ڪيا جنھن قوم جا، نسل ڪئين نابود،
شاھد ۽ شھود، آھن ھارين حالتون.

وڏو آھي وِيھُه، وڏيرڪي وجود ۾،
ڏنگي ساري ڏيھه کي، تن سِڪايو ساڻيھه،
منجھان گولپ گيھه، پيئو ٿو پوريون ڪري.

ڏينڀُو ڏينڀُو ڏيھُه، چِڪين چارئي ڏِسيون،
ڇت، ڇپر ڇڙيا وتن، ناھي ڇَٽن ڇيھهُ،
ور ور ڀري وِيھهُ، ڪرڙيئون ساري قوم کي.

اصل آھي ڪرڻو، انھيءَ جو علاج،
ھر ڪا ٻي پوءِ ھاج، سولي آھي سنڌ ۾.

اھي اُٺ پکي، نه اُڏار ۽ نه بار جا،
انھن ڪارن گورن کان، گولپ گپ مکي،
انھن ڪانه چکي، انبي آزاديءَ جي.

سمجھي رڙا راڄ، تو ڪلوڙن ۾ قيد ڪيا،
کڳمارا کاھڙ ۾، تو کاڌا ڪئين کاڄ،
پکين پکڙجي وئي، وڏيرا تو واڄ،
ڪنھن ڏينھن ڇني ڇاڄ، ھاري حويليون ھٿ ڪندا.

ھتي لوڪ لنگھڻ، تون ڀت ڀتين تان اُڇلين،
ڏيھي مرن ڏُڪار ۾، تن ڌاريان مڙھيا ڌڻ،
وڏيرا وڻ وڻ، واڪو تنھنجي وقت جو.

اُٿيا افلاطون، ھاڻ نه بچندئي بنگلا،
ليکو ليکي سان ناھي، خون بدلو خون،
گُڙيا گوناگون، ھارين جھنڊا ھٿ ۾.

گولپ ڪندي گُذريون، توکي سن صديون،
اڃا ميٽيون ڪِين ڪِي، تنھنجي باب بَديون،
تنھنجي مُنھن مَديون، پاڪُ وڏيرو پاپ کان.

سِڪن ۽ سَھڪن، کاٽائون کاھڙ سَندا،
ڌارين ڌاڙيلن، ڏوٿين ڏيِلُ ڏنجھا ڪيو.

ڏيئي ڏيئي ڏَڌا، مارين مارُو ماريا،
وتن پنھنجي وطن ۾، ٻاٻاڻا ٻڌا،
لاکيڻن لڌا، آزاديءَ جا اولڙا.

ويرين واري ونگُ،وڌا ويڙھيچن کي،
نه ڪا چُون پچار ٿي، نه ڪي چُريا چنگ،
گھوٽي گھاٽي ڀَنگ، ڪنھن پياري قوم کي.

ڏٺم ڏيھا ڏيھه، ڏوٿي ڏکن ڏُٻرا،
ڌارين ڌرتيءَ تي ڪيو، وِھن ويچارن ويه،
گُرگ پيئنِ، گيه، ڌڻي ڌوڙن ڀُلڪيا.

جن نه پلجي جوءِ، سي به اسان تي آڪرا،
ھِتي ھرڪو چوءِ، ھيرن کاڻيون ھُتِ مون.

اھڙن سان اُھڃاڻَ، ڏسان جڏھن ڏيه ۾،
اندر منھنجو ائين جلي، جيئن باھ پُراڻي ڀاڻَ،
ڄرون ڏيئي ڄاڻَ، منھنجو تَن تپائيو.

ڇِتا ڪُتا ڇيڪ، ڀُچر وتن ڀُونڪندا،
جيئن وڏيرا قوم ۾، نالي سندا نيڪ،
مُنھن سبيا ڏئي ماڙُھين، ڪُتن ڏنئون ڪيڪ،
انھن ئي انيڪ، سوئر سانڍيا سنڌ ۾.

مارُن مڱيا ڏينھن، پر ڳڙن ڳوٺ ڳڱاٽيا،
ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ، آيا اباڻن تي.

ٻڌڻي ڪونه ٻاولا، گنجو پيو گُڙي،
جٿو جوانن جو، مرڻ کان نه ٿو مُڙي،
ھي راکا رت ڦُڙي، پلئو وٺن پاءَ سان.

ڪھوڳن ڪھاڙيئين، جھنگ جنين جو ننگ،
پاڻ متارو پڌرو ڪرين، جوتي تن سان جنگ،
انگ انگ اندر انگ، ھي سرِجنديئي سکيا.

سنڌوءَ سدا سانڍيا، سوڍا پُٽ سڌير،
اندر ٻاھر اُجرا، اڇا جھڙا کيِر،
مِٺن سان ماکيان مٺا، ڪڙن لئه وھ وير،
پاڻ ئي ڌرتيءَ ڌير، پاڻ ئي ڌرتيءَ جا ڌڻي.

