ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين
ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
موتين کاڻِ ھي ملڪ سڄو آ، مارُن جو ۽ مارُو مور.
ھن ۾ ھاري اَنَ اُپائن، جن جا سون جھڙا سَنگ،
ھن جا ماڻھو محبت ڀريا، ناز منجھان ته نڀائن نَنگ،
ھن ۾ جھوپا جھانگيئڙن جا، ھُن ۾ جھونگارون جھر جَھنگ،
ڪافي، وائي، بيت، جمالو ۽ ٻيا ٻُڌين چُرندي چَنگ،
“خلد” برابر ھن ۾ خوبيون، ۽ ٻيا روپ رسيلا رَنگ،
دنيا ساريءَ ۾ اي دلبر، ديس منھنجي جو ناھي دَنگ،
سنڌ سڄي جي سِينڌ سنڌو آ، جنھن ۾ گھاتو ڪن ٿا گھورَ!
مِٺڙن مِٺڙن ٻولن وارن، مال وندن جا ھن ۾ ماڳ،
ڀاڳ ڀليرين ڀاڳياڻين جا، ڀائو ھن ۾ ڀاڳ ئي ڀاڳ،
ھر ھڪ ونڙي پنھنجي ورَ سان، ويٺي لنئون لڳائي لاڳ،
جنڊ اَسرُ جو جيڏين جوٽيا، ڄڻ ڪنھن راڻو ڳايو راڳ،
پاڻيءَ ويل پنوھاريون پاڻ ۾، چوڙيليون ڪن چرچا چاڳ،
ٻوڙ پلاءُ کي ٻَن ڏيئي، سي سادا سانگي آڻين ساڳ،
سرءُ سياري سانوڻ جو تن، سانگين ناھي ھينئڙي ھور.
مُشڪ کٿوري کان به مٿيري، ھن جي خوشبوءَ ۾ آ خاڪ،
باک ڦُٽي جو وڻ ٽِڻ واسي، ھن جي موتين جھڙي ماڪ،
ھن جي ٿر بر ٿڌڪارون ۽ ھن ۾ ٿاريلين جا ٿاڪ،
ھن ۾ باغ بھارون بر سر، ھن ۾ بُلبل سڀ بيباڪ،
ھن ۾ مانجھي مرد مٿير ۽ ھن ۾ ڌوپارن جي ڌاڪ،
ھن ۾ سانگي ساڌا سُوڌا، ڏاھا، ڀورا، دل جا پاڪ،
ھن ۾ وارا ويا وڄائي، شينھن جھڙا ڪئين شھزور!
ھن ۾ سچل سامي، سانوڻ، ھن ۾ شاھ ڀٽائي گھوٽ،
ھن ۾ دودا، دريا خان ۽ ھن ۾ ارڏا ڪئين اڻموٽ،
ھن ۾ صوفي، صادق ھن ۾، ھن ۾ عاشق ورتئون اوٽ،
ھن ۾ مڪلي، موھن دڙو، ۽ ھن ۾ آھي عمرڪوٽ،
ھن ۾ راڻا، راءِ ڏيارچ ۽ ھن ۾ ڄايا ڪئين ڄاموٽ،
ھن ۾ سھڻي، ھن ۾ سسئي ، ھن ۾ مشھر مارئي موٽ،
ھن ۾ عاشق اھڙا ٿي ويا، جھڙو عاشق چنڊ چڪور.
دنيا ۾ ھي رنگ اٿيئي، ماروئڙا مھمان نواز،
آيل کي ھو عزت ڏيندا، آڌرڀاءُ سان ڪن آغاز،
پاڻ نه ھوندي پاڙي پَٽ تي مھمانن جو رکندا راز،
پنھنجي ريت پراڻيءَ کي ھو، اڄ به نڀائين ڏاڍي ناز،
رات سڄي ڪن ريجھه رھاڻيون، الغوزن جا اُتِ آواز،
ڀيڄ ڀنيءَ بوڻيندا ڀُون ڀُون، چنگ چُرن ٻيا سينڍون ساز،
نيت، ڳُجھارت، ھلي ھمرچو، ۽ ٻيا ڏين ڏاھا ڏور.
