سال 84 ـــ 1983ع
محترم سيد علي بخش شاھہ (چيئرمين)
محترم عبدالعظيم سولنگي (ميمبر)
محترم محمد صديق دلبر ميمڻ (ميمبر)
چونڊون:
موري شاخ جون ساليانہ چونڊون، 14 جنوري 1983ع تي، ”روشن تارا اسڪول“ ۾ چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي محترم پروفيسر سيد علي بخش شاھہ جي نگرانيءَ هيٺ ٿي گذيون، جنھن ۾ 84-1983ع لاءِ هيٺيان عھديدار ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا ميمبر بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنا ويا.
صدر: پروفيسر نذير احمد قاضي
نائب صدر: قاضي محمد علي ”اختر مورائي“
جنرل سيڪريٽري: پروفيسر شفيع محمد ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: عظيم سنڌي
خزانچي: رب پرتو انصاري
ڪاروباري ڪاميٽي:
پروفيسر سيد علي بخش شاھہ، احسان علي لغاري، محمد بخش سيھڙ، نذير احمد سومرو، محمد صديق دلبر ميمڻ، پروفيسر واحد بخش شيخ، حاجي رسول بخش ٻگهيو ايڊووڪيٽ، محمد يونس سولنگي، محمد ڇٽل ابڙو.
حلف وفاداري تقريب:
موري شاخ جي چونڊيل نون عھديدارن جي سال 84-1983ع جي حلف وفاداري جي تقريب 24 نومبر تي جمعي جي ڏينھن، شام 4 وڳي، روشن تارا ڪي جي اسڪول، موري ۾ منعقد ٿي. هن تقريب جي صدارت محترم پروفيسر سيد علي بخش شاھہ (چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي) جن ڪئي ۽ نون چونڊيل عھديدارن کان حلف ورتو.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس:
موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو هنگامي اجلاس 2 فيبروري 1983ع تي پروفيسر نذير احمد قاضي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ مختلف سب ڪاميٽين جا ڪنوينر مقرر ڪيا ويا.
* ڪنوينر تعليمي ڪاميٽي: محترم پروفيسر سيد علي بخش شاھہ
* ڪنوينر ثقافتي ڪاميٽي: محترم عبدالعظيم سولنگي ”عظيم سنڌي“
* ڪنوينر طبي ڪاميٽي: محترم پروفيسر واحد بخش شيخ
* ڪنوينر ڳوٺ سڌار ڪاميٽي: محترم حاجي رسول بخش ٻگهيو وڪيل
* ڪنوينر روزگار ڪاميٽي: محترم احسان علي لغاري
* ڪنوينر لائبريري: محترم نذير احمد سومرو
لطيف لائبريري ۽ فري ڪنسلٽيشن/ ٽريٽمينٽ سينٽر جو قيام ۽ افتتاح:
”سگا“ موري شاخ جي موجودہ باڊي جي ڪوشش سان، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ۽ ڪائونسلرن جي تعاون سان موري شاخ کي ميونسپل ڪاميٽيءَ پاران ”لطيف لائبريري“ ۽ ”مفت ڪلينڪ“ قائم ڪرڻ لاءِ ٻہ ڪمرا بنا مسواڙ جي (مفت) ڏنا ويا، جنھن جي لکت پڻ شاخ جي صدر سائين پروفيسر نذير احمد قاضيءَ حوالي ڪئي وئي. برانچ پاران انھن ڪمرن جي مرمت ۽ بجليءَ جي فٽنگ ڪرائي وئي. لطيف لائبريري لاءِ ڪتاب رسالا شھرين ۽ ”سگا“ ساٿين کان اعزازي طور ملڻ شروع ٿيا. چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي محترم جان محمد سرهيو جي تعاون سان ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ پيل لائبريري جا ڪتاب پڻ ”سگا“ جي لطيف لائبريري کي ڊونيٽ ڪيا ويا.
21 مارچ 1983ع تي ”لطيف لائبريري“ ۽ ”فري ڪنسلٽيشن/ ٽريٽمينٽ سينٽر“ جي افتتاحي تقريب ٽائون ڪاميٽي هال موري ۾ ٿي گذري. افتتاح اسسٽنٽ ڪمشنر مورو محترم مبارڪ علي هنڱورجو جن ڪيو جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ معزز شھرين، پروفيسرن، وڪيلن، استادن، ”سگا“ ساٿين شرڪت ڪئي. تقريب کي پروفيسر سيد علي بخش شاھہ، پروفيسر نذير احمد قاضي، حاجي جان محمد سرهئي سميت ڪافي دوستن خطاب ڪيو.