ڦورن ھٿ ۾ ڦانڊ، ڌرتي ڏسي ڌڪ چِڪيا،
جيئن سُئي مڇي ڪانڊ، لڳي ڦٿڪي نه مري.

جيئن ڄوي ڄم ۾ ڄم، تيئن ڪارا فرنگ سنڌ ۾،
ٻنھين ساڳيو ڪم، راتو ڏينھان رت سين.

جلان ڏسي جلان، ڌاڙيلا ڌرتيءَ مٿي،
ھيڏي آھي ھلان، ته به کاھڙ سڄو کونگھرا.

ڌرتيءَ مٿي ڌم، ڌارين ڌاڙيلن جي،
اٺئي پھر اندر ۾، غلاميءَ جا غم،
صدين کان سھم، سانگين سٺا سنڌ ۾.

سنڌ سڄي آ جيل، جڪڙ جِٿ ڪِٿ جھانگين ،
وانگين مٿي ويل، چارين چوڌاري ڪيا.

ٻَرن ۽ ٻَڙڪن، مارُو ھر، ڪنھن مُند ۾،
ڪوسيءَ منجھه ڪُپاڻيا، ٿڌيءَ منجھه ٿڙڪن،
ويڙھيچا وڙڪن، سدا گُوندر گڏيا.

نيڻن نظارا، ڏٺم ڏکوين جا،
سدا گڏيل گوندريون، مارُو موچارا،
پسي انگ انھن جا، اُٿن اوٻارا،
وانگي ويچارا، ڌاريان اڄ ڌڻي ٿيا.

مون کان ٿا پُڇو، ته ڪيئن ٿو ڪاٽين جيل ۾،
جي سرئان سُور سرير ۾، ته ڪر ڪِين ڪُڇو،
لئون لئون ھوند لُڇو، جي سمجھو سُورَ سنڌوءَ جا.

مون کان مارن ماءُ، جھيرن آھي جھِنجھوڙيو،
گھنگھر گھارين سھندي، گھاون مٿان گھاءُ،
جيئن جنين لاءِ، جھنم جھڙو جڳ ۾.

سنگھارن کي سيڪ، اَلا اچي مَ ڪڏھن،
بيدي رھن بند ھي، ڇُٽي رھن ڇيڪ،
ھو نسورا نيڪ، ويساھ وِسھي وڪوڙيا.

جبل جيڏا جل، جيڏا مون جگر ۾،
ڪريان وس وساڻ جا، ٻيڻا ٻرن ٻَل،
گھوڙا ھيڏي گھل، سر تي سانگيئڙن جي.

جيڏا، جيڏا وڍ، آھن مون اندر ۾،
شال نه ڪنھن جي ڪڍ، ايڏا ھُونِ اڻ ميا.

ٻارڻ ائين ٻَرڻ، اندر منھنجي آڪرا،
جيئن باھ جھوني جھنگ کي، لڳي سر سڙن،
ڀنڀٽ ڪيو ڀڙڪن، سيني سُرَ سنڌوءَ جا.

پراين، پنھنجن ڏنا سُورَ سنڌوءَ کي،
چَڪن ڏسي چاڳلي، منھنجا چاڪ چِڪن،
ٺڳن ٺڳيو ٺل تي، سدا سانگيئڙن،
وارو جي ورن، ته ھاڻو رھي نه ھڪڙو.

مگر منھنجي من، ٻرن ٽانڊا ٻاٻرا،
مون کي ڄاڻ ڄرون ڏنيون، سنڌوءَ جي سُورن،
جيئن منجھه جيلن “منشي” وڏو مامرو.

پوڄيو پنوھارن پوڄيان، جن سان جڙيو جيءَ،
ڪوسيون لُڪون قوم تي، ٻيا پارا سيءَ،
اچي ويرن ور ۾ ويئي وانگين ويءَ،
تن کي لڄ نه ليھه، جي ڌُڙا ڌاڙيلن سين.

ھٿين ھٿ ڪڙيون، منجھن سڻڀيون سنگھرون،
آزاديءَ جي آسري، اٿم جان جڙيون،
ڪندي رات رڙيون، جڏھن ايندو ڏينھن اُھاءِ سان.

لڙھيون اڄ لڙيون، ارتي سنديون اکين مان،
ڦري ڦٽ ڦاٽي پيا، پسي قوم ڪڙيون،
ڏٺم تن تڙيون، ته به رھيون نه روئڻ کان.

اَلا منھنجا انگ، ڌُٻڻ ڇو ڌرتيءَ مٿي،
سُڻان سر وڃڻ جا، چوڌاري پيو چنگ،
جوڌا وڏي جنگ، ڪڙڪي آئي ڪنڌ تي.

