ڪاراين ۾ ڪَڙيون جڙيون
ٻنھي ٽنگن ٻيڙيون جڪڙيل، ڪاراين ۾ ڪڙيون جڙيون
ڏوھي باغي ڪافر سڏجان، دانھون ڪُوڪون واڪا رڙيون.
ٿرٿل ٿرٿل ڪورٽ ٿاڻان، پاڻ کي ڏوھي پاڻ ٿو ڄاڻان،
شعر لکي مون انڌا ڪاڻا، ڪنھن جي ننڊ ڦِٽائي پاڻا،
ڏات به منھنجي انڌي ڪاڻي ڪِريل ڪنھن اَگھه ڪِين وڪاڻي،
ڪالھه وڪي نه ڪا اڄ سڀاڻي، ڄاڻي واڻي تند مون تاڻي،
اھڙيون گُھڻيون گھٽجي وييون، خوني ھٿ جي نھن سان نِڙيون.
ھر ھڪ دل ۾ دردن ديرو، ماروئڙن من مور نه ميرو،
گھر گھر تي اڄ پھرو گھيرو، چپ چُرڻ سان ڄر ۽ ڄيرو،
گولي، سوري، ڦاھي ڦيرو، وقت ڪري پيو نينھن نبيرو،
سُورھ ڀائين سوڀ سويرو، مُور نه ڀانءِ مٿو مٿيرو،
آزادي لئه اچ اڏيءَ تي، گھارڻ ڪارڻ ڪڙيون گھڙيون.
ھر ھڪ ساسي ويٺو سھڪي، ڪينجھر جو پيو پاڻي ٽھڪي،
ڌرتي ساري ڌڳ ڌڳي پيئي، ڪيڏي ڪوسي لُوھ لڳي پيئي،
مارو تاءَ کان ويٺا تڙپن، ڀونءَ سڄي تي ڀنڀٽ ڀڙڪن،
ڇڏ کڻي تون موھ مڏيءَ جو، اچ وڌائي مان اڏيءَ جو،
“منشي” ڪيڏيون محبت ڀَريون، دردن ۾ ڏس دليون سڙيون.