ڪانڌ جنين جا قيد ۾
بي ڏوھيا بند ٿيا، قيد جنين جا ڪانڌ،
سيئي پوتين پانڌ، روئي ڇو نه رنڱينديون.
ڪانڌ جنين جا قيد ۾، ڪارڻ قوم ڪڙھن،
مُنھن تنين جا مٿيرا، ٻين کان ٻاين،
رکيا جن سُور سھي، ڀرم ڀتارن،
مُرڪن، مارڪن، سدائين سي ساٿ ۾.
ڪانڌ جنين جا قيد ۾، بيٺا باسي ڏوھ،
چون ڪنھن پر قوم سان ڪِين ڪنداسون ڊوھ،
اَديون اھڙين آھرين، ڪير مَٽيندي موھ،
لؤن لؤن اندر لوھ جيڏيون سي جڙي ويا.
ڪانڌ جنين جا قيد ۾، مٽيا مھينا سال،
اُٿن آڌيءَ تن جا، ڇرڪ ڀريو ڇال،
اکيون تن آسائتيون، لُڙڪ وھائڻ لال،
منھنجي ڇا مجال، جو روڪيان سندن راھَ کان.
اڃان ويس ھانءَ جو، لڱان نه لاٿم،
اَديون ڙي آيم، وڇوڙو ورھن سَندو.
مينديءَ رتا ھٿڙا، اگر واسيل وار،
ڀري ڇرڪ ڇڏي ويو، جھيڙي ڏي جھُونجھار،
ڀينر مون ڀتارم جھلڻ ڪنھن نه جھليو.
ھڪ نه پَليم سِڪَ، ٻي ڦٽيس ڦوڙائي،
دل کي ڊوڙائي، ٿَڪيس تا نه ٿاڪ ٿيو.
ڀلا تنين ڀاڳ، جيڪي ڪانڌن ڪڇ ۾،
سَرتيون مون سھاڳ، ڪيو سڱ سنڌوءَ سان.
سچو سڱ سنڌوءَ سان، جوڙي رکيئين جي،
ڍُڪ ڍڪيءَ ۾ پي، ھتان مون کان ھليو.
سچو سڱ سنڌوءَ سان، مون سان مٿڇرا،
انھيءَ اپسرا، ھورو ھئن ھِينئڙي.
سچو سڱ سنڌوءَ سان، جيءَ رکيئين جوڙي،
مون کان منھن موڙي، پيچ ڪيائين پڌرا.
سُڻي سڏ سنڌوءَ جو ھڻي، ھڻي ھليا ھام،
کاھوڙين کي کام، اديون انقلاب جي.
سُڻي سڏ سنڌوءَ جو، ترڪ ڪيائون طعام،
اکر عام عوام، اُچاريندي اُٿيا.
سُڻي سڏ سنڌوءَ جو، سَرتيون ڇڏي سيج،
ڏيئي ڏک مون ڏيج، ھلڻ ھارا ھليا.
منھنجي روئڻ نه روڪيا، ڪُڇ نه ڪڇيائون،
پلڪ نه پڇيائون، ڏيئي ڏولائو ڏور ٿيا.
ٿي کڙھ تي کُپ، روڪيم وَر وڃڻ کان،
ساڳي چپن چُپ، ڌڪي مون کان ڌار ٿيو.
ڀنيءَ نڪري ڀاڪران، ڀينر ويم ڀتار،
سدا سُور سنڌوءَ جو، ڪاڙھو ھئن ڪَپار،
واسي ويڙھيان وار، اَديون ڪنھن پران ريَ.
ڀينر مون ڀتار ريَ، ھڙيئي ڀڳل ھڏ،
ڏسي ڏک ڏوٿين جا، لاڏن لاٿي لڏ،
سُڻي سنڌوءَ سڏ، تر نه ترسيا تڙ تي.
ڪانڌ پيو سو پانڌ، جنھن عشق انقلاب سين،
مون من ڏيئي مانڌ، سر تي ساٿ سين.
ادي نه ڀائيم اِئين، ستاڙي ئي سنڀرندو،
جيڏيون جھليم جيئن تيئن ٿي ويو تڪڙو.