کٿن کانئي کل، کولين کامان ڪيئن ڪُڇان،
ٻاھر ٻاٻاڻن تي، ڪَڙا قيد ڪُفل،
ڪُل کي ڪھڙي ڪَلَ، ٻنھين پارين ڇا ٻري.

وھڻ مون لئه وِھ، سُمھڻ ھلڻ سُور ٻئي،
جيئن سوراخون بھه، سِينو تيئن سڀ سَل ٿيو.

نِير وھائي نيڻ، ڦلڻان ٿي ڦاٽي پيا،
جيئن ڪر بتي ميڻ، پگھري پڇاڙي ڪري.

جيجل مون جيءَ جل، ٻاڦون نڪري ٻڙڪيو،
سُورن تنھنجي سنڌڙي، سيني ڪيا سل،
جيئن پکي اڌ ڪٺُل، ڦاسي ڦٿڪي نه مري.

سوين سنڌوءَ سُور، ڏنا مون کي ڏيج ۾،
پارڻ پيا ضرور، ڪنھن پر ڪنڌ ڪڍائيان.

مٽي سان مِٽي آھي جن ازل کان،
ڪن سي ڪيئن ڪِٽي، ٻارن جيان ٻار ٿي.

ڌرتيءَ سندي ڌُوڙ، سرس مون لئه سون کان،
پرکي ڇا پروڙ، ، مٽيءَ سندي مان کي.

سا مون ڌرتيءَ ڌڄ، مھڪ جنھن جي مُشڪ جي،
مادر مٽيءَ اڄ، ڪيئن ولاتون واسي ڇڏيون.

جيڪو جيجل ڏسيو، سو نه پروڙيم پنڌ،
ڪھڙو کڻان ڪنڌ، مُرڪي مھندان ماءٌ جي.

نه ڪانگي نه وانگي، نه وارُو ڪو وِلھيءَ جو،
ڀُڻڪو سُڻان نه ڀونءَ ۾، سُتا سڀ سانگي،
جاڳيا ھُلَ جگر ۾، جيءَ گھمي جانگي،
ٻوليندڙ ٻانگي، ٻُوٿ ٻَڌي ٻوڙا ٿيا.

ڪنن ڪپھه اکين کوپا، ٻوٿن ٻُوٿاڙا،
جھڙا ڪر اٺ جوڳ جا، سدا ستاڙا،
سيني ۾ ساڙا، پر ڪيٻائين ڪُڇڻ کان.

سڪ منجھاران سڏ، ڪيم ڪونڌر قوم جا،
اچو ويھي ورھائيون، گُوندر سنڌوءَ گڏ،
ھڙيئي آھيون ھڏ، جي گڏجون ته ڪو گس ٿئي.

جھانگيئڙن جھيرون، جھُرن جھڄن منجھه جھوپڙين،
متان “منشي” سمجھين، تن جون تقصيرون،
ڪاساين ھٿ ڪات ٿا وجھن تڪبيرون،
جنين جون ڌيرون، تن ئي ڪُٺو قوم کي.

ڇڪليون ڇڪي، ماڙھو لاھيو مُنھن تان،
ساٿي ساٿي سڏ کي، ڪيسين سنڌ سڪي،
جو اندر چھڪ چڪي، سو وڏي وات وتاڙيو.

اندر آ ڪيڙا، پائي پيچ پريت جا،
لاھي سڀ ليڙا، اُٿيا سي آجا ٿيا.

بڪ بڪ، بڪ نه بڪ، ھتي راند آ رت جي،
جي وڙھين تان ويھه تون، نه ته ڪر ٻين ڪڪ،
نڪر وڍائج نڪ، ته سُڃاڻڻ سولو ٿئين.

سُور سدائين سنڌ، سَٺا ڌارئين سڱ ۾،
سُڪائي ساڻا ڪيا، سُورن جنھن جا سنڌ،
ٻريو، ٻڙڪيو، ٻاڦون ڪڍي، ھيڻي ھر ڪنھن ھنڌ،
ڪڏھن کڻندا ڪنڌ، ويرين مٿان واھرو.

ڌارين کي ڌوئي، جنھن ڏنا سجائي سانگ،
تن ڀيلي ڪيا ڀڙڀانگ، ڀُنگا ڀيڻيون ڀاڳيين.

سنڌ ۽ فلسطين، اکر ٻئي ھيڪڙي،
ھُت يھودي پڌرا، ھِت مُنھن ۾ مسلمان،
دل ۾ ٻنھي دين، ھڪڙو آھي ھوُبھُو.

