شاعري

گوندر ويندا گذري

ڪتاب ”گوندر ويندا گذري“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو :
”ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
Title Cover of book گوندر ويندا گذري

خواب

خواب

مون رات ۾ گنجي ۾ گجندي، ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا،
ٿي ٻھڪيا مُنھن ۽ ٻانھن ٻَر، مون ٻلواڻن ھٿ ٻان ڏٺا.

جتي مانجھين ميڙو ميڙو ھو، جھونجھارن مُنھن جھيڙو ھو،
ٿي راڻن سان راند ڪئي، تن وڙھندي ڪِين ويساند ڪئي،
ھو پاکڙ پڙ ۾ پائي بيٺا، سينا پنھنجا ساھي بيٺا،
لاڳاپا سڀ لاھي بيٺا، ڄاڻو پير ڄمائي بيٺا،
لاکيڻان لڄدار لٿل مون، سورھيه پُٽ سرواڻ ڏٺا.

ھُتِ ڀيڄ ڀني جو ڀڙڪا ھا ۽ ڪانن جا ڪيئن ڪڙڪا ھا،
ھت گونج متل ھي گولين جي، ۽ ٽڪر ٽولين ٽولين جي،
ڏيئي مُنھان منھن مھاڏا، ٿي ڄڻ سانَ وڙھيا ڪي پاڏا ٿي،
ھن ڀر جا ڀاڳيا ڀونيا ھا، ۽ اڳيان چور اڀونيا ھا،
مون جنگ اندر ڪئين جوڌا جاني، سورھيه پٽ سڄاڻ ڏٺا.

ھي آزاديءَ جو جھيڙو ھو، ۽ ڀائر ڀائر ڀيڙو ھو،
ھڪ غدارن جو ٽولو ھو، جنھن ننگ نسل ۾ رولو ھو،
سو ڌاڙيلن سان ھو ڌُر بنيو، ۽ سنڌ لئه سُورن سُر بنيو،
ھئا لعنت سان مُنھن لال سندن، ڇا ويھي ڪريان مان ڳالھه سندن،
ان ڪُڙم جي قاتل ٽولي جا، مون پيلا منھن خود پاڻ ڏٺا.

ھِتي ڌڌڪا ھا ڌُوپارن جا، ٿي ڪِريا ڪنڌ قنڌارن جا،
۽ کُنبھي ويس کڙھي ٿي، جا جيجل پاڻ پٽن کي پرتي،
ھئي جنگ دڙي ۽ دنگ سندي، لڄ لوءِ نازڪ ننگ سندي،
او آزادي او آزادي! او شھرن ڳوٺن شھزادي،
ان نعري ھڻندي “منشي” ڪئين مون راڻا پُٽ رت ڇاڻ ڏٺا،
مون رات گنجي ۾ گُجندي ڪيڏا سنڌوءَ جا سرواڻ ڏٺا.