مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

شفيع محمد ڀٽي

شفيع محمد ڀٽيءَ جو جنم، ”ڳوٺ ڏتل ڀٽي“ (تعلقي موري) ۾، حاجي ڳھڻو خان ڀٽيءَ جي گهر اندر، 14 جنوري 1964ع تي ٿيو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان، 1970ع ۾ پنج درجا پاس ڪيا. مئٽرڪ جو امتحان ”گورنمينٽ مدرسہ هاءِ اسڪول نوشھرو فيروز“ مان 1980ع ۾ ڏنائين. ان بعد ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ 91-1990ع ۾ (ايم ايس سي هانرس) M.Sc (Hons) اينٽامالاجي ۾ ڪيائين. هن M.Sc ڪرڻ کان پوءِ زرعي دوائن جي مختلف ڪمپنين ۾ نوڪري ڪئي ۽ هن وقت بہ هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ جاب ڪري رهيو آهي.
شفيع محمد ڀٽي، ”سگا“ موري ۾ 2005ع ڌاري ميمبرشپ حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ 09-2006ع، 12-2009ع ۽ 15-2012ع ڌاري موري شاخ جو ٽي ٽينوئر جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. 2010ع جي مھا ٻوڏ ۾ هن ”سگا“ موري شاخ پاران امدادي ڪئمپ لڳائي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي. ان دوران UNO وارن ٻوڏ متاثرين علائقن ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو پئي جن ”سگا“ مورو سان گڏجي انھن علائقن ۾ امدادي ڪم ڪيو. ٻين تنظيمين پڻ امدادي ڪم ڪيو پر ليڊنگ ”سگا“ مورو وٽ هئي. UNO وارن امدادي سامان ٻوڏ متاثرين علائقن ۾ ”سگا“ سان گڏ تقسيم ڪيو. 2011ع ڏيپارجا شھر ۾ محترم جنيد جبار عباسي جي تعاون ۽ سھڪار سان ”اکين جي مفت ڪئمپ“، ”سگا“ موري پاران لڳائي وئي. سندس ٽينوئر ۾ مورو شاخ پاران هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۽ ”محترم غلام سرور کيڙي“ جي سھڪار سان هيپاٽائيٽس ABC جي اسڪيننگ ڪئي وئي. ان کان علاوہ هاءِ اسڪول پورڻ، ملڪ ۽ ڏيپارجا ۾ شاگردن جون هيپاٽائٽس ٽيسٽون پڻ ڪرايون ويون.
شفيع محمد ڀٽي، لوڪل باڊيز جي اليڪشن ۾ يونين ڪائونسل صالحپور جو چئرمين چونڊيو ويو. جنھن ۾ هن پنھنجي UC ۾ مليريا کان بچاءُ لاءِ اسپري ڪرايو، پاڻيءَ جي ٽيسٽ ڪرائي ۽ ڳوٺن جي سروي ڪرائي. هن پنھنجي UC جي هر پرائمري اسڪول کي سولر پنکو ۽ سولر پليٽ ڏياري. پاڻ ڏيپارجا جي سماجي تنظيم ”مھراڻ ويلفيئر ايسوسيئشن“ جو ميمبر ۽ ورڪر پڻ رهيو آهي. کيس اولاد ۾ هڪ پٽ ۽ چار نياڻيون آهن.