ساڳي صورتحال، سنڌ ۽ فلسطين جي،
ٽانڊي کڻندي بورچي، دنيا جي جنجال،
وانگين تي وبال، ٻنھين پارين ٻريا.

سوگھي سنڌ سَنگھر ۾، مارُن تي مارُون،
ٻُڌئي ڪين ٻيڙين ۾، ٻر ٻر ٻاڪارون،
ڪُٺل ڪُوڪارون، پيئي ڪري پُٽن کي.

سوگھي سنڌ سنگھر ۾، ڏکيا مٿس ڏينھن،
جالي جيجل جل۾، سُک اچي ٿو ڪيئن،
اُتِ نڀاءِ نينھن، سوڍا، سر ڏئي سنڌ تان.

رات به ٻُڌم رڙ، سنڌوءَ سوڍن سڏ ڪيا،
ورو ڪري وڙَ، چِکيا چاڙھين چور پيا.

سوگھي سنڌ سنگھر ۾، سوين ٿيئڙا سال،
وڄي پيئي ويرين جي، ڌرتيءَ تي ڌمال،
ڇورا ڏيئي ڪو ڇال، امڙ کي آجو ڪريو.

سوگھي سنڌ سنگھر ۾، لکين لڱن لوھ،
اُٿي پنھنجي امڙ تان، ڊاھيو ڊوھين ڊوھ،
ڪنھن کي ڏيندا ڏوھ جي سڙي مُئي سَنگھرين.

سوگھي سنڌ سنگھر ۾، ٻيڙين ۾ ٻڙڪي،
ڦورن ڦڦڙ ڦٽيا، ڦٿڪي ۽ ڦڙڪي،
سُورن ۾ سڙڪي، وارو ڪو ور ڪجا.

ڪڍو سنڌ سنگھر مان، مان سورھيه ٿي سُڃان،
رکي سر سانڌاڻ، مُترڪن کي مانُ ڏيو.

ڪڍو سنڌ سنگھر مان، کڻي بم بندوق،
ھر ھنڌ پوري ھاڪ، وونڪا اھنجي ويڙھ جي.

ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ترت ڀڃي تاڙا،
وانگين جا واڙا، اُڀونين اکائيا.

ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ڇڏيو ننڊ نڀاڳ،
ويرين ھٿان واڳ، وٺو پاڻ وطن جي.

ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ھڻي اڄ ھوڪا،
ڌارين جا ڌوڪا، ڌرتيءَ تان ڌوئي ڇڏيو.

ڪڍو سنڌ سنگھر مان، ڇورا کڻي ڇيڻيون،
ڀُنگا ۽ ڀيڻيون، ڀرم ڀاڳيئڙن جو.

لاھو ڪٽي، لوھ ڪڍو سنڌ سنگھر مان،
ڪري وارو ويرين تي، ڇورا ڇَنڊيو ڇوھ،
ڪنھن کي ڏيندا ڏوھ جي پير ڪَڙيون پئجي ويون.

باغي کڻ بندوق، بم به ٻڌج بيٺ سان،
ويرين اھڙو وارو ٿئي، جو ھر ھنڌ پوي ھاڪ،
مانجھي سو ملوڪ، جو سنگھرون لاھي سنڌ تان.

ھل حلالي پٽ، ميران پور معرڪو،
آيا پُٽَ، اکٽ، سُڻي سڏ سنڌوءَ جا.

چري اڄ چُري، ڏُک سڻايل ڏِيل جا،
حلالي ھوڪا ھڻي، ساٿي ٿيا سُري،
تن ڇڳيرن ڇُري، ڪنڌ قبولي پانھنجي.

ڇوري جنھن ڇاتي، پيتي پنھنجي ماءُ جي،
مٿي ڪنڌ ڪاتي، سوئي سھندو سنڌ لئه.

ٿُڪي مادر ٿڃ، چُوپي چُسڪا چار جو،
مُور نه تنھن کي مَڃ، جو کريو امڙ کير کان.

نئين نسل جا نينگرا، ڄامشوري پُل،
مُنھن ٽانڊاڻا ھوڪرا، ڳاڙھا جھڙا گُل،
اصل سي بي مُل، آزادي لئه آتڙا.

نڌر نڌڻڪا نينگرا، وات اچي ويا واگھه،
گھوري جنھن گھاگھه، ڳيت ڏيئي ڳڙڪائبا.

نئين ٽھي نڪتا، ڦليليءَ جي ڦاٽ،
گھاڙيٽو ۽ گھاٽ، جھڙا پُٽ ھڪ پيءُ جا.

نڌر نڌڻڪا نينگرا، ڪيسين نڌڻڪا،
مروڙي مَڻڪا، ڀَڃي ڇُٽندا ڀُوت مان.

نڌر نڌڻڪا نينگرا، مٿان جھولا جھڪ،
پوري اٿم پڪ، جھاڳي چڙھندا جھريون.

