مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

”سگا“ جي وزيٽرس نوٽ بوڪن تان

”آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾ ....“

 اڄ تاريخ 09 نومبر1982ع، موري ــ دادو جي دوستن ”سگا“ جي سڃاڻپ ۽ نالي سان محبتي ملاقات مچائي، دادو کان اطھر، عطا جمالي، نازن کيڙو، صلاح ۽ ٻيا دوست گڏجي سرها ترها، سنڌوءَ تي سھڙياسين. موري وارا محتبي ماڻھو، اڳئي پُل تي، اکيون اکيون اوسيئڙي سان کنيو، ننھن کان چوٽيءَ تائين سڪ، اُڪنڍ لڳل بيٺا هئا.
ڀائر، ڀائرن سان ڀاڪر پائي مليا، دليون دلين سان مليون. نئين پل، نئين ڳانڍاپي جون واڌايون ڏنيون ورتيوسين. گلاب جا گُل سڀني ساٿين، سنڌوءَ جي سِيرَ تي ورکا ڪيا ۽ حيدر تري آيو ”ڀلي آئين جي آئين درياھہ شاھہ“. ڪارن، موٽر سائيڪلن تي هِي سنڌي سُڄاڻ ساٿين جو ساٿ آهستي آهستي موري طرف وڌيو.
مورو ۽ دادو سنڌ جي دل آهن، سنڌوءَ جي مٿان بيھي ڏسبو تہ دادو سنڌ جي سڄي ٻانھن، مورو کٻي ٻانھن يعني دادو مورو، سنڌ جا بازو آهن ۽ ٻئي ٻانھون ملن تہ مشڪلاتون مات کائينديون نظر اينديون.
موري ۾ ادبي ويھڪ بہ ٿي، جنھن ۾ تقريرون، مشاعرو ٿيو ۽ سڀني سُس پُسن، سون، واڪن ۾ وطن ۽ ويڙهيچن جي ڀلائي لاءِ رٿون رٿيون.
آءٌ سُڻان بہ پيو ۽ هي ٻہ اکر يادگار طور لکان بہ پيو ڇو تہ وقت گهٽ، ڪم تمام گهڻو آهي.

استاد بخاري
09-11-1982ع

 اڄ 09 نومبر 1982ع تي، ”سگا“ مورو شاخ، ’دادو مورو پل‘ ٺھڻ جي خوشي ۾ ”دادو مورو ڳانڍاپو“ جي نالي ۾ سٽيل پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ”سگا“ دادو شاخ جا دوست ميسرش عبدالستار کيڙو، (نائب صدر)، عبدالحميد جمالي (جنرل سيڪريٽري)، عظمت ﷲ قريشي (مالي سيڪريٽري)، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا ميمبر اطھر منگي، نازن کيڙو، احمد شاھہ، ”استاد بخاري“، الھداد ميراڻي، عبدالجليل آخوند ۽ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر منظور احمد قريشي ۽ صلاح الدين پنھور گڏجي دادو کان پل تي پھتاسين.
”دادو مورو ڳانڍاپو“ جو خيال نھايت ئي منفرد ۽ پيارو هيو ۽ وچ ۾ مٿان پل تي بيھي سنڌوءَ کي گلاب جي ڳاڙهن گلن جي ڀيٽا، من ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ڪئي. شل! سنڌو سدا وهندو رهي ۽ سندس جوڀن سلامت رهي.
موري جي دوستن سان ملي اسان کي سچ پچ هڪ نئون حوصلو مليو آهي. هونءَ بہ سچائي وڏي شڪتي آهي. هي ساٿ سلامت رهيو تہ گڏجي گهڻو ڪجهہ ڪنداسين. آءُ موري جي ساٿيئڙن کي نيڪ تمنائون پيش ڪيان ٿو.
ساٿ سدائين قائم

عطا الرحمان ميمڻ ايڊووڪيٽ
صدر
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن دادو شاخ

 ”سگا“ مرڪز جي هدايتن تي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي عام گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيس. 20 ساٿي شريڪ ٿيا هئا ڪافي دوستن ايسوسيئيشن جي باري ۾ پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. ”ڳوٺ سڌار سال“ جي سلسلي ۾ ڳوٺ گچيري پراڻي ۽ ملو اسماعيل ٻگهيو ۾ ’ڳوٺ سڌار سنگت‘ جون شاخون کوليون آهن. هن شاخ وس آهر چڱو پاڻ پتوڙيو آهي. هنن دوستن جو جذبو ساراھہ جوڳو آهي. البتہ دوستن کي ”سگا“ جي آفيس ضرور قائم ڪرڻ کپي، جيڪا ”سگا“ مرڪز طور تي استعمال ڪرڻ کپي. هر ميمبر کي گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ڳوٺ سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ کپي.

