سال 1979ع
محترم نذير احمد قاضي (چيئرمين)
محترم حاجي رسول بخش ٻگهيو (ميمبر)
محترم رحيم بخش ميمڻ (ميمبر)
جنرل باڊي ۽ ساليانو چونڊ اجلاس:
2 مئي 1979ع تي، ”سگا“ موري شاخ جي ساليانا چونڊ، لاءِ اجلاس، ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪوٺايو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي جنھن جي سعادت محترم حسين بخش ميمڻ حاصل ڪئي جنھن بعد شاخ جي جنرل سيڪريٽري عظيم سولنگيءَ، گذريل سال 1978ع جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان کان پوءِ صدر صاحب پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو ۽ بعد ۾ باڊي ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو. هن چونڊ ڪاميٽيءَ کي گذارش ڪئي تہ سال 1979ع لاءِ چونڊون ڪرائين جنھن بعد چونڊ ڪاميٽيءَ جي زير نگراني نئين سال 1979ع جون چونڊون ٿيون جنھن ۾ هيٺيان عھديدار ڪامياب ٿيا.
صدر: ڪئپٽن ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ
نائب صدر: محمد خان سومرو
جنرل سيڪريٽري: عظيم سولنگي
جوائنٽ سيڪريٽري: قاضي محمد علي ”اختر مورائي“
اطلاعات سيڪريٽري: عطا محمد ميمڻ
خزانچي: غلام النبي سمون
ڪاروباري ڪاميٽي:
پروفيسر سيد علي بخش شاھہ، حاجي محمد عاقل سولنگي، پروفيسر نذير احمد قاضي، جان محمد ”ايم عطار“، صلاح الدين پنھور، رب پرتو انصاري.
هن ساليانا چونڊن واري اجلاس ۾ ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، محترم نذير احمد قاضي، محترم شفيع محمد ميمڻ، محترم اختر مورائي، محترم صلاح الدين پنھور، محترم سائين محمد نوح ميمڻ، محترم عطامحمد ميمڻ، محترم غلام النبي ڪورائي، محترم امانت علي مغل، محترم سليم جمال ميمڻ، محترم رحيم بخش ميمڻ، محترم رسول بخش ٻگهيو وڪيل، محترم عظيم سولنگي، محترم رب پرتو انصاري، محترم محمد بخش سيھڙ، محترم حاجي محمد يونس سولنگي، محترم حسين بخش ميمڻ، محترم غلام رسول سرهيو، محترم عبدالحق ميمڻ، محترم غلام النبي سمون، محترم محمد خان سومرو ۽ محترم حاجي محمد عاقل سولنگيءَ شرڪت ڪئي.
اسڪولن کي واٽر ڪولر ڏيڻ لاءِ تقريب:
5 مئي 1979ع تي، ”سگا“ موري پاران، پرائمري اسڪولن کي ٿڌي پاڻي مھيا ڪرڻ واسطي واٽر ڪولر ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب پروفيسر نذير احمد قاضي جي صدارت هيٺ ”روشن تارا ڪي جي اسڪول موري“ ۾ ٿي گذري. جنھن ۾ 15 واٽر ڪولر، مختلف اسڪولن ۾ ورهايا ويا. جيڪي انھن اسڪولن جي هيڊ ماستر صاحبان وصول ڪيا. واٽر ڪولرن کان علاوہ ٽن اسڪولن پرائمري اسڪول الھه يار سيال، مين پرائمري اسڪول مورو ۽ گرلس هاءِ اسڪول موري ۾ سيمينٽيڊ پڪيون ٽانڪيون تعمير ڪرائي ڏنيون ويون. واٽر ڪولر، ”سگا“ موري شاخ جي صدر ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ صاحب تقسيم ڪيا. ان موقعي تي ڊاڪٽر بشير الدين صاحب کان علاوہ پروفيسر نذير احمد قاضي، صلاح الدين پنھور ۽ محترم جمال الدين مومن تقريب کي خطاب ڪيو ۽ ”سگا“ جي مول مقصدن کان مھمانن کي آگاھہ ڪيو. هن تقريب ۾ ”سگا“ جي ساٿين سان گڏوگڏ مخير حضرات، جن ”سگا“ جي مالي مدد ڪئي هئي تن پڻ وڏي تعداد ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ٻارڙن جي تعليمي سال جي سلسلي ۾ پروگرام ۽ حلف برداري تقريب:
بين الاقوامي طور 1979ع سال کي ’ٻارڙن جو سال ڪري ملھائڻ‘ جو فيصلو ڪيو ويو ته، ”سگا“ مرڪز پڻ پنھنجي طرفان ”1979ع کي سنڌي ٻارڙن جو تعليمي سال“، ڪري ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ شاخن کي چيو تہ اهي پڻ پنھنجي پنھنجي برانچن ۾ سنڌي ٻارڙن لاءِ محفلون، مقابلا ۽ ميلا منعقد ڪن. ان سلسلي ۾ ”سگا“ موري شاخ پاران ’25 مئي 1979ع‘ تي ”روشن تارا ڪي جي اسڪول موري“ ۾، هڪ شاندار ۽ يادگار پروگرام (فنڪشن) ڪيو ويو. هن تقريب جون ٻہ بيٺڪون ٿيون. پھرين بيٺڪ ۾ نين چونڊجي آيل عھديدارن جي رسم حلف برداري تقريب ٿي، عھديدارن کان حلف، چونڊ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين پروفيسر نذير احمد قاضي جن کڻايو جڏهن تہ ٻي بيٺڪ ۾ ٻارڙن جون انگريزي ۽ سنڌي ۾ تقريرون/ تقريري مقابلا ٿيا. جنھن بعد پرائمري اسڪول جي ٻارڙن مختلف خوبصورت ائٽم پيش ڪيا جھڙوڪ: ’گيھه جو دلو‘، ’ٻارڙن جي ٻاري‘، ’مشاعرو‘، ’صفائي سٿرائي‘ وغيرہ. پرائمري جي شاگردن انھن ائٽمن ۾ شاندار پرفارمنس ڏيکاري ۽ سامعين کان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو.
