تُنبينِ تي تارِ پيچاري
وچينءَ ويلي ولر واري، وٿاڻن ڏي وريا ھوندا،
تُنبينِ تي تارِ پيچاري، تنواريندي تريا ھوندا!
ڊھوڙن سان ڊُڪيو پھچن، اڳيان سڀني کان الوڙيون،
ڏيئي ڦيرا ڦرن تي سي، مِڙي ڀريائون ماٽوڙيون،
ٻُري ڏيئي ٻاچڪو ڪانگھارين کي لاس تي لوڙھيئون،
وَٽيون ھٿ ۾ پسون پاسي، جي کيرن جا کريا ھوندا!
ڪنھن ڀاڳياڻيءَ گجر گوشي، ڪنھن ڀاڳياڻيءَ ڪُنڍي ڪاري،
ڀريون مٽرن جون ڀاڳياڻين، ڀٽارين لئه آنديون ڀاري،
ڦريون ڦولھي ھڻن سي ڦڪ، ھُوندي گاھن جي گلزاري،
پَٽِيندي مٽر پوڃاڙي، سندن ھٿ ٿيا ھريا ھوندا !
سونھن سِر سرتين جي، سينھڙن تي ٻيلھڙا ٻھه ٻھه،
ٺاھيون ٽوليون اچن ٽلنديون، ڪنديون ٽھڪن سندي ٽھه ٽھه،
چٽن سان چولڙا چمڪن، چُرن جي چَپَ ته ٿئي چھه چھه،
ڀنڀرڪي جي دلا ۽ مٽَ، ڀرم وارين ڀريا ھوندا!
چڙھيا چيٽي لڙھا، پٽن تي ڪيون پالوٽون،
صبوح ۽ شام ھارين جون، ھونديون جوڙن مٿي جوٽون،
سارين ٻيجا به ساماڻا، ھونديون ھر ڦل اندر ڦوٽون،
چُکين ۾ چاھ مان چؤڏس، چيھا چالُن چريا ھوندا!
وٽاڙن جي ڪو وٺ وٺ ۾، ڪنھن ھوندو ھر مُٺيو ھٿ ۾،
ڪو کاھوڙي کھي سان، ھوندو ڪانڊيرن جي سٿ سٿ ۾،
ڪو ڪوڏر، ڪو ڪھاڙيءَ سان، ھوندو ڪڙيي جي ڪٿ ڪٿ ۾،
ڪي ڪاڙھي ۾ ڪُھڙ ساڙي، نه ٽانڊن کان ٽريا ھوندا!
وني ۽ ورُ ڇڏي ٻئي گھر، ٻنيءَ تي ٻانگ سان آيا،
پورو ڏينھن پيٽ لئه پورھيو، لڪن ۾ لڱ تن تايا،
ٻپھريءَ ٻوڙ ريءَ ماني، پُڄائي ويا پسون ڄايا،
اُگھاڙا پير تن ٻارن جا، ڪاڙھي ۾ ٻريا ھوندا!
مارو ھن مُند ۾ “منشي” گنجي ۽ گوڏ ۾ گھارين،
ھڙيئي ڪِين ھڪ جھڙا، مون ھت ڪئي ڳالھه ڪِنِ ھارين،
ڪُتيءَ جي ڪم ڪرڻ ڪارڻ، ھُو ٽل سان ٽيم کي ٽارين،
سڀيئي سرکا متان سمجھين، سريا ڪي اَڻ سريا ھوندا!
وچينءَ ويلي ولر واري، وٿاڻن ڏي وريا ھوندا،
تُنبينِ تي تار پيڃاري، تنواريندي تَريا ھوندا !