خان محمد پنھور
سيڪريٽري ڳوٺ سڌار ڪاميٽي
”سگا“ مرڪز
06-12-1982ع

 اڄ تاريخ 21 مارچ 1983ع تي، ”سگا“ موري شاخ جي نئين لائبريري جو افتتاح ڪيو. ڪتابن جو ذخيرو هڪ نئين لائبريري جي حيثيت ۾ تمام سٺو آهي ۽ انھيءَ سلسلي ۾ اميد آهي تہ هن اداري جا منتظمين وڌيڪ ڪتابن کي هٿ ڪندا تہ جيئن نوجوان طبقو فائدو وٺي سگهي.

مبارڪ هنڱورجو
اسسٽنٽ ڪمشنر مورو
21-03-1983 ع

 اڄ سومر ڏينھن موري جي دوستن جي ادبي ڪچھريءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. موري جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي محفل ۾ شريڪ ٿي ڏاڍي خوشي ٿي. موري جي زمين ڏاڍي زرخيز آهي. خدا شل هنن نوجوانن کي همٿ عطا ڪري جيئن سچائي سان پنھنجي ماروئڙن جي خدمت ڪندا رهن. (آمين)

ڊاڪٽر سليمان شيخ
24 جون 1985ع

 موري شاخ جي ساٿين سان روبرو ملاقات ٿي، شاخن جي دوري جو سلسلو آهي. شاخ جا ڪافي دوست موجود آهن. سندن پيار ۽ پاٻوھہ مان پڇيل سوال سندن سُجاڳي جو اُهڃاڻ آهن. شاخ جي ڪارڪردگيءَ جو وچور شاخ جي سرگرميءَ لاءِ شاهد آهي. ساٿين جي جذبن تحت يقين ڪري سگهجي ٿو تہ سنڌ ۾ امن، ترقي يافتہ سماج اڏڻ ۾ ڪاميابي ٿيندي.

ولي محمد روشن
نذير احمد ڀنڊ
سيڪريٽري ايجوڪيشن
20-06-1989ع
الھورايو ڪلو
ايسوسيئيٽ سيڪريٽري سکر ڊويزن
لعل محمد پنھور
سيڪريٽري روزگار

 02 جولاءِ 1996ع، مطابق 16 صفر المظفر 1417 هجري، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي عرس مبارڪ تي ميڊيڪل ڪئمپ جي روايت ”سگا“ جي پراڻي ريت آهي. هيءَ خوشي جي ڳالھ آهي تہ هن سال موري شاخ جي ساٿين هيءَ ڪئمپ ترتيب ڏني آهي، ڪئمپ بيحد موزون جاءِ تي آهي. اسڪائوٽس جو انتظام پڻ بھترين آهي. ساٿين جي محنت قابل ديد آهي، موري شاخ جا ساٿي مبارڪ جا مستحق آهن.
ﷲ سائين شال ”سگا“ جي ساٿين کي، غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي خدمت جو حوصلو بخشي ۽ هن ڌرتي تي سک سلامتيءَ جو امين بڻائي. (آمين)

ڊاڪٽر سليمان شيخ

 سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان هر سال لڳندڙ مفت ڪئمپ تمام سٺو قدم آهي. هن ڪئمپ جي وسيلي غريب عوام جيڪو سائين لطيف جي عرس جي موقعي تي پنھنجي عقيدت موجب حاضري ڀرڻ لاءِ اچي ٿو انھن کي صحت جي سھوليت مھيا ڪئي ڃي ٿي. مورو جي دوستن ۽ خاص طور تي اياز ميمڻ کي جس هجي، جنھن جي محنتن جو تمام گهڻو دخل آهي. قلندر شھباز اوپن اسڪائوٽس گروپ کي بہ شاباس هجي جيڪي سخت گرميءَ ۾ ڊيوٽي انجام ڏئي رهيا آهن.

بخش علي لاکو
چيئرمين، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
غلام حسين بلوچ
”سگا“ D.S.G
نذير احمد ڀنڊ
سيڪريٽري تعليم ”سگا“
22-06-1997ع

 اڄ تاريخ 1997-06-21 تي، ”سگا“ موري برانچ پاران سھڻي شاھہ لطيف جي ميلي جي موقعي تي لڳايل مفت طبي ڪئمپ ۾ اچڻ جو موقعو مليو. شاخ جا دوست سماجي خدمت سرانجام ڏيڻ ۾ مصروف هئا. مفت طبي ڪئمپ ۾ دوائون ڪافي تعداد ۾ هيون ۽ عام ماڻھو وڏي تعداد ۾ طبي امداد وٺي رهيا هئا. دوستن جي محنت تعريف جوڳي آهي، شل سدائين سنڌي ماڻھن جي خدمت ڪندا رهن ۽ لطيف جي ڏنل پيغام تي عمل ڪندا رهن.

