اُميد
اُھو ڏينھن ايندو، پري ناھي پيارا،
اُھو ڏينھن ايندو.
ٿيندا ڀور تنھنجي ڀرم جا ھي ڀانڊا،
ڌرم دين دوکا، مڪاريت جا مانڊا،
ٽِڪاڻا تنھنجا ٽول تو لاءِ ٽانڊا،
توکي ڏيھه ڏاٽن سان ئي ڏنڀ ڏيندو،
اُھو ڏينھن ايندو.
نه محلن ۾ محفل مچائي تون سگھندين،
نه مظلوم ناريون نچائي تون سگھندين،
نه رنگين راتون رچائي تون سگھندين،
جڏھن رت پورھيت جو ٽھڪار کيندو،
اُھو ڏينھن ايندو.
ڪنبي ڪوٽ ڪنگرا ڪِري پَٽ پوندا،
نه توکي زمين آسمان ساٿ ڏيندا،
تو جھڙا ڪئين چور چکيا تي چڙھندا،
ھي تولئه سڄو ٿرٿلو ٿاڪ ٿيندو،
اُھو ڏينھن ايندو.
اُھي چنڊ چانڊي ۽ سوني جي سِڪا،
ڪُٺا قوم جا جنھن سھاري تو ڪِڪا،
چوين ٿو انھن لئه، ڌرم جا ھي ڌِڪا،
اُھو تنھنجو ناڻو نھوڙي تو نيندو،
اُھو ڏينھن ايندو.
جُڳن جي سُتل ڄاڻُ جنتا ھيءَ جاڳي،
ورھن کان ڏني وات ۾ جنھن تو واڳي،
گھڻو وقت دوکا ڏيئي تو ڌاڳي،
نه ھاڻي سندن رت بيڪار ٿيندو،
اُھو ڏينھن ايندو.
اجھي ڀونءِ ۾ “منشي” ڪي ڀڙڪاٽ ٿيندا،
۽ چورن لٽيرن جا ٻڙڪاٽ ٿيندا،
حويلين ۽ ماڙين ۾ ٽِڙڪاٽ ٿيندا،
نه ظالم ڪو مظلوم جو ماس کيندو،
اُھو ڏينھن ايندو.