مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

”سگا منھنجي ساھہ ۾“ هڪ مفصل ۽ منفرد تاريخي دستاويز

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي شاندار تاريخ گڏ ڪرڻ منھنجي زندگيءَ جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي تہ سگا بابت جڏهن بہ، جتان بہ معلومات ملندي آهي تہ آئون خوشي محسوس ڪندو آهيان ۽ مون لاءِ ان کان بہ وڌيڪ خوشي جي ڳالھ اها هوندي آهي تہ مون وانگر ٻيو ساٿي پڻ سگا جي تاريخ کي سھيڙن ۾ دلچسپي رکندو هجي. پروفيسر شمشاد احمد سومرو تحقيقي ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ لکي سچ تہ تمام وڏو اهم ڪم سرانجام ڏنو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌي قوم جي امانت آهي ۽ ان جي رڪارڊ کي سھيڙي محفوظ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل تائين پھچائڻ هڪ قومي ڪم آهي. آئون پروفيسر شمشاد احمد سومرو صاحب کي قومي فرض انتھائي ذميواري سان سرانجام ڏيڻ تي مبارڪ باد پيش ڪيان ٿو.
تاريخ سھيڙڻ ۽ ان بابت تحقيق ڪرڻ سڀ ڪنھن جي وس جي ڳالھ ڪونھي. اهو نھايت محنت طلب ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي؛ جيڪو شوق ۽ عشق کانسواءِ ڪري ئي نہ ٿو سگهجي. ”سگا“ بابت ”سگا“ جي جهوني رضاڪار سائين حيدر بخش هڪڙي ”سگا“ ڪراچي شاخ طرفان سندس مان ۾ ڊسمبر 2025ع ۾ ملھايل شام دوران گفتگو ڪندي چيو تہ ”سگا“ ۾ پھريان هوندو هو حال مست، پوءِ ٿيو چال مست ۽ هاڻي آهي مال مست. آئون ”سگا“ جي 54 سالن جي تاريخ کي پڻ ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو، جنھن ۾ پھريان يارنھن سال يعني 1972ع کان 1983ع تائين پوءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازمن تي ميمبر ٿيڻ تي پابندي وڌي وئي، جيڪا تقريباً 5 سالن رهي جنھن کي ”سگا“ جو ٻيو دؤر چئجي يعني 1983ع کان 1988ع تائين پوءِ ٽيون دؤر جيڪو 1988ع کانپوءِ هلي رهيو آهي.
سال 2022ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ ”سگا“ جي اڳوڻي مرڪزي صدر، وائيس چيئرمين ۽ جنرل سيڪريٽري جناب نظر محمد ميمڻ صاحب جن تقرير ڪندي فرمايو تہ ”سگا“ ۾ ٽي وڏا حادثا ٿيا آهن: هڪ تہ سليمان شيخ پنھنجي سليماني ٽوپي پائي اسان تي اهڙو تہ اثر ڪيو جو اسان ڏينھن رات ”سگا ـــ سگا“ ڪندا وتندا هئاسين. ٻيو تہ سنڌ جي سماجي تنظيم ”سگا“ 50 سال پورا بہ ڪيا آهن، اها بہ وڏي ڳالھ آهي ۽ ٽيون حادثو اهو ٿو سمجهان تہ اسان بنيادي ۽ شروعاتي ميمبرن جي اولاد مان ڪوبہ ”سگا“ ۾ پنھنجون خدمتون ڪنھن اهم عھدي تي سرانجام ناهي ڏئي رهيو. اهو شايد ان ڪري بہ آهي تہ اڪثر رضاڪارن جي ڪري انھن جي خاندان قربانيون پڻ ڏنيون آهن. آئون سمجهان ٿو تہ ”سگا“ ۾ سڄي زندگي ارپيندڙ، سڄي سنڌ جي ڪيترن ئي رضاڪارن جي خدمتن کي اها مڃتا ناهين ملي جيڪا ملڻ گهرجي. سنڌي قوم لاءِ اهو مشھور آهي تہ ”جيئري ڪنھن کي مڃتا ناهن ڏيندا ۽ مُئي پڄاڻان ڏينھن پيا ملھائيندا، مضمون پئي لکندا ۽ واھہ واھہ پئي ڪندا.