مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سائين رب پرتو انصاري

سائين رب پرتو انصاري، موري شھر جي مڇي مارڪيٽ لڳ ”درگا بابا ابراهيم شاھہ“ جي ڀرسان، ڪاسائڪي کڏ مٿان ”ڪاسائي محلا“ ۾، جمعي خان جي گهر ۾ 20 نومبر 1951ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، مئٽرڪ جو امتحان 1968ع ۾ ڏنائين. جڏهن تہ انٽر (هميونٽيز گروپ) ”آرٽس ڪاليج موري “ مان 1970ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. پاڻ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ مان مئي 1971ع ۾ S.V جو امتحان فرسٽ دزيزن ۾ پاس ڪيائين. B.A جو امتحان 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪاليج سائيڊ (آرٽس ڪاليج موري مان) مان ڏنائين ۽ سڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. سائين رب پرتي انصاريءَ، علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي مان B.Ed جو امتحان 1991ع ۾ پاس ڪيو ۽ سندس پروموشن پھرين اپريل 1992ع تي HST طور ٿيو ۽ پوسٽنگ گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري ۾ ٿين. پاڻ M.Ed علامہ اقبال مان 98-1997ع ۾ ڪيائين. نوڪريءَ دوران کين برين هيمريج ٿي ۽ 16 آگسٽ 2002ع ۾ وفات ڪيائين.
محترم رب پرتو انصاري، شاگرديءَ واري زماني ۾ بہ ايڪٽو رهيو ۽ 72-1971ع ۾ مھراڻ ڪاليج موري جي شاگرد سنگت جو نائب صدر رهيو آهي.
پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جو بنيادي ميمبر هو. سندس ميمبرشپ نمبر 29 آهي ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 02 جنوري 1976ع آهي. پاڻ 1977ع سال جي باڊيءَ ۾ ”سماجي بھبودي سب ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر پڻ رهيو. 1978ع سال جي ”سگا“ باڊي جو نائب صدر ۽ ان ئي سال جي ”روزگار سب ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر پڻ رهيو ان کان علاوہ پاڻ 1979ع ۾ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ۽ 1980ع ۾ اطلاعات سيڪريٽري، 82-1981ع ۾ برانچ جو ”خزانچي“ ۽ ”مالي سب ڪاميٽيءَ جو چيئرمين“ پڻ رهيو. سائين رب پرتو، نومبر 1982ع ۾ ”سگا“ موري پاران پرائمري سطح کان ڪاليج ليول تائين تعليمي حوالي سان ٿيندڙ چٽاڀيٽي وارا مقابلا، مباحثا ۽ مضمون نويسيءَ جي مقابلي لاءِ جيڪا ٽه رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏني وئي هئي ان جو ميمبر هو. جڏهن تہ ٻين ميمبرن ۾ سائين قاضي اختر مورائي ۽ سائين پروفيسر شفيع محمد جن هئا. 84-1983ع ۾ پاڻ ”سگا“ موري شاخ جو خزانچي پڻ رهيو. 1983ع ۾ ”سگا“ مرڪز جو جيڪو ستون ڪنوينشن موري ۾ ٿيو ان ۾ محترم سائين رب پرتي بھترين ورڪر وارو ڪردار ادا ڪيو. سائين رب پرتو ”سگا“ جو هڪ مخلص محنتي ڪارڪن هو، جنھن تنظيم لاءِ ڪارائتو ڪم ڪيو ۽ متحرڪ رهيو.