تون ۽ آئون
تون ڪالھه به ھئين ارغونن سان، ترخانن سان غدارن سان،
مون ڪالھه به سوريءَ سينگاري ھئي ھوشوءَ ھيمونءَ پارن سان.
تو حاصل ھئا القاب ڪيا، ڪيئن ڪالھه به ڀاڙيا ڀاڙي تي،
تون ڪالھه به تن سان ڪَٺي ھُئين، جي ڌاريان آيا ڌاڙي تي،
مون ڪالھه به ساٿ ڏنو ھو سوچي، سنڌوءَ جي ته سچارن سان.
تون ڪالھه به ڳاڙھا لال اسان جا، ڪونڌر ڪيئي ڪُھايا ھا،
تون ڪالھه به جيجل جا ته جگر، ڪئين ٽانڊن تي ٽَھڪايا ھا،
مون ڪالھه به توسان جھيڙو جھيڙيو، نيزن سان تلوارن سان.
تون روڳي روپ وٺي ھِت آئين، ڪالھه به قاضي قاضن جو،
۽ بابو نائون مل، چنيسر، ڄام فيروزته پارن جو،
مون ڪالھه به روپا، دٻي، مياڻي، جھيڙيو گڏ جھوُنجھارن سان.
ٿو اڄ به توکي چورن سان گڏ، چوڪيءَ تي چوبند ڏسان،
۽ جيجل جي جلادن سان ٿو، حاضر تو ھر ھنڌ ڏسان،
۽ اڄ به منھنجي جنگ آ جاري، غدارن تو پارن سان.
تون اڄ به قومي غيرت کي، پيو عام ھتي نيلام ڪرين،
۽ جيجل جي جھوليءَ ۾ ٽانڊا، اڄ به پيو تون جام ڀرين،
مون ڪالھه وڙھيو ھو گورن سان، ۽ اڄ وڙھان پيو ڪارن سان.
اڄ به ڏوٿين ڏنڀ ڏيڻ ۾، تنھنجو رھزن ساڳيو رنگ،
“منشي” وقت وصولي وٺندو، پوندا ويرين واجھن ونگ،
مان اڄ به آزاديءَ لئه ٻيڙيون، پائي بيٺس يارن سان.