شاعري

گوندر ويندا گذري

ڪتاب ”گوندر ويندا گذري“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو :
”ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
Title Cover of book گوندر ويندا گذري

سُر گھاتو

سُر گھاتو

مانجھي ملاح موڙا، گھاتو ويا گھِڙي،
ڀيڙا کڻي ڀَن ويا، مانگر تي مِڙي،
ويري ساڻ وڙھي، پڇاڙيندا پَٽ تي.

اھڙا مانگر ماريا، ھزارين ھنن،
اڃان سيرائون سنڌ ۾، پيو جام ڄڻين،
پيا مياڻيون مرڪائين، اڃان مانجھي مورڙا.

کائي کڳ ورھن کان، ٿيو مڇ مواڙ،
گھاتن آڻي گھيري ۾، ڪُٽيو اٿس ڪياڙ،
آھس پُڇ پڇاڙ، ججھو جيئڻ جي ٿئي.

گھڻا ڏينھن ھو گھيڙ تي، گھاتن لاءِ گنگھر،
مڙي ڪيو آ مورڙن، سوگھو منجھه سنگھر،
ھاڻي ڏينھن پھر، ججھو جيئڻ جي ٿئي.

مڇ مري، مياڻ ٺري، گھاتو گھورين گھور،
لھي ماريءَ مڇ جو، ھينئڙن مٿان ھور،
مانجھي ملاح مور، ٻاڙون لاھن ٻوڙ جون.

ڏاھيون، موراکيون، ڏنڀريون، جن ڏٺي ڏينھن ٿين،
ڪُنيون ٽنگيل ڪاين ۾، نه ٿيو چُلھه چڙھن،
ڪوليرا ۽ ڪُڙھيون پيا سڪي رڇ سُڪن،
جتي ڀرجيو ڀن اچن، اُتِ ناھي ڇٽ ڇلر جي.

ڪاتين چڙھيا ڪسُ، بنا وڍ وَرھ ٿيا،
رُوئن وَھون رت ڦُڙا، پسيو رَڇ ۽ رَس،
وير واھيري بيٺيون، جھلي گھاتن گس،
ڪِن جا موٽيا مَس، ڪَن ويا ماريءَ مُنھن ۾!

ڪيڏو ڪُن ڪَلاچ تي، ويريءَ جو واسو،
ھر ڪو گھاتو گھِڙڻ کان، پيو ڏئي پاسو،
جتي مڻ مداريين، اتي ملي نه ماسو،
ساھ ساھ ۾ ساسو، آھي ماريءَ مڇ جو.

ويچارا وڇيات، روئن رت ڦُڙا،
گُذر جن جو ويو اچي، آھي ويري وات،
ٽنگڙ ٽنگيل تن جا، سُڪا ساري رات،
ماري اچي مات، ته وِرڇ وڇياتن ملي.

موٽو موٽو مورڙا، مانجھي مھاڻا،
گھٽ، گھٽ جھلي گھاتُئا، ڪريو سيسر سَنڌ ساڻا،
رائُون ڪري رُڪ جيئن، ڦيريو رَڇ راڻا،
گھڻا ڏينھن گھاڻا، ان قھريءَ وڌا ڪُن تي.

پاپيءَ گھڻا پيٽ ۾، ڳڀرو ڳڙڪايا،
گھاتو گھوڙيندڙ ڪئين، گھوٽ تنھن گھايا،
مورھين ناھي مڏي تي، ڇلر جي ڇايا،
ڄٻيرين ڄايا، ڄاڙين ڄرڪي ٽوڙيون.

مَداريون مڏيءَ تي، ڏسيو ملاحن مڏ،
روئن ويٺيون رت ڦُڙا، گُوندر جن سان گڏ،
ماٽيھر نه ڪو مھراڻ ۾، نه سانڀوباڻن سڏ،
ھيڻن چم ۽ ھڏ، آھن ويريءَ وات ۾.

ڪيڏي ماري مڇ جو، ڀَر تي آھي ڀئو،
ڀڃو سڀ ڀيڙا ٿي، سَندو ماريءَ مُئو،
سُڪي ڍوڍي ڍئو، ڪڏھن ٿيندو ڪِين ڪي.

ويچاريون واٽُن تي، وھون وجھن واجھه،
گھاتو گھِڙيا تن تي، ٻاجھارا ڪج ٻاجھه،
بچائج بلا کان، جيڪي ويا جھاجھه،
شل سي ساجھر ساجھه، موٽن مياڻن تي.

وڙھندي جي ويريءَ سان، ويا ماريءَ وات،
ڪونڌر ھليا قوم لئه، ڪنڌ قبولي ڪات،
وھون تن واڪا ڪري، رُنيون ساري رات،
ماري ٿيندو مات، جي گھاتو گھڻا ٿي گھِڙو.

ڪنڌيءَ مٿي ڪامڻيون، ڄٻيرين ڄايون،
وير واھيري ورندا، انھن لئه آيون،
جن جا پنھنجا پھريا، گھايل سي گھايون،
ويٺيون ڪن وايون، موٽن شل سي ماڳ تي.


رات ڀلي تون روڪ، سيون وجھي سَنگھرون،
ڏينھن وڄائي ڏوڪ، اچي پيو اڻ پَليو.

تپي، تپي ڏينھن، آخر تپندين ڪيترو،
گرميون سرديون سي سھن، جن ڌرتيءَ ناتو نينھن،
نيٺ ته وسندا مينھن، ڌرتي ويندي ڌوپجي.

ڌرتي ڌوئڻ ريءَ نه ٿئي، پاپن ڪنا پاڪ،
رت گھُري ٿي رات جا، سا مُور ڌوئي ماڪ،
آھي ڪوپ ڪُسڻ جو، ڪسابن کان ڪاڪ،
ڀڃي تاڪيون تاڪ، ڪو راڻو اچي راڄ ۾.

ڪالھه ڪينجھر ڪَپَ تي، ڳوليم کڻي ڳاٽ،
رڳو ڪنگ ڪنڌي تي، پاڻي لس لڙاٽ،
ٻي اونداھي ٻاٽ، ھنج نه ڏٺم ھيڪڙو.