“ آئون تہ چوان ٿو مرڻ کانپوءِ بہ ورسي ملھائڻ يا ياد رکڻ مشڪل آهي. ان لاءِ اسان کي تبديل ٿيڻو پوندو ۽ پروفيسر شمشاد سومرو وانگر پنھنجي پنھنجي شاخ جي ساٿين جي ڪارڪردگي ۽ رڪارڊ کي سھيڙي نہ صرف محفوظ ڪرڻو پوندو پر دنيا تائين اهڙن رضاڪارن جي مڃتا بہ ڪرائـڻي پوندي.
”سگا منھنجي ساھہ ۾“ هڪ مفصل ۽ منفرد تاريخي دستاويز آهي جيڪو ”سگا“ جھڙي اداري جي رڪارڊ جو هڪ بھترين حصو آهي. هن ڪتاب ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومرو صاحب بھترين نموني سان پھريان مورو شھر جي تاريخ پوءِ ”سگا“ مورو شاخ جي تاريخ لکي آهي. ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“، ”سگا“ موري شاخ جي بنيادي ميمبرن جي مڪمل لسٽ ڏنل آهي. ”سگا“ موري شاخ جي 1976ع کان 2027ع تائين عھديدارن جو رڪارڊ پڻ ڏنل آهي.ان سان گڏوگڏ ”سگا“ مرڪز ۾ عھدن تي رهندڙ موري شاخ جي ساٿين جي لسٽ ڏنل آهي. پروفيسر شمشاد احمد سومري نھايت وڏي محنت سان 1976ع کان 2025ع تائين سال وائز ”سگا“ موري شاخ جي ڪارڪردگي تفصيلي بيان ڪئي آهي. ڪتاب ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالھ اها آهي تہ ھن ۾ 39 ”سگا“ ساٿين جي زندگيءَ ۽ ڪارڪردگي جا خاڪا ڏنل آهن. ان سان گڏوگڏ ”سگا“ مرڪز پاران ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کي مليل ايوارڊ جو تفصيل پڻ ڏنل آهي ۽ آخر ۾ تاثرات ڏئي ڪتاب کي هر لحاظ کان جامع ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جي مختصر تاريخ سال 2018ع ۾ محترم اسلم عباسي لکي ھئي ۽ موري شاخ ان کي شايع پڻ ڪرايو. جنھن کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جو ڪتاب ”سگا ڪراچي شاخ مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي“ 2020ع ۾ ڇپايو هو. انھن ڪتابن کي سامھون رکي ”سگا“ شھدادڪوٽ جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي لکي وئي هئي، اهڙي طرح سال 2021ع ۾ ڪتاب ”سگا“ ٺل شاخ جا چاليھه سال محترم محمد موسيٰ گولو صاحب جن ترتيب ڏنو هو. هيءُ ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“، ”سگا“ شاخن جي تاريخ تي پنجون ڪتاب آهي، جنھن ۾ پروفيسر شمشاد احمد سومري وڏي محنت سان عرق ريزي ڪري هڪ مثالي تاريخي دستاويز اسان تائين پھچايو آهي. آئون اهڙي عظيم ڪم جي بھترين تڪميل تي کيس سلام پيش ڪيان ٿو. اميد تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جون ٻيون شاخون هن ڪتاب کي سامھون رکي پنھنجي پنھنجي شاخ جو رڪارڊ سھيڙي قومي فرض نڀائينديون.

پروفيسر خالد حسين چنا
وائيس چيئرمين
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
15.01.2026