وڏيرن جو وريو وارو
وڏيرن جو وريو وارو ، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو،
وري مارُن مٿي مارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
جمھوريت راڄ ٿيو جاري، چڱا چالان چوڌاري،
ھزارين جيل ۾ ھاري، ظلم ساڳئي ۾ نر ناري،
وري سُورن ۾ سنڌ ساري، نئين سر قيام ٿي ڪاري،
وري مظلوم ويچارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وري رھبر بڻيا باطل، اھي ئي قوم جا قاتل،
سدا غم ڪُڙم کان غافل، پوڄاري پيٽ جا پاليل،
نئين نعري ۾ ٿي شامل، نئين ليبل اُھا بوتل،
اُھا بُگري اُھو ڍارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وري گُنگا صنم ساڳيا، وٺي آيا جنم ساڳيا،
اسم ساڳيا جسم ساڳيا، وري سنگين ستم ساڳيا،
وري ڀاڳين ڀرم ساڳيا، وري ڪُوڙا قسم ساڳيا،
وري قانون اھو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
وٺي وئي مارشل موڪل، ھنگامي آئي ھٿ ٺوڪيل،
سنڌي ۽ سنڌ ٿاڻي ۾، ھميشه جيئن رھيا روڪيل،
اھي ئي چور ٿيا اڄ چور دروازي ڪنان داخل،
نه آھي ڪو چوڻ چارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
ھتي جھڙي ٻڙڪ سچ ٻولي، لڳي ٿي ترت تنھن گولي،
ٺڳن جي ٺاھي نئين ٽولي، خدا جي خلق تن رولي،
ھلي ھر ھنڌ پيئي ھولي، لڳي گولي سندي لولي،
کائي ميمبر پيو کڳمارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
ويون انصاف جون واھون، پيا مسڪين ڪن دانھون،
ڪيا جن قول ٿي ڪيڏا، ٻئي ھر ھر کڻي ٻانھون،
وزارت جون وٺي ڪُرسيون، ڪري ويا پير سڀ پاھون،
ٿيو پڌرو اڇو ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
اُھي ڦُريون اُھي ڌاڙا، پوليس ڪئين پَٽيا پاڙا،
سفارش جا اُھي ساڙا، اھي رشوت سَندا راڙا،
وزيرن جا ڀري وارا، لُچن لالچ تي ڪيا لاڙا،
وَھي واھڙ پيو اوڀارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
لڳي ڪُرسي مِٺي مصري ، ويا سڀ واعدا وسري،
ٻُڌايون حال چئو ڪنھن کي، سڀ ئي نانگا ٿيا نِسري،
سڀيئي سلطان ھي ڪسري، سڏائن پاڻ کي پُسري،
ڪيو تن عيش ڏي آرو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.
جھنگن جا ساڳيا جھانگي، سڀيئي سُورن اندر سانگي،
بُکن بيحال ڪيا “منشي” ، نه تن جو ڪو رويو وانگي،
اڳوڻي کان ظلم آ ڳرو، مَلِي سون مُنھن تي دانگي،
ڪيوسون پنھنجو مُنھن ڪارو، خدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو.