مھاڳ
پنجاھ سٺ ۽ ستر جي ڏھاڪن واري عرصي ۾ وطن دوست ۽ قوم شناس ادب جي جيڪا نئين لھر اسان وٽ آئي، اُ ۾ اسان جي شاعرن ۽ نثر نويس ڇيھه ڪري ڇڏيا. ڇا ڇا نه ھُنن اسان کي ڏنو، ڇا ڇا نه ھُنن ان لاءِ سَٺو! اُن تي ويچار ته ٻي ڳالھه ٿي.
وطن پاڪ سنڌ جي لاڙ جي سرزمين، جتان جي لھجي ۽ لغت کي اسان جي سدا جيئري لطيف سائينءَ پنھنجي پيغام سماويءَ جي خاص ذريعي جو شرف ڏنو، اُتان جي استاد محمد خان مجيديءَ، سرويچ سجاولي ۽ منشي ابراھيم ۽ ٻين اسان جي درديلن شاعرن اسان جي “ڏکين ڏينھن” جون ڇا ڇا نه اسان کي ڳالھيون ٻڌايون!
جيڪڏھن پنھنجي تخليقي لياقتن جو اظھار ۽ ترقي قوم جو پھريون فرض آھي. ڇو ته قوم جي وجود جو دارومدار ۽ اُن جي سڄي مان ۽ مريادا جو اصل راز اھو آھي، ۽ جيڪڏھن اديبن ۽ عالمن جو ئي ڪم آھي، ته پوءِ قوم جي آڏو جيئڻ جو زوردار اُمنگ سدا تازو ۽ اُن جو مقصد سدا روشن رکن، ته ڪيڏي نه ھيءَ وڏي ڳالھه آھي، ته ھيءُ سڄو پھاڙ جھڙو اڻانگو ۽ ڳرو دور جڏھن اسين محروميءَ ۽ مظلوميءَ ۽ مجبوريءَ جو شڪار رھياسين. (غلاميءَ کي ٻيا سڱ ڪونه ٿيندا آھن) ، تڏھن اسان جي فقيراڻي اديبن سُگھڙن ئي قوم پاران اُھو پھريون فرض به ادا ڪيو، علم ۽ ادب، سڀيتا ۽ ساڃاھ جي خاص سُرھي سَٿَ طور، سندن پنھنجي ذمي جيڪو ڪم ھو، اُھو به پنھنجي وَسَ پڄُندي ھنن پورو ڪيو. ائين به نه ھو ته طاقتَ (power), طمع (purse) ۽ طالعَ (Patronage) جي جَوفِي جزُن، جيئن اڄ اسان جي آڏو اچي اسان مان ڪن جي صبر، حوصلي، ھمت ۽ غيرت کي آزمائش ۾ وڌو آھي ۽ ڪن ته بنھه جھل ئي نه ڏني، ڄڻ ترسيا ئي اُن چچڪار لاءِ ويٺا ھئا، تيئن اھڙي ڪا صورت اڳي اسان وٽ ڪونه ھئي ، پر اديب عالم ۽ شاعر جو پنھنجو ھڪ ڪردار، ھڪ رُتبو ٿئي ٿو، اديبن، عالمن ۽ شاعرن ھميشه اصولن سان وفا ڪئي آھي، نظريي سان نباھيو آھي، ھو ھميشه پنھنجي زبان، پنھنجي ادب ۽ تاريخ سان سچا رھيا آھن، سندن سڄو ڪم ھڪ ئي احساس سان واسيل ھوندو آھي، پنھنجي ماڻھن جي محبت سان ، انھيءَ سچائي ۽ انصاف ۾ پُختي يقين سان ته ظلم جو موجود چڪر ختم ٿيڻ تي آھي ۽ سندن ڌرتيءَ جو انسانُ ھڪ نئين انقلابي رھت چاھي ٿو، انھيءَ پڪي ۽ سرگرم اداري سان ته ھو پنھنجي تخليق ڪاريءَ وسيلي پنھنجي ڏُتڙيل، محڪوم