ضلعي ڪنوينشن:
روشن تارا ڪي. جي. اسڪول موري ۾، ضلعي نواب شاھہ جي ”سگا“ شاخن جو اجلاس/ ڪنوينشن 7 سيپٽمبر 1979ع تي ”سگا“ موري شاخ جي ميزباني هيٺ ٿي گذريو. جنھن ۾ مرڪزي عھديدار پڻ شريڪ ٿيا ۽ انھن ڪنوينشن کي خطاب ڪيو. مورو شاخ پاران مھمانن ۽ شريڪ ٿيندڙ ساٿين لاءِ ماني ۽ چانھه جو بندوبست ڪيو ويو.
لائبريري ۽ ريڊنگ روم:
هن سال نومبر 1979ع ۾ ”سگا“ موري شاخ پاران ”شاھہ عبداللطيف لائبريري ۽ ريڊنگ روم“ جو باقاعدي افتتاح ڪيو ويو اها لائبريري ”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر محترم احسان علي لغاريءَ جي جڳھہ/ ماڙيءَ تي هئي، جيڪا نيشنل بئنڪ مورو ڀرسان ”بشير ڪلينڪ“ سامھون هئي، جيڪا ان کان 200 روپيا مسواڙ تي ورتي وئي. مخير حضرات کان ڪتاب حاصل ڪيا ويا جن ۾ محترم امان ﷲ ٻگهيو ۽ محترم جان محمد عطار سرهيو جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
پرائمري اسڪولن کي بئنچون ڊونيٽ ڪرڻ:
”سگا“ موري شاخ پاران موري جي مختلف پرائمري اسڪولن (ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن) جي سروي ڪئي وئي تہ ڪھڙن ڪھڙن اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ آهي، ان جي پورائي لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. ”سگا“ جي اپيل تي مخير حضرات گذريل سال 32 وڻ ڏنا هئا. انھن مان هڪ سو بئنچون ٺھرايون ويون، انھن جي مزدوري جا 3000 روپيا رئيس قلندر بخش مبيجي ڏيڻا ڪيا ۽ ائين اهي هڪ سئو بئچون محمد الياس ڊکڻ ٺاهي ڏنيون. جيڪي هڪ تقريب ۾ سڪندريہ اسڪول، گهنور خان چانڊيو (گرلس اسڪول) احمد شاھہ اسڪول، الھه يار سيال اسڪول، لالو ماڇي (برانچ) اسڪول، الھه يار سيال (گرلس اسڪول)، شادي خان ڍلو اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري (برانچ) اسڪول مڪراري ۽ ٻين اسڪولن کي ڏنيون ويون جيڪي انھن اسڪولن جي هيڊ ماستر صاحبان وصول ڪيون. هن ۾ وڌ کان وڌ ”سگا“ موري برانچ صدر ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ جون ڪوششون ۽ ڪاوشون هيون.
تعليمي ادارن ۽ ڪاليج جي هاسٽل لاءِ ڪوششون:
”سگا“ موري پاران، ”ٽيچرس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ فار وومين“ واري اسڪيم مرڪزي سرڪار جي سھڪار سان بحال ڪرائي، مذڪوره عمات لاءِ معزز شھرين کان تعاون حاصل ڪري پلاٽ ڏنو ويو ۽ اها بلڊنگ 54 لکن جي لاڳت سان تعمير ٿي. ان کان علاوہ ”مھراڻ ڪاليج موري“ جي هاسٽل واسطي ”سگا“ مورو شاخ سرگرم رهي، ”سگا“ مرڪز جي دوستن کان تعاون حاصل ڪري شھر جي اهم ضرورت کي هٿان وڃائڻ نہ ڏنو ۽ 33 لکن جي لاڳت سان هاسٽل تعمير ٿي.
امدادي فلم شو:
”سگا“ موري پاران، موري شھر ۾ لائبريري ۽ ريڊنگ روم، مرڪز کان 2500 روپيا قرض وٺي شروع ڪيو ويو هو، جيڪو قرض موري شاخ کي مرڪز کي ڇھن مھينن ۾ واپس ڪرڻو هو، ان ڳالھ سڀني ساٿين کي پريشان ڪري رکيو هو ان لاءِ ڪاڪ محل سئنيما جي مالڪ رئيس خان محمد جمالي کان مفت فلم شو جي اجازت وٺي، ڪاڪ محل سئنيما ۾ فلم هلائي وئي جنھن مان 6115 روپيا مقامي انتظاميہ جي تعاون سان حاصل ٿيا، اهڙي طرح ”سگا“ جي مالي پوزيشن مضبوط ٿي وئي ۽ لائبريري لاءِ هڪ وڏي ٽيبل، 14 ڪرسيون ۽ ڪٻٽ ٺھرايا ويا. فلم شو مان ڪمايل پئسن مان اٽڪل 2000 (ٻن هزارن) جا ٻيا نوان ڪتاب محترم صلاح الدين پنھور جي هٿان حيدرآباد مان گهرايا ويا، محترم پنھور صاحب تمام وڏي رعايت سان لڳ ڀڳ 4000 (چار هزار) جا ڪتاب 2000 ۾ خريد ڪري آندا.
