مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو

ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ڳوٺ ملو اسماعيل ٻگهيو ديھه ماڙي يونين ڪاؤنسل پراڻو گچيري ۾ حاجي رحمت ﷲ ٻگهئي جي گهر ۾، 17 مارچ 1964ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ملي اسماعيل ٻگهيو مان 1975ع ۾ حاصل ڪئي. جڏھن تہ مئٽرڪ 1975ع ۾ھاءِ اسڪول پراڻي گچيري مان ۽ انٽر سائنس مھراڻ ڊگري ڪاليج موري مان 1984ع ۾ ڪيائين. ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان 1992ع ۾ ڪئي اٿائين.
ڊاڪٽر صاحب 1993ع ۾ سروس ۾ داخل ٿيو ۽ سندس پوسٽنگ موري اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ٿي. پاڻ 1994ع کان 1998ع تائين پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھہ ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو آھي. ان کانپوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ 1998ع کان 2002ع تائين رجسٽرار ارٿوپيڊڪ پڻ رھيو. ڊاڪٽر صاحب جو 2011ع ۾ ارڙھين گريڊ ۾ پروموشن ٿيو ۽ سندس پوسٽنگ RHC سونھري فارم ۾ ٿي. جڏھن تہ سندس اوڻھين گريڊ ۾ پروموشن 2018ع ۾ ٿيو ۽ 17 مارچ 2024ع ۾ پاڻ رٽائرمينٽ ورتي اٿائين.
ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي 2019ع ۾ MBA ھيلٿ ڪيئر ائنڊ ھاسپيٽل مئنيجمينٽ ۾ سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي مان پڻ ڪئي آهي. ان کان علاوہ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مئنيجمينٽ ڊفينس ڪراچي مان پڻ ڊپلوما ڪيل اٿس. ڊاڪٽر صاحب 2008ع ۾ شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرس ڪئي اٿائين.
ڊاڪٽر غلام سرور سماجي ڪمن/ خدمتن جي شروعات 1982ع کان ڳوٺ سڌار سنگت جنھن جي برانچ سندن ڳوٺ ۾ قائم ٿي هئي، ان جي پليٽ فارم تان سماجي ڪمن ڪارين سان ڪئي. ايل ايم سي ۾ پڙھڻ دوران دوستن سان گڏ ’ڀٽائي ڊرگ بئنڪ‘ قائم ڪري سماجي خدمت ڪئي. ھن لطيف سوشل سرڪل تنظيم ٺاھي تعليم صحت ۽ جينڊر بيلسر ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ سماجي ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر غلام سرور صاحب ڊولپمينٽ پلاننگ اينڊ مئنيجمينٽ مان ڪورس پڻ ڪيو. پاڻ 2000ع ۾ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل مان انٽيگريٽيڊ ڪورس ڪيو. ڊاڪٽر صاحب پاڻيءَ جي اھميت ۽ صحت لاءِ ڪيترائي سيمينار ۽ ليڪچر پروگرام پڻ ڪيا آهن. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي تنظيم پاران شاهپور جهانيان، گچيرو ، دولتپور، موري ۽ حيدرآباد ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپون ۽ آئي ڪيمپون ھنيون آھن.
ڊاڪٽر غلام سرور جون ڪيتريون ئي علمي ڪاوشون آهن پاڻ ھڪ سٺو اديب آھي سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آھن جن ۾ 1. ’امير پيءُ غريب پيءُ‘ (ترجمو-2007ع)، 2. ’سوچيو ۽ امير ٿيو‘ (ترجمو -2008ع)، 3. ’سيرت پاڪ تي ڪتاب النبي الخاتم‘ (ترجمو)، 4. ’روحاني ڪاميابيءَ جا ست اصول‘، 5. `Mind science` شامل آھن.
ڊاڪٽر صاحب تعليم صحت ماحوليات ۽ معاشيات تي مختلف شھرن ۽ مختلف ادارن ۾ ليڪچر پڻ ڏنا آھن ۽ ڏئي رھيو آھي.
ڊاڪٽر غلام سرور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جو 2016ع ۾ ميمبر ٿيو .2021-2018ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بڻيو ۽ 2024-2021ع ۾ موري شاخ جو نائب صدر رھيو آھي. پاڻ ھن وقت بہ سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رھيو آھي ۽ مختلف موضوعن تي مختلف ادارن ۾ اويئرنيس ليڪچر ڏئي رھيو آھي.