شاعري

گوندر ويندا گذري

ڪتاب ”گوندر ويندا گذري“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو :
”ھن مجموعي ۾، ھِن ڏوٿيءَ، ھن عطائيءَ، ھن درياءَ دل راڳي شاعر، پنھنجي منفرد نظمن، واين ۽ ڪافين ۽ بيتن سان اسان جون جھوليون ڀريون آھن، جھولين کان وڌ اسان جون دليون ڀرڻ چاھيون آھن، بشرطيڪ ھُن جي اھا ورکا وٺڻ لاءِ اسين پنھنجيون دليون کوليون ۽ اُن ۾ جا صدا آھي، پنھنجي ماروئن ۽ پنھنجي ملڪ لاءِ قربانيءَ ۽ ڪم جي صدا، اُھا ٻُڌون . . . جيئن ڪا صدا ٻُڌبي آھي ۽ جيئن ڪا ورندي فرض بڻبي آھي، اُن ورندي ڏيڻ لاءِ پاڻ ڌونڌاڙيون ۽ پنھنجا سُتل مَن جاڳايون.
Title Cover of book گوندر ويندا گذري

اي سنڌ امان، اي سنڌ امان

اي سنڌ امان، اي سنڌ امان

تو قدمن تان قربان وڃان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!
تو پير پڻي تان گھور وڃان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو ٻُڌ ڌرم جا ٻار ڏٺا، تو ڏاھر جا ڏھڪار ڏٺا،
تو پنھنجن جا ھت پار ڏٺا، تو ڌارين جا ڌڌڪار ڏٺا،
تو ڪوپا ڪلنگيدار ڏٺا، تو سورھيه ڪئين سالار ڏٺا،
مان پيار مان تنھنجا پيار چُمان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو عرب ڏٺا، ارغون ڏٺا، تو پنھنجا ٿيندي خون ڏٺا،
تو وحشي مدد معلون ڏٺا، تو مانجھي ڪئين مدفون ڏٺا،
تو غازي گوناگون ڏٺا، تو محبت جا مجنون ڏٺا،
مان صدقي تنھنجي جيئڻ مٿان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو بيگ ڏٺا ترخان ڏٺا، تو خون پياسا خان ڏٺا،
تو گھوڙن جا گھمسان ڏٺا، تو ميري من مھمان ڏٺا،
تو جوانن جا جولان ڏٺا، تو شھزادا ذيشان ڏٺا،
تو سانڍيا سيني سُور نھان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو دودا دنگ دلير ڏٺا، تو ننگر پارا شير ڏٺا،
تو خلجي ٿيندي ڍير ڏٺا، تو پُوچا چنيسر پير ڏٺا،
تو طلوع، تو انڌير ڏٺا، تو ظالم ٿيندي زير ڏٺا،
تو روپ ڏٺا ڪيئن روان دوان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو سمان ڪيئن سلطان ڏٺا، تو دولھهَ درياھ خان ڏٺا،
تو حاڪم ڪئين حيران ڏٺا، تو وسندڙ ڪئين ويران ڏٺا،
تو ارڏا ڪئين افغان ڏٺا، تو قدرت جا ڪئين شان ڏٺا،
تو ڏٺا تماچي، سپڙ سمان، اي سنڌ امان ، اي سنڌ امان!

تو مغلن جا معياد ڏٺا، تو بابر ڪئين برباد ڏٺا،
تو اڪبر دين ايجاد ڏٺا، تو اورنگزيب آزاد ڏٺا،
تو شاھجان ڪي شاد ڏٺا، تو ڪُسندي ظفر اولاد ڏٺا،
تو سرمد سوريءَ ڏٺو عيان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو ڪلھوڙا ۽ مير ڏٺا، تو مدد جھڙا نخچير ڏٺا،
تو پنھنجا پرايا پير ڏٺا، تو فتح جھڙا فقير ڏٺا،
تو وڏا وڏا ڪئين وير ڏٺا، تو دانا ڪئين دلگير ڏٺا،
تو سُورن شاھد زمين زمان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو فن فرعوني فرنگ ڏٺا، تو دل پليت سي دنگ ڏٺا،
تو آڙيڪاپ اڙٻنگ ڏٺا، تو وانگين پوندي ونگ ڏٺا،
تو ھنج ڏٺا، تو ڪنگ ڏٺا، تو دنيا جا ڪئين رنگ ڏٺا،
ڇا تنھنجو زبان ھي ڪري بيان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

تو پنھنجن کي مجبور ڪري، ۽ ڌارين ڌاريو نُور ڪري،
تن وانگين سان وھلور ڪري ڇڏيو آھي جيئڻ ھِتِ سُور ڪري،
تن گھاءَ ڏنا ڪئين گھُورَ ڪري، سڀ احسان ويا اک پُور ڪري،
کڻيو ڪات ڪھاڙا وڍين زبان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!

ھي “منشي” آخر مرڻو آ، ۽ ويس مٽائي ورڻو آ،
ھڪ پير نه پُٺتي ڀرڻو آ، سو چئبو جيڪي چوڻو آ،
ھو سُور نه ھاڻي سَھڻو آ، جو بيٺو آ سو ڊَھڻو آ،
تو مٽيءَ کي من مانُ ڏيان، اي سنڌ امان، اي سنڌ امان!