فري ڪنسلٽيشن/ ٽريٽمينٽ سينٽر:
”سگا“ موري شاخ پاران، فري ڪنسلٽيشن سينٽر، روزانو شام چئين وڳي کان ڇھين وڳي تائين ميونسپل پاران ڏنل ڪمرن مان هڪ ڪمري ۾ هلندو هو جنھن ۾ شھيد ڊاڪٽر بندہ علي ٻرڙو پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو هو ۽ مريضن جو مفت چيڪ اپ ڪندو هو. ساڻس گڏ ڪمپائونڊر طور ان وقت شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر نذير احمد سومرو خدمتون سرانجام ڏيندو هو. ياد رهي تہ ڊاڪٽر صاحب ۽ سومرو صاحب ٻئي اعزازي طور خدمتون بجا آڻيندا هيا.
مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ موري شاخ جي وفد جو شريڪ ٿيڻ:
حيدرآباد ۾ ”سگا“ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ موري شاخ جي نمائندہ طور محترم ”نذير احمد سومرو“ (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي) ۽ محترم صلاح الدين پنھور شريڪ ٿيا. هن گڏجاڻيءَ ۾ موري ۾ ”سگا“ مرڪز جو ستون مرڪزي ڪنوينشن 14-13 اپريل 83 تي منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
”سگا“ جو ستون مرڪزي ڪنوينشن:
موري شاخ جي ميزباني هيٺ مھراڻ ڪاليج مورو جي هاسٽل تي هڪ شاندار تاريخي ”سگا جو ستون ڪنوينشن“ 13-14 اپريل 1983ع تي منعقد ٿيو. هن ڪنوينشن لاءِ 1982ع سال جي آخري ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ انھيءَ سالياني ڪنوينشن 1983ع جي گُهر جي تجديد ڪئي وئي ۽ ان جي تائيد ويٺل سڀني ميمبرن ڪئي.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي:
2 مارچ 1983ع تي شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو هنگامي اجلاس پروفيسر سيد علي بخش شاھہ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ ساليانہ مرڪزي ڪنوينشن لاءِ هيٺيون مخلتف ڪاميٽيون ٺاهيون ويون.
رجسٽريشن ڪاميٽي:
محترم حاجي خان ڪمالاڻي
محترم قاضي محمد علي ”اختر مورائي“
محترم احمد خان ٻرڙو
محترم محمدڇٽل ابڙو
رابطہ ڪاميٽي:
محترم پروفيسر نذير احمد قاضي
محترم پروفيسر سيد علي بخس شاھہ
محترم واحد بخش شيخ
محترم شفيع محمد ميمڻ
محترم صلاح الدين پنھور
محترم اسد ﷲ کيڙو
استقباليه ڪاميٽي:
محترم عظيم سولنگي
محترم رسول بخش ٻگهيو وڪيل
محترم احسان علي لغاري
محترم عبدﷲ خان ڪورائي
پنڊال ڪاميٽي:
محترم صلاح الدين پنھور
محترم عظيم سولنگي
محترم نذير احمد سومرو
محترم عبدالڪبير سولنگي
محترم محمد صديق ”دلبر ميمڻ“
رهائش ۽ خوراڪ ڪاميٽي:
محترم محمد بخش سيھڙ
محترم محمد هارون ٻلال
محترم غلام محمد لاکو
محترم اسد ﷲ کيڙو
محترم حاجي محمد يونس سولنگي
محترم پروفيسر واحد بخش شيخ
محترم رب پرتو انصاري
اعليٰ اختيارات ڪاميٽي:
محترم پروفيسر سيد علي بخش شاھہ
محترم پروفيسر نذير احمد قاضي
محترم پروفيسر واحد بخش شيخ
محترم حاجي غلام الرسول سرهيو
محترم حاجي رسول بخش ٻگهيو وڪيل
ان موقعي تي ڪم ڪار لاءِ ٻيون بہ ڪيتريون ’سب ڪاميٽيون‘ ٺاهيون ويون جن ۾ هيٺين ساٿين کي شامل ڪيو ويو. 1. محمد اسماعيل جوکيو 2. اعجاز حسين لغاري 3. شير علي سومرو 4. سيد مظھر علي شاھہ 5. محمد اسماعيل ميمڻ 6. رحمت ﷲ سولنگي 7. نور محمد ٻگهيو 8. احمد خان ٻرڙو 9. پروفيسر غلام محمد لاکو 10. غلام قادر سولنگي 11. نثار احمد ميمڻ 12. غلام حيدر ڪانڌڙو 13. سيد ساجد علي شاھہ 14. امام بخش ميراڻي 15. مخدوم ممتاز علي پيرزادو 16. عبدالڪريم سولنگي.