ڀونءَ ڀلاري ڀيٽ، چڙھيا جيڪي چاھ مان،
تن جي رت رِجائيا، ڪئين ڪيٽيون ڪيٽ،
تھان پوءِ ڪتيون چيٽ، آجا ٿيا انھن جا.

نونڌيين چاڙھيا نينگرا، جنھن پنھنجا قوم ڪالھه،
اچو پُڇون انھن کان، آزاديءَ احوال،
لاٿي پِيڙ پُرين تان، جن ڏيئي لھو لال،
اڻ ڳڻ ڳُڻن ڳالھه، آھي سدا تن جي.

ڪوپا تئين منجھه ڪُوپ، جيئن پاڏا سانَ پِڙ ۾،
سوني روپي رُوپ، منھن ڄڻ ٽانڊا ٻاٻرا.

جن جا ويا جنگ، سي مَر مَرڪن مائرون،
تن جا مُنھن منجھه مارڪي، کڙھن کُنھنبي رنگ،
ڏيھه سڄي تان ڏنگ، جن ڏُور ڪرڻ لاءِ ڏوريو.

اُٿي الله توھار، متو آ ميدان اڄ،
مائن ڪيئي موڪليا، ڪوُپا پُٽ قنڌار،
آھي آزاديءَ جو، جھيڙو ھي جھوُنجھار،
سنڌڙي جا سينگار، ڌرتي پرتي آھِ تو.

ڏيئي تنگ تڻي، وجھه، تون سَنج سنجاف تي،
ھاڻُو تنھنجيي حد ۾، آيا ھوڏ ھڻي.

ڌُر گڏيا اڄ ڌرتيءَ تي، ڌاريان ۽ ڌڻي،
ٿجئين پير پڻي، متان ماءُ لڄائيين.

پٽم تو پاليم، اصل انھيءَ آسري،
اچين شال ڪُڙم کي، ڪِلي ويلي ڪم،
جيسين پاڇو پت جو، جاني موٽين جم،
مٿان سنڌ سھم، لاھج رت جي راند سان.

وڙھ ۽ تون رِڙھ جيسين سگھه سَرير ۾،
ساجھر کڻي سِڙھ ساندارو ڏي سِير مان.

ڪارا فرنگ ڪڙڪيا، متي مياڻي،
پٽڪي ور پھچي وڃو، ٿي رت گھري راڻي،
لوڙائن جي لشڪر ۾، گھوٽ وجھو گھاڻي،
متان سڀاڻي، ھونئان ڳٽ ڳچيءَ ۾.

ڪَپ کڻي تون ڪَپَ، جَڙون جابر جڳ مان،
رتو تنھنجو رت پي، ساماڻا جي سَپَ،
ڌرتيءَ مٿان ڌَپَ، ڇڏ ڌوئي ڌاڙيلن جي.

اڏيا اُڏوھي، کائي تو کوکا ڪيا،
تون تِتر ٿي تنھن کي، ڇڏ ڌرتيءَ تان ڌوئي،
ڪِٿِ نه ڇڏ ڪوئي، نسل نڀاڳيءَ جو.

ھوندي ٻل نه ٻر، تڙڪو تيز اڄ تڙ تي،
پُڇين ڪھڙا پاتڻي، ڇورا اُڀو ڇر.

تُرھا تن ترڪ ڪئا، جن جي جوش جگر،
پسي جر نه ڏر، ھٿڙيا ڪئين ھُن پار ويا.

ھلو ھلو جھوڪ، مَتو پيو ميدان آ،
نه ڪي رنڊ نه روڪ، جيڪو ھڻي سو کڻي.

ڪُٺل ٿيو ڪَٺا، اُھکا ڏينھن اڳي اڃان،
ھي تان ڪونه حساب ۾، جي آن سھم سَٺا،
ٿيندو بت بٺا، جي ڇورا رھيا ڇيڳرا.

جاڳي جڳ ۾ جيءُ، سُتن سَريون سَنگھرون،
جُڳ جُڳ جيئڻ جنھن ۾، سو پيالو پيءُ،
تن کي لڄ نه ليه، جن چينن اندر چين ڪيو.

چينن اندر چين، ڪيئن تو اچي ڪوٽ ۾،
ساھي ڪڍ سڱين مان، سِر ڏيڻ جي سين،
رت گھُري ٿي رين، اڇي ڏينھن آزاد لئه.

پري کان ڏس پڌري، پرھ کنئي باک،
ڏئي ٿي ڏيھين کي، سون ورني ساک،
اُٿي اکيين آک، سُتن سور پرائيا.

امڙ مُڪيون اڄ، گاڏيون ڀري گوندرين،
سَھي ڪَرٽ ڪنڌ تي، لوئي رکج لڄ،
واجي وانگر وڄ، ماٺ گھڻا ئي ماريا.