سماج جي اُن مقصد جي تڪميل ڪندا. ۽ اسان جي قوم کي تاريخ جنھن صورتحال سان دوچار ڪيو ھو، اُن ۾ مُنڍ کان ئي سنڌي عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سُگھڙن ۾ انھيءَ اُميد رکڻ جو ھڪ ئي سبب ھو، ته ھو پنھنجي قومي مشاورت جي دل، اُن جو روح، بنجي ڪم ڪندا . اُھو روح جيڪو پنھنجي جنم ڀوميءَ، پنھنجي ابن ڏاڏن جي جنم ڀوميءَ ڪاڻ لافاني پيار سان سرشار ھجي ، پنھنجن اُنھن ابن ڏاڏن تي فخر سان ٽمٽار ھجي، جن سندن سامھون واقعي اڳتي وڌڻ لاءِ کُليل رستا ۽ اُنھن تي پنھنجي سُڄاڻ پيرن جا نشانا ڇڏيا آھن، ھڪ ئي ٻھڪندڙ خواھش سان روشن ھجي ته سندن وطن جي پاڪ ڌرتي نه فقط پنھنجي پر بني نوع انسان جي آدرش جي تڪميل ڏسي سگھي. اُھا سندن ”پنھنجي ڌرتي“ جيڪا شاعر جي ٻولي ۾ ”جيئن ڏسان ٿو ته به چمان ٿو، پر جيئن اُھا اُميد پوري ٿيندي ته ٽي ڀيرا جُھڪي آءُ چمندس!“
پنوھارن پاٻوھيو، ڪي واھوندن وَس،
عمر، اُنھي ڏيھه جا ڏوٿين ڏنم ڏَس،
وَليون وڻ ڦُلاريا، لُلر نڱيا لَس،
آڻيو وجھي آھُرين سدا ٽوھن ٽَس،
ميو مَڃُر، ماکيون سڀڪا چَکن چَسَ،
ماڙيءَ آھين مَسَ، ملير ويندينءَ مارئي!
(شاھ)
ھي ھيرن جھڙي املھه ۽ موتين جھڙي ملوڪ ۽ اُوجل شاعري جيڪا ھن مجموعي ”گُوندر ويندا گُذري“ ۾ اسان تي عطا ٿي رھي آھي، اُھا اھڙن اسان جن عوام دوست، قوم شناس، سونھارن شاعرن جي صفِ اول جي ھڪ فقير تن شاعر، ابراھيم منشي جي تخليق آھي. ھو پنھنجي پَرِ جو ھڪ کاھوڙي، ھڪ لاھوتي آھي ۽ پنھنجي ڌرتيءَ پنھنجي ديس واسين لاءِ ڏونگر ڏوريندو رھيو آھي. ”خبر کاھوڙين ، آھي لَکَ لاھوت جي“ : اُھا ”گُوندر ويندا گُذري“ جي خوش خبر، پاڻ اسان کي ھِتي ڏيڻ گھري اٿن، پنھنجي ديس جي ڌرتي سان ۽ اُن جي حال سان سڃاڻپ جي خبر، اُٿي اُن جي ڪلياڻ لاءِ جاکوڙڻ جي خبر ۽ اُن لاءِ جي ڪو خواب من ۾ کنيو، ھو سڀ پنھنجا ڏينھن، سڄيءَ سنڌ واڪيندو ۽ واچيندو رھيو آھي ان خواب جي خبر.
اسين جيڪي ”گُوندر ويندا گُذري“ جي اھا خوش خبر پڙھنداسين، شاعر جي اُن خوش خبر جي ڪھڙي موٽ ٿا ڏيون، اُن جون سڀ واڌايون اسان لاءِ ۽ سڀ ميارون اسان تي آھن:
ھلو ته ھلون ڏُٿ کي، اُٿو اُٿو ڪن،
پاڻي پوتڙين ۾، ڪَندُر! سِرُ ڪُلھن،
ڏؤنرا ڏور سجھن، وئي وھامي راتڙي!
