نئين ڳالھه ناھي
چڙھڻ سج جو سوري، نئين ڳالھه ناھي،
ٻنھين جي آ پوري، نئين ڳالھه ناھي.
ڪٿي سچ انا الحق چئي جُڳ جيئي ٿو،
ڪٿي سچ زھر جا پيالا پيئي ٿو،
ڪٿي سچ سرنھن جيئن گھاڻي گھُمي ٿو،
سٽاءَ اي سموري، نئين ڳالھه ناھي.
جڏھن دار جي دل گرم رت گھُري ٿي،
پنھنجي اُڃ اُجھائڻ لئه چالون چُري ٿي،
سڏي ڪنھن کي باغي جيئڻ جو حق ڦُري ٿي،
وڄائي دنبورِي، نئين ڳالھه ناھي.
ڪري لومبا، ڪڏھن فيوچڪ تياري،
ڪڏھن وانتروئي، ڪڏھن پبلو واري،
ڪڏھن رت جگر ڏئي جميله بوھاري،
ڪڏھن رت ھاري ڏئي صادق مزاري،
سوريءَ اُڃ اڌوري، نئين ڳالھه ناھي.
ڪڏھن دودو، ڏاھر پنھنجو رت پياري،
ڪڏھن دار بختيار، ھيمون جياري،
بلو ڪڏھن رزاق اھو روپ ڌاري،
ڪُسڻ بي قصوري، نئين ڳالھه ناھي.
لکڻ ناھي ليکو، لکين سر لھي ويا،
ڏيئي سر سوريءَ تي سچا سچ چئي ويا،
نه جُھڪيا نه وِڪيا، وڏي وھَ وھي ويا،
اِھا جنگ جھموري، نئين ڳالھه ناھي.
ويندي رات ظلمات جي مات کائي،
ٿيندي دار جي دل دھلجي تباھي،
۽ رھندي ھميشه سندي سچ سوائي،
ٿيڻ ائين ضروري، نئين ڳالھه ناھي.
نه سوريءَ جي “منشي” اڃا اُڃ اُجھاڻي،
نه مانجھي مُڙن، سڏ سوريءَ سُڃاڻي،
ٻئي ھڪ ٻئي جي ويا ڄاڻ ڄاڻي،
جيئن گل ڀنڀوري، نئين ڳالھه ناھي.