ڦٽن تي ھڻ ڦري ڦٽڪا
ڪبار ڪارا نه ڪوٽن ۾، پنوھارن جا اڇا پٽڪا،
ڦوھارا ڏي يا ڏي ڦاسي، ڦَٽن تي ھَڻ ڦِري ڦٽڪا.
سندم ساڻيھه سندا سانگي، سھن جي سُور سوريءَ جا،
مون ڳايا گيت تن ھارين، مزدورن جي مزوريءَ جا،
ڪيا پڌرا وکا آھن، مون جابر تو جمھوريءَ جا،
سزا سچ جي صبح سانجھي، پيو سھندس سر مٿي سَٽڪا.
ٻه تي ڏينھڙا ڦٻي تو ڦُرِ، ڀلي ڌرتيءَ تي ھڻ ڌاڙا،
ڀلي ڀيلاءِ ڀاڳين ۽ تون وانگيئڙن سَندا واڙا،
مون سانگين کي سلايا سنڌ جا سڀ سُور ۽ ساڙا،
اصل ۾ ان ڪري آئون، آھيان تنھنجي اڳيان اٽڪا.
ڀلي ڪر قيد ۾ تون قيد، ڪوڙا ھڻ ڪشي ڪيڏا،
نه جُھڪندا سي اڳيان جابر، جگر جن جا جبل جيڏا،
نه سَھندا ھاڻ سانگيئڙا ڪنھن رھزن جون رڏيون ريڏا،
ڪري ڀل جُھور جھوري وجھه ڏيئي جھٽڪن مٿي جھٽڪا.
مُندون مينھن سَنديون “منشي” آيون مارُن مٿان موٽي،
ابر ۾ وچ اُتر کان اڄ، کنوڻ کُڻ جي نه ٿئي کوٽي،
سي ظالم ٿي زبون ويندا، اسان سان جنگ جن جوٽي،
ڪٽي ڏينھن قيد جي پيئندس وڃي مارُن سان مَئي مٽڪا.