ماٺ گھڻا ماريا، متان ڪريين ماٺِ،
ھاڻن ھيري ڏاٺ، وانگي ويرين وات ۾.

ڪُڇندڙ قابو ڪاٺ، پر ڪُڇڻ نه ڇڏجئن ڪڏھن،
ڳھر ڳالھائو ڳاھيا، اڳي آھي اڻاٺ،
سِڪ مان سنوڻ ساٺ، سانگين لئه ساڱاھ تون.

ڪوُنڌر ڪُڇ نه ڪُڇ، پس قوم ڪنڌ تي ڪاتيون،
پورھئي پيٽ پلا ڪيا، پير ڀري تن پُڇ،
لوھ لوساٽيا لِڱڙا، ساري لويئڙ لُڇ،
ويريءَ وَٽي مُڇ، ڪوس وڌو آ قوم ۾.

ڀوڳ نه ڀانئيو ڀاڳيا، ڌرتيءَ ڌاڄ ڌڻي،
آنکي ننڊ نِھوڙيو، آھي ڳھر گھڻي،
پر جي، پير پِڻي، سُڀا ٿيندا سنڌ ۾.

پر پيا ڪن پَر ۾، پنھنجا پڪا پير،
رکيو اچن راکن سان، من سدائين مير،
ساڳيان سسئيءَ ڏيرَ، دوکو ڪندا دام ۾.

جي وڍين تان وڍ، ھينئر جھنگ جھَڪو اٿئي،
کڻ ڪُھاڙي ڪچيءَ ئي، ڪپي پاڙون ڪڍ،
ڏيئي ھنئين ڏڍ، ويٺين تان ورسئين.

جان تو سَريا سُور، سيني سھم سانگيين،
تان تان سَھڻيون سوڍڙا، زنجيرون ضرور،
جيسين نکري نُور، سج نئون ڪو سنڌ تي.

سدا ڪج سچي، ڪوڙو مرض آ ڪوڙھ جو،
چئي سچ سوريءَ تي، نانگا چڙھ نچي،
پڪي پار پريتڙي، ڪجئين ڪِينَ ڪچي،
راھو رنگ رچي، ھل ته ھِتِ ھڪ ٿئين.

ھي تان ڏُکن ڏک، سيج نه آھي سُکَ جي،
ساٿي پھرين سنڌ لئه، سِرُ ڏيڻ تون سِکُ،
پوءِ وڌائي وک، وونڪا واھر ويڙھ ڏي.

آزاديءَ جي آس تون، رکين تان ڏي رت،
سوڍا سِر تريءُ تي، وڙڪائيندو وت،
پوري پارج پت، وارث دودي ديس جا.

سنڌوءَ ڪاڻ سنڌي، سڌون سوڍا ڇڏ تون،
ڏس نه حوس ڏس ۾، اصل جيئن انڌي،
کاھڙ جي کنڌي، سر ڏيئي نڀاءِ تون.

سوکڙي ڏي سِرُ، سوڍا پُٽ سنڌوءَ کي،
سانڍي سَڌون ساھ ۾، ھاريا ائين نه ھِرُ،
منان سڀ مِکرُ، مار ته منزل ماڻيين.

ساٿي سَڌن سنڌ، آجي ٿئي نه آزار کان،
جيسين پنھنجي جند، گھوري نٿا گھوريو.

واڳونءَ ھٿ واڳون، ڍولڻ ڪيمَ ڍريون ڇڏيو،
ماري تون مارين کان، موٽائج ماڳون،
ڀوڳڻ نه ڀاڳئون، ھيءَ آھي صفائي ھٿ جي.

ادا انقلاب، آھي نه ماکي اَڪَ جي
ڳاڙھو رت آ ڳاڙڻو، جھڙو گُل گلاب،
جي اکين ھارين آب، سي پڻ سکيا سڌڙيا.

روئڻ ريت ڪريت، کِلڻ کرين ڪم،
جڳ ۾ تن جي جيت، جن جوٽي جنگ جبر سان.

وڃي پيو وڌنڌو، گھيرو تنھنجي گھر تي،
سلو سوڍا سُور جو، سُتي تو سُرندو،
وپاتو ورندو، ٽڪر ھڻي ٽوڙ تون.

ھڻ مصلحت کي موچڙو، اٽل عزم ڌار،
سائي تند تنوار، جنھن جا جڳ جاڳي پوي.

نينھن ڀري ھي نينڍ، سچا ساٿي سنڌ جا،
ڳائي مارئي سِينڍ ڪنھن نه جڳ جاڳائيو.

