ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾
ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾، ڪير ٻُڌائي ٻَرندا ڪيسين،
جوتِ مٿي ھن جيجل جا ھي، ڳاڙھا ڳوڙھا ڳڙندا ڪيسين.
پورھتين جو پگھريل پگھريل ڏِيل ڏسي ٿو ڏِيل ڏري،
ڪاسي وارو ماسي مان ھي پورھيت پوري ڪيئن ڪري،
سارو مھينو سٺ روپيا ھو انگ ڍڪي يا پيٽ ڀري،
ڳالھيون ڳڻيو ڳڀرن جون ھي ڳڻتين ۾ پيو روز ڳري،
سنڌ امڙ جا سانگيئڙا ھي سور ڀلا چئو چرندا ڪيسين.
ليڙ لَٽن ۾ لڱ لڪائي، لڄ ڀري ڪيئن لال پري،
وار سُڪي جنھن وينڍا ٿي ويا، ناھي طاقت تيل تَري،
وِھر منجھان ٿي اُلٿي واندي، گھري وڏيرو گاه ڀَري،
ھي به ته ڪنھن جي ڄائي آھي، سوچي ظالم ته ڏس زَري،
پاھُ بُکن پنھوار ڪيا، سي پاروٿن تي پرندا ڪيسين.
جھانگيئڙن جو جھوپو خالي، آيو وِھرَڻ سڀ عيال،
ڪارا گورا ٻار اگھاڙا، وينگس ويڙھيل ھڪڙي وال،
گوڏن تائين گپ ۾ ڀريل، ٻار ٻُڍا سڀ ھيڻي حال،
ڪاوڙ مان ڪمدار اچي پيو، ڪانڊر سان ڪندو قيل مقال،
جھُور جھُڪيل ھي جھانگيئڙا، ھن جھُوپن ۾ پيا جُھرندا ڪيسين.
ڇانب اتر ۾ ڇنڙي ھيٺيان، ڇورن جي ڏس ڇانگ الا،
واءُ اتر جي ائين سي ويڙھيا، ويڙھيل ڄڻ ڪي نانگ الا،
ڪاڙھن ڪاڙھيا سرديءَ ساڙيا، سانگين سُورن سانگ الا،
حال ھنجن جو ھيڻو ھت ۽ ڪوڏ پيا ڪن ڪانگ الا،
مام انھيءَ ۾ ماروئڙا ھي مارون کائي مَرندا ڪيسين.
سارو ڏينھن تغاري سر تي، پيءُ پُٽ شام جو روپيا چار،
پيٽ بُکيا ۽ انگ اُگھاڙا، گھر جا ڀاتي ٻارھن ٻار،
تن مان ڪي معصوم مُدي ۾، ڪن کي بُک ڪيو بيمار،
حال ڏسي تن حيرت ڀريو، آيل روئي ڏئي اوڇنگار،
دوزخ جھڙي ان دنيا ۾، سانگي سادا سڙندا ڪيسين.
ٻارھي تي ڏس ٻاٻاڻن جا ٻارھن سالن وارا ٻار،
پيٽ گندي ۽ پنج روپيا، ھت آھي ماڻھوءَ جو ماھوار،
ڪنھن جون عيدون ڪنھن جون شاديون، ھي ته ھميشه ڍورن پار،
سٺ روپين ۾ سال سڄو ھن گروي پٽ تي گار جي وار،
ڪوس اھڙي ۾ ”منشي“ آخر ڪَلھا ڪنھن جا ڪڙھندا ڪيسين.