(شاھ)
ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
منشيءَ کي مون ”عطائي“ سڏيو آھي ، ”راڳي“ سڏيو آھي. ھائو، ھو عطائي آھي، راڳي آھي. اسان جي قديم معاشري ۽ تاريخ ۾ عطائين ۽ راڳين جي موجود روايت جي عين مطابق ۽ سلسلي وارو ھي عطائي ۽ راڳي: ٻيجل جي علامت آھي ، جيئن حضرت شاھ عبدالطيف اُھا علامت ڳائي وڄائي اسان کي عطا ڪئي آھي . مقصد جي تند تنواريندڙ، اُن لاءِ ”سک ۽ سُواد“ کان پاڻ پَلي، سر دان جي ثواب جي موقعي ٻڌائيندڙ ۽ رستي پنڌ، کيٽ کري، گھر گھر ۽ اوطاقن آڏو بيھي ھوڪي ڏيندڙ، جن منشي کي، ھن ”درويش“ شاعر کي ھيٺ ھن ڌرتي جي ماڻھن جي ”درن“ تي، پنھنجي ملڪ جي ماڻھن لاءِ ۽ پنھنجي ملڪ جي ماڻھن جي ”درن“ تي عام ۽ خاص معرڪن، گڏجاڻين ۽ جلسن ۾ ھي صدا ھڻندي ۽ اوچي گلي سان دانھيندي ۽ ڳائيندي ٻُڌو آھي، اُھي شاعري ڏيندا ۽ چئي سگھندا ته منشي اُھو عطائي آھي يا ٻيو ڪو ، جو چوي ٿو، سرد دليون گرمائي ٿو ۽ وڏي آواز ڳائي ٿو:
ڪاورنجھر کان ڪينجھر تائين، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
موتين کاڻ ھي ملڪ سڄو آ، مارُن جو، ۽ مارُو مور!
عجب ڏٺوسين اچي ادا ڙي، دنيا جو دستور ھتي،
راھ رھڻ جي ڪائي ڪانھي، مسڪين لئه مور ھتي.
ڪيڏي رات انڌاري آ، ڪيڏي رات انڌاري آ!
بڙڇي بم بندوق سان بيٺو، تڙ تڙ تي تاتاري آ
ڪيڏي رات انڌاري آ!
”مُنشي“ مُور نه ٻئي ڪنھن ماريو، ماريو ماروئڙن جي ماٺ،
ڏيھَه سڄي ۾ ڏوٿين کي ڏس، ڪيئن نه ڏاري ڏاڍ جي ڏاٺ!
تن جي ڪارڻ جوڳي بنجي ڳايان، جڳ جاڳايان!
توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان، توکي ڪھڙا گيت ٻُڌايان!
مون پڪ سُڃاتا پنھنجا ھئا، ڪي ڌاڙين سان گڏ ڌاڙي ۾،
تي واٽ ڏسيائون ويرين کي، ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾.
مون رات گنجي ۾ گُجندي، ڪيڏا سنڌو جا سرواڻ ڏٺا،
تي ٻَھڪيا مُنھن ۽ ٻانُھن ٻَر، مون ٻلواڻن ھٿ ٻاڻ ڏنا
جھيڙي جي جھونجھار وو يار، پرکا آھي پِڙَ ۾!
نيئر نوڙي نڪري ويندي، ٿاريلي تو ٿاڻي مان،
دوکي جي اڄ ڌپ اچي ٿي، تنھنجي داڻي داڻي مان.
نه ھونديون حويليون نه ھوندا ھي ٿاڻان
مان ھوندس نه ھوندس، سو پاڻان نه ڄاڻان.
اجھا رات کُٽي ۽ باک ڦُٽي، انسان ازل کان آجو آ،
ڪي غلام ڇُٽا، ڪي ويندا ڇُٽي، انسان ازل کان آجو آ!
۽ انھيءَ اسان جي آجائيءَ، قومن جي آجائيءَ، انسان جي آجائي جي ازلي حقيقت جي ياد ھڪ ڀيرو ٻيھر ، ھتي ”گُوندر ويندا گُذري“ ۽ شاعر اسان کي ڏئي ٿو، ۽ سر دان جي عيوض اُن جي حاصلات جي ”خوش خبر“ ھو اسان کي ٻڌائي ٿو ۽ اھوئي سندس ٿورو اسان تي ايڏو وڏو ٿورو آھي، جو سچ ته اسان جي لاھڻ جو نه آھي ۽ انسانن جي آجائي پنھنجي سِر پاڻ ته واقعي سِردان گھري ٿي جنھن لاءِ سيدنا حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحمت الله عليه “راءِ ڏياج” جي واتان چوايو آھي:
مٿي اُتي منھنجي، جي ڪوڙين ھون ڪپارَ،
ته واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سؤ وارَ،
ته پِڻ تندُ تنوارَ، تنھنجي مٿاھين مڱڻا!
محمد ابراھيم جويو
حيدرآباد سنڌ
12 آگسٽ 1985ع