قربن ڀري ڪوٺ، مانجھي منھنجي ملڪ جا،
جيڏا اچو جاڳائيون، منجھان ڳھرن ڳوٺ،
راڻا ڌرتي روٺ، ريج گھري ٿي رت جو.

ڪھڙيون قوم غلام جون، شانَ ڀريون شاديون،
جيسين ھاڻُن ھٿ ۾، وانگين جون واديون،
ادا آزاديون، ملن ميڙاڪن سان.

وڄاءِ واول، ڪڍ نه دُھل ڪَنڌ مان،
مياڻيءَ آھي ملاکڙو، مِڙيا ڪيئي مَل،
جاڳاءِ ڏيھه ڏونڪا ھڻي، جي لنگھا تو ۾ لل،
در در جھول ۾ جھل، ھتي لک آ لک جي.

گڙاءِ گرنار، ڪشي وڄاءِ ڪينرو،
راڙو رنگ محل ۾، ٻُڌجي جيئين ٻيھار،
جھونگارائين جھوُنجھار، جيئن جھونا ڳڙھ جھڪور جي.

ڦِڪا پَسي ڦل، ڪئين ڇڏي ويا ڪينرا،
وٺي پِن پاسي ٿيا، پيٽ ڀريائون پل،
جيءَ جنين جي جل، ڪنڌ تنين جا ڪينرا.

جھاڳي جھونو جھنگ، تڙي ڪڍي ڏيو توپچئين،
باقي بلا نه رھي، ڪو ننڍو وڏو ننگ،
ٿِج نه تاڙو تنگ، جاسين جُو جُو جُوءَ ۾.

تنھن شڪاريءَ شاباس، جنھن مھمانيءَ ماريا،
ڪجا ڪُنڊ ڪُڙڇ مان، نسل نِھاري ناس،
وڃائي وماس، ڳولي مار ته ڳالھه ٿئي.

جيئن گھُرين جڳ ۾، گدڙ ٿي مَ گُذار،
موٿون لوڙھون منڍڙا، کائي ٿي مَ خوار،
ڪر ڪر تازي ماس لئه، شينھن ساڻ شڪار،
لڳي جو ھڪورا، ته تانگھه نه رھي تونئڻ جي.

کڻ ھاٿيءَ تي ھٿڙا، ماڪوڙيون مَ مار،
جوکو جنھن مان جان جو، ساري سڀ ڄمار،
آفت سان اُجگار، مار ته مانائتو ٿئين.

ڇَنو نه ڇِنو، ڪايا پاڻ ڪِري پيا،
لاٽڻ سان ليٽي ويئي، جنھن تو ڏڍُ ڏنو،
ٻُندڻ ٻُر کڻي ويئي، ٿوڻين ڀيءَ ڀنو،
ڪيسي ايءُ ڪنو، وکندو واتورين تي.

ڇِنو ڇڪي ڇن، جو اُڏيار اُبتو اَڏيو،
وڏو اڌ ويو واءَ کڻي، جنھن کي رسيا جن،
ڪِري ڪندو ڪِن، مٿان مُند آ مِينھن جي.

رکي من ۾ مير، اڏيارن اُبتو اَڏيو،
پاڻ پڌاري ھليا، ويھي منجھه ڪا وير،
پوين ھڪڙو پير، سري نه ڇانوَ ڇپر جي.

تاڙِي اڄ تاڙي، آجي موسم مينھن جي،
ٽاري ٽاري ٽپ ڏيو، ڪوڪي منجھه ڪاڙھي،
رت تن رئاڙي، جل جنين جي جيءَ ۾.

سِکي ڪين سُکي، راند ڪڏھن رت جي،
ڳاڙھو جھنڊو سا کڻي، جنھن جو ڏِيل جي ڏکي،
چڱن ھٿ چُکي، جي ملي ته ماَنُ لھي.

قبولين ڪڙيون، جي غلاميءَ جون جان تي،
اھڙيون بي وڙيون، ڪٿ نه منھنجي ڪُڙم ۾.

اسين ڇُلون ڇيڪ، واڙ نه منھنجي وطن ۾،
سِڱر جن جي واڇ، ڌُوتين جي ڌُتار تي.

ھر ھڪ ڌرتيءَ ڌيءَ، مارئي منھنجي مُلڪ جي
سھم سَھندي سِرَ تي، جاٽُون مٿي جيءَ،
ٿاريلياڻي ٿي، اواٽان نه اوجھري.

ڀيڻن مُڪا ڀاءَ، سُڻي سڏ سنڌوءَ جا،
ٻاڳھين جي وياءَ، مُڙن ڪِين مرڻ کان.

ٻَڌو رکڙيون راک، ڀينر پنھنجي ڀائرين،
سدا سنڌوءَ ساک، آھي سوڍن سِرَ سان.