ڪھڙا قيدي ڪانڌ جا، سر تي سُور سَليان،
پل نه پاسي رھي، پليو جيئن پَليان،
ھاڻي ھيڪر جي اچي، پائي جھول جھليان،
ويٺي ميٽ مَليان، پنھنجي قيدي ڪانڌ لئه.
ڏيئي ڏوراپا، ڪھڙا مُنجان ڪانڌ کي،
ھاڻي حقيقت جا ويو، ڇاتيءَ تي ڇاپا،
ميم ويھي ماريا، ته محبت مٿو ناھي ڪو.
ڪوٽ ڪِرن، قيدي ڇُٽن، جلي منھنجو جي،
ساڙين سانوڻ ڏينھڙا، ٻيا سياري سي،
ٻولي مونکي ٻي، اَديون مور نه آئڙي.
اديون اَچُ اُھڃاڻ، تو سڻايان تن جا،
سدا سي سُورن سان، ڪن راتو ڏينھن رھاڻ،
ڄاڻي ٻي سڀ ڄاڻ، ڪُل ڇڏيائون قوم لئه.
ڪڏھن مليل مُشڪ، ڪڏھن ڀُڻن ڀڀوت،
ڪڏھن منجھه سڪوت، ڪڏھن شور سمونڊ جان.
ڪڏھن ڪاڳر ڪڇ ۾، ڪڏھن بم بندوق،
ڀينر مون ملوڪ، ڏونگر کان ڏاڍا گھڻو.
اٺئي پھر اون، انھن آزاديءَ جي،
ڪن ڪيائون ڪونه، اکر ٻيو ڪو اُن ري.
سندن سخن سچ، ڪُوڙ نه اوڏا ڪڏھن،
محبت سندا من ۾، ويا مچائي مچ.
ڳڻن ڀريون ڳچ، ڳالھيون تِن مون تَن ۾.
ڪُوڙا نه اوڏا ڪڏھن، نه ڪو سچ سَلين،
پنھنجو پاڻ پلين، ٻيائي ٻوليءَ ڪنان.
اَديون اھڙا آتڙا، رھي ڪن نه رھاڻ،
ساٿي ھوندن ساڻ، ته مون لئه راتيون رُڪ جون.
ھڪ ته تازيان تيز ۽ ٻي جا مُنھن مڻيان،
لکين لائق تن جا، ڪھڙا ڳُڻ ڳايان،
منھنجو ڌار ڌڻيان، جيڏل جيئڻ جي ٿئي.
سا تنوارين تات، جنھن ۾ سرھو سڀڪو،
ڏسيو ڏرن ڏُک ۾، اصل آدم ذات،
لکين لات منات، ڀڃي تِن ڀورا ڪيا.
ڪڏھن رھن رُڃَ ۾، ڪڏھن جھاڳن جر،
ڪڏھن قيدن قيد ٿيا، ڪڏھن ڏيھه ڏونگر،
ڪڏھن ڀينر ڀر، اچيو رھن راتڙيون.
ادي سندن اگھه، ڪٿي ڪنھن نه ڪٿيو،
سرتي سندن سگھه، پھاڙن پُرزا ڪري.
بُکون باسيائون، سُکن ڪارڻ ساھيڙي،
واڙو واسيائون، آزاديءَ خوشبوءَ سان.
کلي کنيئون کريا ڪري ڏک سموري ڏيھه،
ويھڻ ڪري ويھه، قيد قبولي ھليا.
سارا سانگيئڙن، سُور کنيائون سِرَ تي،
جھوري جھانگيئڙن، پيڙا ھئن پاڻ سين.
کولين کٿن ھيريا، سُوريون سمجھن سيج،
ڏک ڏکوين ڏيج، کنيئون سِرَ تي.
ڪُلھن قومي جنگ جا، کنيئون ڪُل ڪتاب،
ادي ھو اصل کان، ھلڻ سان حساب،
جوڙي ڏين جواب، ھڪيو ھر ڪنھن ھٿ ۾.
