ٿر جي ڏڪار تي
نه وسڪارو وڄڙين، نه ٿڌڪار ٿر ۾،
اُڃايل اکيون آس ونَديون اَبر ۾.
لڳي لُڪ ڪيا سُڪ مرُن مال ماڻھو،
ويڙھيچن تي ويلا، نه ڪو گاھ داڻو،
نه پاڻي پُساڻو، نه ڪو تن کي ناڻو،
وتي ھر ڪو وانگي ويڳاڻو ويڳاڻو،
ڏڪاريل ڏکن ۾ ڏسي ڏيھه ڏاڏاڻو،
کِجان پَسيو کاھڙ، ھي کاڻو ئي کاڻو،
اُٿن ٿا ادا ڙي اوٻار اندر ۾،
وسڪار وڄڙين نه ٿڌڪار ٿر ۾!
نه ڀون ڀون بوڻيندن، نه ڀڻُڪو ڀَليرو،
نه ڦوڳن ڦلھارون، نه ڪنھن ڦر جو ڦيرو،
نه چيھا نه چالون، نه ڇيرن جو ڇيرو،
ڀِٽون ڀانگ ڀلجي، ڪيو ڪنھن نه ڀيرو،
اندر ھر ڪنھين جو اُڃيرو اُڃيرو،
پلر ڪٿ نه پسجي، ڪو پاڻيءَ جو پيرو،
ڏڪي ڏِيل ڏک کان ٿو ڏوٿين ڏُڪر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪار ٿر ۾!
نه ڪا بوند برسي، نه بر ۾ بھاري،
وسي وانگين جي وطن ۾ پيئي واري،
جياپي جو تن تي ٿيو جر نه جاري،
تباه تَونس ۾ ٿيا، ھرڻ، ھر ۽ ھاري،
ٿيا چَٽ چُرڻ کان چوپايا چوڌاري،
نه ليکو لکڻ جو، زبون حال زاري،
اچن رُڃ نِپٽ جا نظارا نظر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪار ٿر ۾!
پسي ڌُوڙ ڌرتيءَ، ڌُٻڻ ڌڻ ڌڻولي،
نه ڇوراڙ ڇر تي، ٽھڪڻ سان ٽولي،
نه گُرگالون گس تي، نه ڪنھن گول ڳولي،
نه ڪٿ ڪئي ڪچھري ويئي وَھي وچولي،
نه ھونگر ھمرچي جي ٻولي ڪنھن ٻولي،
سُڪا مُنھن سندن، ڪنھن کُلي، کِلَ نه کولي،
وٺي ريءَ ويچارا ويڙھيچا وَيَر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!
کٽي ويون کوھيون، نه ڇيڪار ڇيلن،
سڙن سيٽ پيا ۽ نه سينگار سرتين،
اَسر ڏيو اُٿن پنڌ پاڻي آ ميلن،
ڀري ھيڙ ھر ڪنھن وڏن ڪن وسيلن،
سڄو گھر، سڄو ڏينھن گھڙي پاڻي گھارين،
سُڪل سائون سُڪُ ٻُڙ مان سانجھاڻ سارين،
جيئڻ ھي پسي، جل جاڳيا جگر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!
ھي جيئرا جنازا، گُنگا ڪن نه گُڻ مُڻ،
نه ڪنھن چپ چوري ڪئي چؤنرن ۾ چُڻ چُڻ،
نه ساڏوھين تي ڪا سُڻجي ٿي سُڻ سڻ،
نه ڪي ڀر ڀٽن جي ڪا ڀاڳين جي ڀُڻ ڀُڻ،
نھارين کڻيو نيڻ کنوڻين لئه کُڻ کُڻ،
کاٽونبا کُٽي ويا، اندر تن جي اُڻ تُڻ،
مرن مور ماندا ڪارونجھر جي ڪر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!
ٺھن چند ٺڳن لئه ڪروڙن جا ڪوٺا،
لُڇن لال لک جت، اُتي مُنھن آڻڱوٺا،
نه پرسايا پاپين پنوھارن جا پوٺا،
ڏئي مُنھن مارُن ٺِڪر ٺلھا ٺوٺا،
کنيا ڪنھن نه سانگين جي سورن جا سوٺا،
لکين پيٽ ڀرين جا ٽڪر چند جُوٺا،
ترقي پيئي تِرڪي، چورن جي چڪر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾!
ڇني حق ورتا ڏيئي راڻن جتي رت،
ڪري راڄ پورھيت ۽ ھاري حڪومت،
ھزارين تنين ميل پوٺا جي پربت،
بنائي ڇڏيا باغ جنتَ ئي جنتَ،
ملي ھت نه “منشي” ٿي مارُن کي محنت،
پوري رت چوسيندڙ لغورن تي لعنت،
جيئڻ جن جھنم ڪيو سانگين جي سر ۾،
نه وسڪار وڄڙين، نه ٿڌڪاڙ ٿر ۾،
اُڃايل اکيون آس ونديون آبر ۾
(1974 ۾ ٿر ۾ ڏڪار آيو جنھن تي سڀني اخبارن ۽ رسالن گھڻو ڪجھه لکيو ھو، ان کان متاثر ٿي، سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ھيءُ شعر لکيم. منشي)