انھيءَ ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو تہ سائين علي بخش شاھہ جي رٿ مطابق ڪنوينشن ڪاليج جي مھراڻ هاسٽل ۾ منعقد ڪيو ويندو ۽ سائين نذير احمد قاضي جي رٿ تي يڪراءُ اهو بہ فيصلو ڪيو ويو تہ ٽي ويلا ماني ”سگا“ موري شاخ جي ذمي هوندي.
ميٽنگ ۾ سائين نذير احمد قاضيءَ الڳ فنڊ قائم ڪرڻ جي رٿ پڻ پيش ڪئي جنھن جي تائيد محترم واحد بخش شيخ، سيد علي بخش شاھہ ۽ ٻِن ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن ڪئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو تہ فنڊ ساڳئي بئنڪ ۾ رکيو ويندو جنھن ۾ اڳئي شاخ جو اڪائونٽ آهي. ان کان پوءِ محترم مخدوم ممتاز پيرزادو رٿ ڏني تہ چندي لاءِ 100، 50 ۽ 25 روپين جون ٽڪيٽون ڇپايون وڃن، ان رٿ کي بحث کان پوءِ يڪراءِ منظور ڪيو ويو. سائين محترم قاضي نذير احمد رٿ ڏني تہ هڪ انتظامي ڪاميٽي ڪنوينشن منعقد ڪرڻ لاءِ ٺاهي وڃي ان لاءِ هڪ پنج رُڪني ڪاميٽي ٺاهي وئي جنھن ۾ محترم سيد علي بخش شاھہ، محترم واحد بخش شيخ، محترم نذيراحمد قاضي، محترم ممتاز علي پيرزادو ۽ محترم حاجي غلام الرسول سرهيو، محترم حاجي رسول بخش ٻگهيو ۽ محترم شفيع محمد ميمڻ (جيڪو سيڪريٽري جا فرض انجام ڏيندو) کنيا ويا.
ستون ساليانو مرڪزي ڪنوينشن:
”سگا“ جو ستون مرڪزي ساليانو ڪنوينشن، ”سگا“ موري شاخ جي رٿ تي موري ۾ منعقد ڪيو ويو. هن ڪنوينشن لاءِ مھراڻ هاسٽل گرائونڊ تي شاندار ۽ خوبصورت وسيع پنڊال ۽ اسٽيج جوڙي وئي جنھن کي خوبصورت ڀٽائي، اياز، بخاري ۽ ٻين شاعرن جي شعرن سان لکيل بينرن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو. هاسٽل جي ٻاهرين دروازي لڳ خوبصورت وڏو گيٽ رنگ برنگي بينرن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. ٻاهرين مھمانن جي آمد 12 اپريل جي شام جو شروع ٿي چڪي هئي. رات جو سڀ وفد پھچي ويا هئا. انھي رات موري ۾ طوفان سان زبردست بارش پئي جنھن جي ڪري سڄو پنڊال ڪريو ۽ ميدان ۾ برسات جو پاڻي بيھي رهيو. ڪنوينشن جي منتظمين محترم سيد علي بخش شاھہ ۽ پروفيسر واحد بخش شيخ پنھنجا هاري گهرائي ورتا، مٽي گهرائي وئي ۽ هنگامي بنيادن تي ”سگا“ موري شاخ جي رضاڪارن ۽ هارين پنڊال مان پاڻي ٻاهر ڪڍي ان تي مٽيءَ جون ٽراليون وجهي گرائونڊ کي سڌو ڪيو. ان بعد وري شامئانا سڌا ڪري پنڊال کي درست ڪيو ويو. پنڊال ۾ جيڪي بہ بينر لڳل هيا اهي سڀ مينھن جي پاڻي پوڻ جي ڪري خراب ٿي ويا هئا جيڪي وري ايمرجنسيءَ ۾ نوان ٺھرايا ويا جيڪي ڊرائنگ ٽيچرس ۽ پينٽر محترم سائين غلام محمد سومري ۽ محترم سائين محمد جڙيل گلاباڻي جن ٺاهيا. جنھن بعد وري اسٽيج ۽ پنڊال کي خوبصورت بينرن سان سينگاريو ويو. ڪنوينشن جيئن شروع ٿيو تہ پنڊال ۽ اسٽيج تي روشن تارا ڪي جي اسڪول موري جي هڪ سؤ شاگردن (ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين) جيڪي اڇن ڪپڙن مٿان اجرڪ ۽ ڇوڪريون سوسي گربي جي خوبصورت لباس ۾ ملبوس هئا، جن جي هٿن ۾ گلن جون پليٽون هيون اهي سڄي پنڊال ۾ موجود هئا ۽ اسٽيج تان محترم صلاح الدين پنھور جو لکيل مرحبائي گيت
گُلَ اُڇليو گُلَ،
آيا اسان وٽ مھمان اَملَ، گُلَ اُڇليو گُلَ.
