پنھنجي پاران: مون جي رنڍا روڙيا!!!
جنھن کانپوءِ ’سگا‘ جي آفيس ۾ پيل مواد جنھن ۾ فائيلن سان گڏ ڪارروائي رجسٽر ۽ وزيٽر بوڪ شامل آھن؛ کي پڻ ڪيترن ڏينھن تائين روزانو جي بنياد تي ڏسندو رھيس. ان کانپوءِ ’سگا‘ موري جي متحرڪ ڪردارن ۽ مختلف سالن ۾ عھديدار رھندڙ ساٿين جي پروفائيلن لاءِ مواد جي حوالي سان جيڪي اڄ اسان وٽ نہ رھيا آھن. انھن جي اولاد، مٽن مائٽن کان انھن جي بايو ڊيٽا جو تفصيل ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ورتم، انھن سان رابطو ڪري، سندن معلومات حاصل ڪيم. جيڪي ساٿي اسان سان گڏ آھن (يعني زندہ آھن) ۽ ھن وقت مختلف شھرن ۾ رھن ٿا، انھن مان ڪن دوستن کان روبرو، ڪن کان فون ذريعي سندن معلومات ورتم.
ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ ’سگا‘ موري جو ٽي سال لڳاتار متحرڪ صدر رھيو آھي. سندس ڪيل خدمتن کي ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهجي. ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مون سندن فرزند موجودہ ڊي آءِ جي پوليس فيصل بشير ميمڻ سان رابطو ڪيو جنھن مھرباني ڪري منھنجي موڪليل سوالنامي جا جواب واٽس ايپ تي موڪلي ڏنا، ان سان گڏوگڏ ڪجهہ معلومات فون ذريعي پڻ ڏني.
’سگا‘ موري جو ڪنوينر ۽ پھريون جنرل سيڪريٽري چاچو محمد خان سومرو جڏھن موري آيو تہ ساڻس ’سگا‘ جي حوالي سان بھترين ڳالھ ٻولھه ٿي ان ملاقات ۾ سندس زندگي متعلق پڻ ڪافي ڄاڻ حاصل ٿي.
ڊاڪٽر سليمان سولنگي موري شاخ جو 1985ع ۾ جنرل سيڪريٽري رھڻ سان گڏ ’سگا‘ مرڪز جو ٻہ دفعا صحت جو سيڪريٽري رھيو آھي، ان کان ’سگا‘ موري جي حوالي سان ۽ سندن پروفائيل جي حوالي سان تفصيلي ڳالھ ٻولھه ٿي. حاجي جان محمد سرھيو ’سگا‘ جو بھترين ڪارڪن رھيو آھي، ان جي پروفائيل لاءِ سندن فرزند سان روبرو ملي معلومات ورتي. سائين محمد نوح ميمڻ ’سگا‘ موري جو بنيادي ميمبر ۽ شاخ جي مختلف ڪاميٽين تي رھيو آھي، جي متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سندن نياڻي ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو کان سوالنامي موڪلي معلومات حاصل ڪئي.
ان کان علاوہ ’سگا‘ موري جا جيڪي دوست ھن دنيا ۾ نہ رھيا آھن، انھن جي پونيئرن ۽ ٻين ’سگا‘ ساٿين تقريباً ٽيھن دوستن کان انٽرويو ڪري انھن شخصيتن متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي اٿم.
’سگا‘ موري جي 18ـــ 2015ع جي پيرڊ وارو مواد؛ ادا اسلم عباسي جن جي لکيل ڪتاب تان مختصر طور حاصل ڪري، ان کي پنھنجي طريقي سان لکيو اٿم. جڏھن تہ 21 ــ 2018ع، 24 ـــ 2021ع ۽ 2025ع تائين جو مواد/ ڪارڪردگي رپورٽون تفصيلي طور مون پاڻ لکيون آھن، ڇاڪاڻ تہ انھن دؤرن ۾ مان پاڻ موري شاخ جي مختلف عھدن تي رھيو آھيان.
مون ڪوشش ڪئي آھي تہ ’سگا‘ موري شاخ جي 1976ع يعني بنياد پوڻ کان وٺي اڄ ڏينھن 2025ع تائين تفصيلي ڪارڪردگي ۽ تاريخ لکان. ھتي مون ’سگا‘ موري جي 1976ع کان 2000ع تائين ۽ 2015ع کان 2025ع تائين تفصيلي ڪارڪردگي لکي آھي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم تہ وڌ کان وڌ شيون ھت ڏجن. 2000ع کان 2015ع تائين جو مواد نہ ملڻ ڪري اھو پيرڊ رھجي ويو آھي. انشاءﷲ مان ڪوشش ڪندس تہ اڳتي ھلي انھن سالن تي پڻ ڪم ڪري منظر عام تي آڻجي.
مون جيڪو بہ تحقيقي ڪم ڪيو آھي، اھو اوھان جي سامھون آھي. توھان ان کي پڙھي پوءِ پاڻ فيصلو ڏئي سگهو ٿا تہ مون ڪيتري محنت ڪئي آھي ۽ ڪيترو نور نچويو آھي.
آءٌ شڪرگذار آهيان ’سگا‘ جي سرواڻن سائين ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محترم رفيق احمد جعفري، خالد حسين چنا، محترم علي حسين بروهي ۽ پروفيسر بخش علي بيوس چانڊيو جن جو جن منھنجي ھن قلمي پورھئي تي پنھنجا خوبصورت ويچار ونڍيا آھن. ان سان گڏ انھن سڀني ساٿين جو پڻ ٿورائتو آھيان جن منھنجي ھن علمي پورھئي ۾ مدد ڪئي آھي؛ خاص ڪري ٿورا ادا اسلم عباسيءَ جا جنھن مون کي ھن ڪم ڪرڻ تي گهڻو همٿايو ۽ ھر محاذ تي، ھر وقت مون سان گڏ رھيو آھي. سندس جي ساٿ نہ ھجي ھا تہ مون کي ھن تحقيقي ڪم ڪرڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش اچن ھا. شايد آءٌ ھي تحقيقي ڪم پورو ڪري ن سگهان ھا. مھربانيون ۽ ٿورا ’سگا‘ مرڪز جي محبوب اڳواڻن جا جن ھن ڪتاب جي ڇپائي جو بندوبست ڪيو. ھن موقعي تي محترم راڻو خان ميگهواڙ کي ڪڏھن بہ وساري نہ ٿو سگهجي، جنھن ھن ڪتاب کي خوبصورت ۽ بھترين نموني سان ڪمپوز ڪيو.
پروفيسر شمشاد احمد سومرو
صدر
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مورو
20 فيبروري 2026ع
