مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ارپنا

ھيءُ علمي پورھيو آئون پنھنجي عظيم استادن بابا سائين فيض محمد سومري ۽ بابا سائين فتح الدين سومري ’بيدار‘ مورائي جي نانءِ ڪريان ٿو؛ جن منھنجي بھترين تربيت ڪئي ۽ سماجي ڪمن ڏانھن راغب ڪيو. ان سان گڏوگڏ آءٌ ھيءُ قلمي پورھيو موري جي سڀني سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي نالي پڻ ڪريان ٿو؛ جن ”سگا“ شاخ موري جو بنياد وڌو ۽ اڄ تائين موري شاخ ۾ رھي ڪري سچائي ۽ لگن سان غريبن مسڪينن ماروئڙن جي خدمت ڪري رھيا آھن.

ـــــ پروفيسر شمشاد احمد سومرو