ڀٽائي سان مخاطب
ڀلاري ڀونءَ جي مٿان ته ڀاڳين ڀنڀٽ، پيا ڀڙڪن ڀَلا ڀٽائي،
مرن پيا مارُو ڪُسن پيا ڪُونڌر قَھرَ پيا ڪڙڪن ڀلا ڀٽائي.
چَپَن تي چَتيون، زبان تي مُھرون، ڪُڇون ته ڪاتيون، ڇنن ٿيون ڇاتيون،
سھم ۽ صدما، اندر ۾ اُڌما، ڏکن ۾ ڏينھن ۽ روئڻ ۾ راتيون،
لڪايان ڪھڙيون لطيف توکان، ٻُڌايان ڪھڙيون برھ جون باتيون،
سون جون کانئي ڇڏيون ڙي سائين، کلون ته کولين ڀلا ڀٽائي.
اُميدون آخر ويون ٿي آسون، اسان ئي ڦُرجون، اسان ئي ڦاسون،
اسان جا ليڊر اسيمبلي لئه، ھزارين باسيو اچن ٿا باسُون،
اندر ۽ ٻاھر ڪُڇن ته ڪافر، وٺيو وزارت ڏين اوٻاسيون،
ھتي ته باغي ھتي ته ڏوھي، سچا ٿا سڏجن ڀَلا ڀٽائي.
اڃا عمر جو جبر آ جاري، اڃان مارئي نه ماڳ موٽي،
وڏا واعدا ھئا ورڻ جا، مگر عمر جي نيت آ کوٽي،
ڪڙھي ڪڏھن کان اندر ته ڪوٽن، پيئي پنوھارن سندي ھي ٽوپي،
ھزارين ھاڃان سٺا ته سر تي، سدائين سانگين ڀَلا ڀٽائي.
سَسُئيءَ جي سر تي اُھيئي ساڙا، اُھيئي حَب ۽ اھيئي ھاڙا،
اُھي لُڪون ۽ اُھيئي ڪاڙھا، اُھيئي ڌارين سندا ته ڌاڙا،
پٽي ويا ڪئين پريٽ پاڙا، ڀنڀور وارا اَنگن اُگھاڙا،
سوين سَسيئون ڇڏيون ته ساڙي، وندر جي واٽن ڀَلا ڀٽائي.
اڃان نه موٽيو تماچي تڙ تي، ھتي ته نوري چڙھي پيئي سوري،
ويا سي وينجھر، ڪڙھي پئي ڪينجھر، ملي ملاحن نه ٿي مزدوري،
سُڪي ويئي ڍنڍ، سڙي ويا سنڍ، رليا رُھاڪي پٿونءَ نه پُوري،
ھتي ته ھاڃان ڪيا ھنجن سان، ڪنگن ۽ ڪانگن ڀلا ڀٽائي.
گھڻائي گھاتو ڇڏيا گھمائي، مَئو نه آھي مگر سو مانگر،
سُڪي سڙن سنڍ، ڦٽيون مياڻيون، مچي مدارن اندر ويو محشر،
پَڇاڙَ پُڇ جي ڏِسيو ڏڪن پيا ھتي جي ڏيکاءُ ڏين ڏھسير،
اڃان ته ميدان ۾ مورڙا ڪي، نٿا پيا ڏِسجن ڀَلا ڀٽائي.
اڃان به مون کي مدي آ من ۾، زھر پياري متارا ماري،
ڏسي پيئي اَوت اچن پيا راوت، نه ٿي ھوءِ پنھنجي بٺي بھاري،
ڏسي خزانا ڪري بھانا، ڪوٺيو سان قاتل ڪُھي ڪناري،
ملھايو مانجھين، ھتي ھزارن، مري متارن ڀَلا ڀٽائي.
سوين ته سُھڻيون ھتي سڪي تي، سڙن مَرن ڪي جھِڄن جھُرن ٿيون،
سنڌو سُڪي ويئي، ميھر مري ويا، چَڙيون نه چالن سندن چُرن ٿيون،
ڏھاڙي ڏم جو ڏسيو سي ڏھڪا، ھزارين آسون ھنئين ھُرن ٿيون،
گھڙا کڻيو سي مٿي تي گھيڙن، اچيو اوسارين ڀَلا ڀٽائي.
ٽُٽو نه طلسم، رُلن پيا راڻا، نوان ته ناٽڪ ڪري پيئي ناتر،
سوين ته سوڍا ڪُٺا ڪنڌيءَ تي، نه ٿيو ڪو راجپوت اڃان ته رھبر،
ڪُوپ ڪُسڻ جو وھي ورھين کان، ويا نه وَريا محل جا ماھر،
ڪو ماڻي مومل فريب ٽوڙي، ڇڏائي ڇورن ڀَلا ڀٽائي.
سنڌوءَ ته سانڍيا سدائين سيني، سوين ھزارين ڏياچ، ڏھر،
دلير دودا، درياءَ خان ۽ ڪنڌار ڪوپا ننگر ۽ ڀُونگر،
نئون نياپو ديس ۾، کڻي اوھين جي اچو ته ھيڪر،
ڪڍون ڪُڙم مان ملي ته “منشي” ڌڪاري ڌارين ڀَلا ڀٽائي.