دنيا جو دستور
عجب ڏٺوسون اچي ادا ڙي، دنيا جو دستور ھتي،
راھ رھڻ جي ڪائي ڪانھي، مسڪينن لئه مُور ھتي.
سُڪل ماني سيمنٽ جھڙي صبوح منجھان ھن ڪئي قندوري،
سر تي ڏَلھا شام صبح ھي، ڀيڻ کڻي ڪئين ڀوري،
ٻچڙا جنھن جا انگ اُگھاڙا، پيٽ پِٽئي جي ناھي پوري،
سونھن وڃائي سورن ساري، پوءِ به سر تي سوري سوري،
لپ لسيءَ لئه ھي لاکيڻي، مفت مري مجبور ھتي،
پيٽ بکئي جي لاءِ پلپل پيئي پڃاري پُور ھتي.
ھفتي ۾ ھزار مٽيءَ جو، سورنھن روپيا ست ڄڻان،
اڌ مُنو اٽو گھرجي، تيل ڪريان يا ميٽ ڪريان،
ڳنڌ جي ڪارڻ ڳڙ به گھرجي، ڪيئن ڪريان چئو ڪيئن ڪريان،
سيءَ سُڪائي سوڙھا ڪيا، تن ٻچڙن جي ٻاڪار پَريان،
ڀيڻ ويچاري لڄ جي ماري، ھڏ چم ڏيئي ٿي چُور ھتي،
اھيئي ڏلھا اھي ئي ڪوڏر، سھسين آھن سُور ھتي.
سِرَ تي ڏَلھا سانجھي ٿي ويئي، جھِڄندي پھتي جھوپي جھل،
ٻارن ڏسندي ئي ٻاڪاريو، اچي امان پيئي جيجل،
سُڪل چھرا ساوا ٿياڪجھه جيجل آڻِ جلائي چُل،
ساڳي ماني سيمنٽ جھڙي ڳُڙ سان ڳڙڪي ھر مھل،
ڌرتي ھنڌ ۽ اوڇڻ اُڀ جو، ڪيڏا ڪيس ڪلور ھتي،
مسڪينن جي ماس منجھان ٿا موجون ڪن مغرور ھتي.
سومر گذريو آيو اڱارو، اربع ڏينھن ويو اَٽو کُٽي،
فڪر لڳي ويو فاقي جو، پر پاڻ ٻَڌائين پيٽ پَٽِي،
ڪُلھن ڪر ڳل سر تي سارو، بُک مچائي ونجھه وٽي،
لوڻ ۽ پاڻي چلھه تي چاڙھي، پاءُ منجھان ڪيئين پٽي ڇٽي،
آس اڙايو ڏينھن جمع تي، نِير وھائي نُور ھتي،
پاڻ پچائي، لڄ لٽائي، جھُڳي ۾ جھُور ھتي.
ڪير ڪمائي، ڪير ٿو کائي، ھتي ادا حالات ڏسو،
ڪن لئه قائم ڏينھن سدائين، ڪن لئه ڪاري رات ڏسو،
ڪن جا پيٽ پلائن ڀريل، ڪن جي واري وات ڏسو،
سچ چوڻ لئه سِڪن سياسي، ليڊرشپ جي لات ڏسو،
اکين ھوندي انڌا آھن، نابينا بي نُور ھتي،
رشوت خور ريائي رھزن آفيسر منظور ھتي.
اڌ ۾ اي سي چيف برابر، اڌ ۾ ايسڊيو ۽ انجنير،
داروغي کي ڌار کپي ۽ ڌار گھري ٿو پيو سروير،
ايسٽيمنٽ اڍائي لک جي، خرچ ٿيا ڪي ڏوڪڙ خير،
گڏيا جواري ٺيڪداري، تري ڇَڪي جو آھي ڦير،
آفيسن ۾ عام کلي آ رشوت اورا اور ھِتي،
ڏيڊ روپئي ۾ ڏينھن سڄو ڏلھا کڻي مزدور ھتي.
ظاھر ظلم زميندارن جا ھارين تي ھر بار ھزار،
پاڻ پتوڙي لُنڊيون لتاڙي، اَنُ اُپائي ٿو جو اَنبار،
دل تي ڌاڪو، فڪر ۽ فاقو ٻچڙا بُک ڪيا بيمار،
سال سڄو جنھن سُور سَٺا، سو سير اَٽي لئه لاچار،
مرض ماريل ماروئڙن جو، ڪريان ڇا مذڪور ھتي،
سُورن جو سنسار ھتي ۽ سُورن پٺيان سُور ھتي.
سيءَ سيارو پاڻي پارو، گوڏ گنجيءَ ۾ ڪري گُذارو،
ڪاٺيون ٽيڪي، ھٿَڙا سيڪي، سال گذاري سارو سارو،
ھَرُ ھلائي، ڪيڙ لڳائي، ٺاھي ٻنيءَ جو ٻارو ٻارو،
وڏي وڏيري جو ته به تنھن تي، گار مٿي ڏس گار جو وارو،
مزدور ادا مجبور ھتي ، ڪري عَيش وڏيرو ٽُور ھتي،
ڪانگ کائي انگُور ھتي ۽ حور ماڻي لنگُور ھتي.
منھنجن مارن مسڪينن جو، حيرت ڀريو حال ٻُڌو،
لاڙئون لڏيو اُتر اچي پيو، پورھئي ڪارڻ ڳالھه ٻُڌو،
پنج ٻَچا ۽ پوڙھو پيءُ ھي اکين ڏٺو احوال ٻُڌو،
طفل ويچارا پنڌ جا ماريا، تن جي قيل مقال ٻُڌو،
جتي ته پيئي اُتي وھائي، سردي گرمي سُور ھتي،
سُورن سھندي سانگين کي ٿيا ، نَس نَس ۾ ناسُور ھتي.
گھر گڏھ تي، ڪَلھا ڪُلھي تي، انگ به اوڇڻ ڌارا ڙي،
پير اُگھاڙا، تتل ڪاڙھا، ڪلر ڪوسا ڪارا ڙي،
ڇھن ورھين جا ڇوڪرڙا ٿو، ٻارھي بيھاري ٻارا ڙي،
سوچي ڏس تون ايئرڪنڊيشنڊ ڪار ۽ بنگلي وارا ڙي،
اھڙو “مشي” ماروئڙن تي مڙھيل آ منشور ھتي،
گُڏ ڪڍي ۽ گاھ به وڪڻي، غمن ڪيو غرقور ھتي.