ڪاڙھو رُڳو قوم جو، ٻولي ٻي نه ٻُجھن،
وڃن ڪُوڪون ڪندا، جيسين سڏ سُجھن،
پانچاريا پھچيو وڃن، کيرا جت مُنجھن،
سڏيو ساٿ کڏين، ڀينر پنھنجي ڀونءَ تي.
جاڳن تان جلن، سُرن سمھڻ تن جو،
ھميشه ان حال ۾ ڪارڻ قوم ڪڙھن،
اھڙو اھڃاڻن، مھنديرا مٽي ويا.
پُڇيم پائي پانڌ، ڪنھن لئه ڪَٽين قيد ٿو؟
ڪنڌ ورائي ڪانڌ، ڪئي ڳالھه ڪُڙم جي.
اھڙو ور وساريان، سو نه مُنھنجي وس،
ڦوڙائي ڦٽيو ھنيئون، پوءِ به ڪونھي ڪس،
جيڏل تِن کي جس، جي قيدي ٿيا قوم لئه.
اھڙا ور وڙائتا، ڀينر ڀاڳين ڀُون،
حق سدائين حاڪمين، چٽين اکرين چُون،
ھيٺان ڪاتيءَ ھُون، ته به اکر ٻيو نه اُڪلي.
انھن جون اَدي، ڳُڻن ڀريون ڳالھڙيون،
آئون آھيان ان جي، ٻانھي ٻول ٻڌي،
موران جن مدي، سانڍي ڪانه سرير ۾.
بيٺا قومي جنگ ۾، جوٽڻيون جوٽي،
پڪون پون پڙ ۾، کري ۽ کوٽي،
ماناتو موٽي، شل ڪانڌ منھنجو ڪر کڻي.
سوڀارا ٿي سُپرين، منھنجا موٽن شال،
ڏک سموري ڏيھه جا، کڻي ڪھيا ڪالھه،
ويٺي تن لئه فال، وجھان ۽ واجھائيان.
پنھنجي قوم ڪروڙ جا، سر تي ساڻن سور،
ڀينر ٻڌي ڀريون ڪري، ويا ڏوريندا ڏور،
ھئن مُنھن مذڪور، ته آزادي اکيين ڏسون.
ڀينر ڀنڻ تان ڪريون، جي گھوٽ ڏسون گھاٽي،
ھو ته ويٺا قوم لئه، ڪڏھن ڪنڌ ڪاٽي،
سندن ئي ساٽي، آزاديءَ جو آسرو.
جيڏل جن جاٽِي، گھوڙا گھڙي تن سين،
ٻڙي ٻِواٽي، ڪڏھن ٿئي سا ڪانه ڪا.
سڏي سُورائتن کي، ساٿ ڪيائون ساڻ،
ارادا انھن جا، جي ڄٽي ڄاڻ،
پاڻ وڃائي، پاڻ ٿئين گھوري اھڙي گھوٽ جي.
ھو واپاري ولات جا، سوداگر سُورن،
پاڻ پڌاري ھليا، پائي مون پُورن،
کامان ٿي کُورن، ساريون قيدي ڪانڌ کي.
سودي سوديائون، سور سموري سنڌ جا،
ٻڌي سي ڪُلھن ڪري، کِڙيا کنيائون،
آھيون چيائون، واپاري ورھاست جا.
سانگين ٿيئڙا سال، سھندي سُور سماج جا،
ڏسي ڏک ڏري پيا، ھيڻن ھارين حال،
ڀينر مُنھن مقال، ھُين ھميشه تن جي.
وجھي وڏيرن ونگ، وانگيئڙا ونگي ڇڏيا،
لُڪن تِن لوساٽيا، اڌ اُگھاڙا انگ،
رھي اُتي راتڙيون، رچايئون رنگ،
جيڏل جوٽيئون جنگ، پاران پنوھارن جي.
ويري ڪن ڍيري، جتي ڏسن ڏيھه ۾،
نه سي سھن ساڻيھه ۾، جن جي اک ميري،
چُرن چورن پُٺِ ۾، پاڻ ٿيو پيري،
اَديون اُڪيري، آئون انھن لئه آھيان.
جتي ظلم زور، اتي اڏيئون نِجھرا،
کڻي پير پيرائتا، چٽا ڪئون چور،
گھورا ڪري گھور، تن ويل ڄاڻ ورائيا.