ھِت ته لايون لابارا ۽ چيٽ ڪتيءَ ۾ چونڊا جام،
کاھڙ سارو کيٽ کَرا ۽ سھڻي ساوڪ صبح شام،
چونڊي ميڙي چوڙيليون ڪن گگدامن لئه گاھ گدام،
ٻاجھر، ساريون، جَوَ ۽ جُوئر، ڪڻڪ مَٽر ھِتِ مھر مدام،
ڪُونجن وانگي ڪري قطارون وچينءَ وريون گوريون گام،
چال چڱيءَ سان چالون ميڙيو، چونئريون ڀرين البت عام،
پُٺيون ٺپرين پيار منجھان سي پٺيان تن جي لاھور لور.
اجرڪ، پَٽڪو، سُٿڻ ۽ صدري، آھي وڙائو وانگين ويس،
گج ۽ گربيون، لاکيون، لويون، کاھڙ وارن کٿيون کيس،
ڀرت ڀريو ھت ڀوريون پائن، چولن تي چِٽ لايو ليس،
قابل ھت ڪرڙاٽ قرب مان، ڏاڍ ڏاڙھين ڪن ٿا ڪيس،
ھر ھنڌ ٻُڌندين ھاڪ ھنن جي، دنيا ۾ تون ديسان ديس،
ھن ۾ گھوڙن گھوٽ چڙھيو، ڪن راڻا رِيس منجھان ٿا ريس،
ھن ۾ ٻيلا، ميلا ھن ۾، منڇر مياڻي ڪاڪ ڀنڀور.
چنڊ ڏسي آکاڙ جو اُڀ ۾، ھارين ھُرلا چاڙھيا نار،
ٻَنا ٻڌيو ڪن ٻُروڻيون، ڳاڌين ويٺا ٻُڍڙا ٻار،
ٻاڙو ڌاڪي ٻوڙ وھن، ڪو ٽانگر مالھه گسي مالھار،
پارڇ پلٽي، نمندا نيسر، پاڻي اُڇلين پرئين پار،
جوڳن ۾ اُت جنُگ وھن جي ٿلھا ڏاگھا ٿوھيدار،
ڇم ڇم ڇيرون ڇڻڪارون ڪن، منھان مارن مزيدار،
راتو ڏينھان ريج ڪريو سي، ڇَٽيو ڇڏين ڍنڍون ڍور.
سانوَڻ ۾ ھت دريا دھشت، ٻيلا ٻوڙي ٻوڙي ٻيٽ،
پاڻي پَسندي ڪنڌيءَ ڪناري، تُم ترايون ڪيٽيون ڪيٽ،
اَسُو، آيو اُتر سعيو، پاڻي وٺندو دريا ٻيٽ،
ريج اچي ۽ رنگ مچي اُت، رانيل ساوڪ سارو ريٽ،
کاھڙ واري کيڙي تنھن ۾ چوڌاري ڪن چڱڙا چيٽ،
ڇانھيون، گدرا، مڱُ، مڪائي، ڀلو تنھن ۾ ڀينڊو ڀيٽ،
ڪُونجون ڪڻڪن ڪيٽن تي ۽ جھانگين جھنگل منجھه جھڪور.
مصري ماکيءَ کان به مٺي آ “منشي” سھڻي ساري سنڌ،
پوريءَ دنيا منجھه پري روءَ آھي پنھنجي پياري سنڌ،
ھن جي ٻولي ٻاجھاري ۽ جيجل جيءَ نياري سنڌ،
ظالم ڪئين ويا زور لڳائي، وانگين ور ڏئي واري سنڌ،
ھر ھڪ پنھور ساڻ ھميشه، پت ھن پوري پاري سنڌ،
ھن جي سڏ تي ماڻھو مرندا، لک ھزارين مانجھي مور.
ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
موتين کاڻِ ھي ملڪ سڄو آ، مارُن جو ۽ مارُو مورَ!