سال 87-1986ع
عظيم سنڌي (چيئرمين)
چونڊون:
9 اپريل 1986ع تي اربع ڏينھن شام جو روشن تارا اسڪول موري ۾ چونڊ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين عظيم سولنگي جي زيرِ نگراني سال 87-1986ع ۾ ’سگا‘ موري جون چونڊون ٿي گذريون، جنھن ۾ هيٺيان عھديدار ڪامياب قرار ڏناويا.
صدر: ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ
نائب صدر: عبدالجبار ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: نثار احمد ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: شير علي سومر و
اطلاعات سيڪريٽري: مظھر علي شاھہ ڪاظمي
خزانچي: وليداد ميمڻ
ڪاروباري ڪاميٽي:
ڊاڪٽر سليمان سولنگي، اعجاز حسين لغاري، نظر حسين ميمڻ، عظيم سنڌي، محمد بخش سيھڙ، احسان علي لغاري، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي، غلام ﷲ ميمڻ ۽ عبدالرحيم ٻگهيو.
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي:
”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس، 16 اپريل 1986ع تي سينئير ميمبر ڪ ڪ محترم محمد بخش سيھڙ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو جنھن ۾ ھيٺيون سب ڪاميٽيون ٺاھيون ويون.
صحت سب ڪاميٽي:
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي (چيئرمين)
ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي (ميمبر)
نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
مالي سب ڪاميٽي:
محترم محمد بخش سيھڙ (چيئرمين)
محترم وليداد ميمڻ (ميمبر)
محترم نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
ثقافتي ڪاميٽي:
محترم عظيم سولنگي (چيئرمين)
محترم مظھر علي شاھہ (ميمبر)
محترم نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
ثقافتي پروگرام/ فنڪشن:
1986ع ۾ موري شاخ پاران ثقافتي پروگرام/ فنڪشن، مين پرائمري اسڪول موري ۾ ڪيو ويو جنھن جي صدارت انجنيئر سيد ميھر علي شاھہ ڪئي. مھمان خاص ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، سائين محمد نوح ميمڻ ۽ سائين رستم خان ھئا. مھمانن کي اجرڪَ، شاخ جي صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ اوڍايا. ھن ثقافتي پروگرام جي پھرين نشست ۾ شاگردن جو تقريري مقابلو ٿيو. جنھن ۾ جج جا فرائض سائين محمد نوح ميمڻ ادا ڪيا. تقريري مقابلي ۾ پھريون نمبر اظفر سعيد، ٻيون نمبر ظفر بشير ميمڻ جڏھن تہ ٽيون نمبر عبدالحميد سومرو آيا. ھي ٽئي شاگرد AP ڪلاس مورو جا ھئا. تقريري مقابلي کان پوءِ پرائمري مين اسڪول مورو ۽ AP ڪلاس جي شاگردن پاران بھترين خاڪا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي ”شاھہ لطيف آرٽس ڪائونسل موري“ پاران ڊرامون پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ان وقت جي AP ڪلاس موري جي شاگرد ۽ ھن وقت قطر ۾ سول انجنيئر شجاعت حسين ميمڻ ”جوڳيءَ“ جي خاڪي ۾ خوبصورت ۽ شاندار پرفارمنس ڏيکاري. پروگرام جي آخر ۾ راڳ رنگ جي جي محفل ٿي جنھن ۾ فنڪار گلشير تيوڻو، انور وسطڙي ۽ اسڪول جي شاگرد ممتاز چانڊئي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو. ھن شاندار پروگرام ۾ موري جي شھرين، ”سگا“ ساٿين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
رسم حلف برداري تقريب:
سال 87-1986ع جي چونڊيل عھديدارن جي رسم حلف برداري جي تقريب، روشن تارا اسڪول موري ۾ 28 اپريل 1986ع تي، جمعي ڏينھن شام جو، مرڪزي چيئرمين ”سگا“ محترم اسد ﷲ کيڙي صاحب جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. جنھن جو مھمان خاص عبدالعزيز شيخ، چيئرمين ٽائون ڪاميٽي مورو ھو، جڏھن تہ اعزازي مھمان پروفيسر نذير احمد قاضي ۽ ڊاڪٽر سليمان سولنگي مرڪزي چيئرمين صحت ھئا. پروگرام جي ڪاروائي عظيم سنڌيءَ ھلائي.
محترم اسد ﷲ کيڙي صاحب نون چونڊيل عھديدارن کان حلف ورتو. ھن تقريب جي آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي جنھن ۾ فنڪار خادم حسين سمون ۽ سوڍل فقير لغاري محفل کي مچايو ۽ قادر بخش عمراڻي پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو.
مفت طبي ڪئمپ قمر الدين چانڊيو:
20 جون 1986ع تي، ”سگا“ موري پاران مفت طبي ڪئمپ، موري جي اوڀر ۾ ڳوٺ قمرالدين چانڊيو جي مڊل اسڪول ۾ لڳائي وئي جنھن ۾ آس پاس جي مختلف ڳوٺن سميت لڳ ڀڳ 300 کان مٿي مريضن فائدو حاصل ڪيو. ھن ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر يارمحمد شيخ، ڊاڪٽر بندہ علي ٻرڙو، ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ٻرڙو، ڊاڪٽر سيدھہ عصمت شاھہ ۽ ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.