ڀاڳيا ڀانئين ڀاڳ، ھاڻو ھڻن ھٿڙيون،
ادي ھي اتي وڃبو، سانگي ڪن سجاڳ،
تڏھن موٽن ماڳ، جڏھن جوءِ جاڳي پوي.
اِنھن آکيرا اُڀ ۾، نظر تائين ناٿ،
سر تي سارو ساٿ، گڏي آڻين گس تي.
جڏھن گڏي گس، ڪندا پنھنجي قوم کي،
تڏھن ھاڻوءَ ھڪڙي، ڏيھه نه پوندو ڏس،
ٿيندي وطن وس، کِڙندا سج سُکن جا.
ويا ٿي واقف واٽ جا، ھلي ھلي ھاڻ،
ڀينر قومي جنگ جي، ڄاڻي ڇڏيئون ڄاڻ،
اَديون اھڙن ساڻ، لڳيون سي لال ٿيون.
ڄڻي وجھو ڄَر ۾، تنھن کان ڪيم ڄڻيو،
پھرين ڳالھه ڳڻيو، ته ڄم بچي ڪيئن ڄر کان.
چون عورت ذات، آھي کاڄ ڀتين جو،
ڪيڏو وڏو ڪوڙ آ، ڏينھن کي چون رات،
ھٿ ھٿن جھڙا، واتن جھڙا وات،
کڻو ڪاتيون ڪات، اچو ڏيھه ڏيکاريون.
نڪري اچو نجھران، ڀيڻون ڌڻي ڀون،
ڪسابن کان ڪوس ۾، جيڪي ڄڻياسون،
ھاڻي تونھين تون، تکي تند تنواريو.
ڳائي وڄائي، اچو قومي جنگ ۾،
سرتيون سر سھائيو، پاڻ پُرين لائي،
ڌاريون ڦر ڌائي، چوريءَ تنھنجي چال پيو.
ڪوھ ڪري تون ڪوھ، ڏمرئين ساري ڏيھه تي،
وڃ وسامي ويھين رھين، ڇڏي منزل موھ،
ڏر ۾ وانگي ڳوھ لڪيو لٻاڙون ھڻين.
نه ڪو بم بندوق تو، نه نيزا نه ڀالا،
ھنيا تو نه ھٿن سين، نه سٺئي سنوالا،
البت اوڀالا، ڏيڻ مليئه ڏاج ۾.
ڪيڏي دعوى عزم جي، ڪيڏو پٿر پور،
ماڻھو ھن مخلوق ۾، مڙئي ناھن مور،
زرھ ڪنان زور، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ ھينئڙو.
تو جي چيٽا چٽڙا، ماڙھو ماڙھو من،
عمل عقل وچ ۾، اُگھاڙا آھن،
ڏيئي پڙھن تن، توئي پرھڻ کسيا.
عمل ري انسان آ، نپٽ اُگھاڙو،
عقل جو چاڙھو، اُتي آھي ڪِين ڪي.
نينڊي نسل ننڊ مان، پاڻ گسائين گس،
ھڪڙا ڏيئي ڏس، وڃي ٻيو ٻي واٽ تي.
سڀا تنھنجي سڏ تي، ايندو ڀلا ڪير،
پُوچا ڏيئي پير، ٽوليءَ کان ٽُٽو وڃين.
جڏھن تنھنجي ڏيھه تي، ڏکن ڀريا ڏينھن،
تڏھن تنھنجو نينھن، ڏمريو پاران ڏاڍ جي.
وجھي ٻج ٻنيءَ ۾، سلن ڏنئي سوڪ،
جي نه مليئي موڪ، ته ھُرلو ھٿان ڇو ڇڏيئي.
ھلٽ ھيڻو ئي سھي، ھو ته اريجان ريج،
پر تو ھينئڙي ھيج، ڀيلائڻ تي ڀاڙيو.
ڪڏھن منھنجا گيت، ڌرتيءَ تي ايئن گونجندا،
سلا جھڙيءَ ريت، اُڀرن اُٺي مينھڙي.