اَديون ھي الان، لاشڪ اُٿيا لاڙ کان،
ڀينر نه ٿي ڀُلان، ته نئين ٽھي ٻارڻ ٻاريا.

سنڌ سسئي جيئن سُور، سَٺا ڌارئين سڱ ۾،
باھيون ڏيئي ڀنڀور کي، ڏير ويا ٿي ڏُور،
پُنھل ڪارڻ پُور، پيئي پچائي پٻ ۾.

جڏھن اُٺ اوٿڙ، تڏھن سوارن صحيح ڪيو،
نسل نڀاڳو پڌرو، جي کائي ڪين کٻڙ،
تڙي مٿان تڙ، جتن ڪڍيو جُوءَ مان.

چؤڏس ملڪ چري، چانگو جڏھن چور ٿيو،
آيو ھڪ ڏينھن اوچتو، واپس وڳ وري،
کريل ٻج کري، وڃي لڳو لوڙائن سان.

لڳي لوڙائن سان، ڌوڪ ھيئين ڌڙا،
چيو سوارن سچ ھو، ھي پَٽيندو پاڙا،
وانگين جا واڙا، ھن ڏاگھي ڏسي ڏول ڪيا.

ڪڍي منجھان ڪم، ھاڻُن ھڪالي ڇڏيو،
کٻڙ پوءِ کائڻ لڳو، غرق رھندي غم،
جتن ڏسي جان تي، ظاھر ڪئين زخم،
پٽيون ٻڌائون پِنيون، ٻيا ميي کي مرھم،
چانگي ھڏا چم، جتن وري جياريا.

ساڻا ھڏا سَگھا ڏسي، ٿا سُوار سينگارين،
ونيو ٿا ولات مان، چندن ول چارين،
ميي مصريون موڪ ٿا، پل پل پيارين،
واڳون جي وارين، ته ھلڻ سان ھاڃا ڪري.


توڏي، سندي تيک جون، دانھون ديسا ديس،
جتن ڪئين جتن ڪري، وڏا ڪرايائيس ويس،
جھُلون، جھُومڪ، جھالرون ٻيا کڙن کٿا کيس،
ميي وڌي ميس، مِڙيو ڏيھه ڏسڻ لئه.

پوڙھي سُوار پِڙ تي، ٻيھر چوريا چپ،
اچي ٿي ھن اُٺ مان، مونکي ڌاڙيلن جي ڌپ،
ھي دوکو ڪندو ڌڻين سان، ھن کي سمجھو سَپ،
متان لاھيو ڊپ، ھي پاليل آھي پر جو.

ٻُڌي اڻ ٻُڌي، ماڻھن مڃي ڪانه ڪا،
ڏين ڏسيو ڏاگھي کي، وڏا واڪ ڪري،
چڙھي پھتو چوٽ تي، گونئري گر ٻَڌي،
ڪرھي دل ڪُڌي، ڏسي پوڙھو ياد پيو.

ھاڻي ھر ڪو چوءِ، پوڙھو وڏو پارکو،
ڌاريل ڌاڙيلن جو، سو ڪيئن ھتي ھوءِ،
وانگين واڪو ووءِ، ته گونئرو گس ڇڏي ويو.

ڪيڏا ڪارا ڏينھن، قاتل آندئي قوم تي،
نانگا تنھنجا نينھن، ھو پاپي پنھنجي پيٽ سان.

تو ته چيو چند، ڏيندس ساري ڏينھن کي،
مانڊي مَنڊي مَنڊ، توتارا پڻ تمام ڪيا.

مانڊي مَنڊي منڊ، تو قاتل ڪيڏو ڪيس ڪيو،
زھر ملائي کنڊ، کاھڙ کي کارائي ٿو.

تو ته چيو ھو پاڪ، پاپي ڪندس پڪ مان،
ٻاٻاڻن جا ٻاڪ، ڦورن ٻيڻان ڦاڙيا.

تو ته چيو ھو رنگ، ڏيندس نئون ڏوھ کي،
واقع تنھنجا رنگ، سانگين لئه ڪيئن سُور ٿيا.

تو ته چيو ھو چنگ، سُرندا وڄندا سچ جا،
دوکي جو ٿيو دنگ، ڪوڙ رسيو وڃي ڪورٽين!

تو ته چيو ھو حق، ھر ڪنھن پوندو ھنج ۾،
اکر لئه انصاف جي، چئني ڏسين چڪ،
ناھي پِتو تو نڪ، جو جيئرو آھين جڳ ۾.

تو ته چيو ھو رک، روحان ڪندس راڄ جي،
ليکا ڏيئي لک، ماتم وڌئي ملڪ ۾.

تو ته چيو جو جوءِ، جرڪائيندس جوت سان،
لڄائيه سا لوءِ، جو کاھڙ سڀ کامي ھليو.