جيئن پيش ڪيو ويو تہ ننڍڙن شاگردن مھمانن مٿان پنڊال توڙي اسٽيج تي اهڙي نموني گل اڇليا جو، ڪو بہ مھمان نہ رهيو جنھن تي گلن جي ورکا نہ ٿي هجي ۽ سڄو پنڊال اسٽيج سميت گلن سان ڍڪجي ويو.
هن ڪنوينشن ۾ ”سگا“ سنڌ جي 51 شاخن جي نمائدن شرڪت ڪئي. موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شفيع محمد آجياڻي تقرير ڪئي ۽ ان ۾ جن آفيسرن ۽ مخير حضراتن هن ڪنوينشن ۾ مدد ڪئي انھن جو شڪريو بجا آندو. اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مبارڪ علي هنگورجو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زرعي ترقياتي بئنڪ محترم مظفر علي قريشي، چيف ميونسپل آفيسر دلدار احمد شيخ، رئيس خان محمد جمالي، محترم اسد ﷲ کيڙو، محترم نجيب ﷲ کيڙو، محترم سائين محمد ڇتل سرهيو، محترم سائين رستم خان خميساڻي، محترم صلاح الدين پنھور، محترم خان محمد پنھور، مشتاق احمد قاضي ۽ ٻين سڀني مانوارن معززين جو ٿورو مڃيو.
هن ڪنوينشن ۾ مھمانن/ مندوبين کي ٽي ويلا ماني ”سگا“ شاخ موري پاران کارائي وئي. موري شاخ کي اهي ويلا موري شھر جي مخير حضرات محترم خان محمد جمالي، محترم اسد ﷲ کيڙي صاحب پاران ڏنا ويا جڏهن تہ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر محترم رسول بخش ٻگهئي وڪيل پاران شام جي چانھه ڊيلگيٽس جي اعزاز ۾ ڏني وئي. ڪنوينشن جي هنڌ (مھراڻ هاسٽل مورو) تي مڊوي ريسٽورنٽ مالڪ پاران رفريشمينٽ جو اسٽال پڻ لڳايو ويو.
شھيد عبدالرزاق سومرو ميموريل بيڊمنٽن ٽورنامينٽ 1984ع:
”سگا“ موري شاخ پاران مھراڻ ڪلب موري ۾ هڪ پيڊمنٽن ٽورنامينٽ ڪرائي وئي ٽورنامينٽ جي ڪاميٽيءَ ۾ نثار احمد ميمڻ، عبدالجبار سومرو، خادم حسين شيخ، اعجاز احمد ميمڻ، اياز راڻو ميمڻ، ممتاز ميمڻ ۽ خالد ڀٽي شامل هئا جنھن جو سرپرست پروفيسر نذير احمد قاضي صاحب هو. تحقيق جي دوران مون کي ”سگا“ جي جاکوڙي ساٿي اياز ميمڻ وٽان ڪجهہ ڦوٽو مليا جن مان هڪ ڦوٽو انھيءَ ٽورنامينٽ جو آهي جنھن ۾ کٽيل رانديگرن ۽ ٽورنامينٽ ڪاميٽيءَ جو مھمانن ڄام قرار الدين، ڊاڪٽر محمد بچل، سائين پروفيسر نذير احمد قاضي ۽ راڻا عباس راجپوت سان گڏ گروپ ڦوٽو آهي جنھن ۾ کٽيل رانديگرن سڪندر ميمڻ (جنھن جي هٿ ۾ ٻہ ڪپ آهن)، غلام محي الدين ميمڻ (جنھن جي هٿ ۾ ڪپ آهي) ۽ ٻيا رانديگر بہ آهن جنھن جي سڃاڻپ نہ ٿي سگهي.