نظير احمد ڀنڊ، مرڪزي سيڪريٽري تعليم، ”سگا“
عبدالمجيد جمالي، ڊويزنل وائيس چيئرمين، حيدرآباد ڊويزن
محمد رمضان خشڪ، ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي، دادو شاخ
عظيم سنڌي، صدر ”سگا“ شاخ مورو
ڊاڪٽر حيدر لاشاري، صدر ڀنڀور شاخ

 اڄ ڪميونٽي اسڪول جي استادن ۽ VEC جي ڪارڪنن جي تربيت جي سلسلي ۾ موري شاخ جي ساٿين سان ملاقات ٿي. جيتوڻيڪ VEC اسڪول لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي ليڪن موري جي ساٿين سان ڳالھ ٻولھه دوران معلوم ٿيو تہ هن شاخ طرفان ٿيندڙ ڪمن ۾ سستي اچي وئي هئي ۽ هن سال چونڊن ۾ نون آيل ساٿين ۾ سٺو اُتساھہ ڏٺو ويو. سندن رٿيل ڪمن لاءِ رٿابندي سُٺو اُهڃاڻ آهي ۽ اميد ڪري سگهجي ٿي تہ سندن محنتون سماجي جاڳرتا لاءِ ڪارآمد ثابت ٿينديون.
سُکن واري سَڌَ، متان ڪا مُون سين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
(شاھہ)

ولي محمد روشن
سيڪريٽري جنرل
10-05-1998ع

 وليج ڪميونٽي اسڪول، سکر لاڙڪاڻه رٿا تحت، اسڪول ٽيچر ۾ NEC ڪنوينرز جي آخري تربيت منعقد ٿي. تربيت ڏيڻ ۽ اسڪول جي ڪارڪردگي سڌارڻ واسطي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ محترم ولي محمد روشن، نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري جنرل شرڪت ڪئي. شاخ جي نئين صدر حفيظ الرحمان شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري غلام نبي سيال جي موجودگي ۾ هر اسڪول بابت ويچار ونڊيا ويا. CEC جي ميمبر عبدالعظيم سولنگي، ضلع رابطہ ڪوآرڊينيٽر پڻ تقرير ڪئي.
شاخ جي ساٿين جي جذبن ۽ محنتن سان علائقي ۾ نياڻين جي تعليم کي زور وٺرائڻ ۽ علائقي ۾ ”سگا“ جي پروگرام کي عام ڪندي، پنھنجن ماڻھن جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهجي ٿي. اميد آهي تہ محبتن جي هن ميدان ۾ هرهڪ ساٿي پاڻ ملھائيندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جاڳرتا ۽ شعور جي هجتن لاءِ جوڳا اپاءُ وٺندا. دعا آهي تہ ”سگا“ شاخ مورو پنھنجو وڌيڪ نالو روشن ڪري.

نذير احمد ڀنڊ
سيڪريٽري ايجوڪيشن
سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن سنڌ
10-05-1998ع
 موري شاخ پاران چمڙيءَ جي بيمارين جي علاج لاءِ ڪئمپ ۾ حاضري ڀرڻ جو موقعو مليو. ”واڊپ“ جا ڊاڪٽر، ڊاڪٽر منظور ميمڻ صاحب جي رهنمائيءَ ۾ پنھنجو ڪم خلوص سان ڪرڻ ۾ مصروف هئا، سندن رضاڪار دوائن ڏيڻ ۾ مصروف هئا.
شاخ جي عھديدارن ۽ ساٿين سان ملاقات ٿي. گهڻو ڪري نوجوان ساٿي آهن، جيڪي ”سگا“ جي سرگرميءَ ۾ پُرخلوص آهن. ساٿين پرائمري اسڪولن جي سروي کان ڪم شروع ڪيو آهي، جيڪو بنيادي ڪم آهي. منھنجي خيال ۾ هنن ساٿين صحيح سمت ۾پنھنجو قدم وڌايو آهي.
ساڻن پرائمري تعليم جي حوالي سان ڳالھ ٻولھه ٿي. هنن وليج ڪميونٽي اسڪولن جي بد انتظامي جو ذڪر ڪيو. جيڪا اسان لاِءِ وڏي ڏکاري ڳالھ آهي. اميد اٿم تہ ﷲ سائين، کين پنھنجي مقصدن ۾ ڪامياب ڪندو.
”سگا“ سلامت ــ سنڌ سلامت

ڊاڪٽر سليمان شيخ
ماستر حيدر بخش هڪڙو
غلام حسين بلوچ
14-03-1999ع

 چمڙيءَ جي بيمارين جي علاج جي مفت ڪئمپ، ”واڊپ“ طرفان ”سگا“ موري برانچ جي سھڪار سان، اڄ 14 مارچ تي تعلقي اسپتال موري ۾ 162 هين ڪئمپ ۽ مورو جي ٽئين ڪئمپ لڳائي وئي. جنھن ۾ نواب شاھہ ۽ نوشھرو فيروز ضلعن جي 1022 مريضن کي ڊاڪٽر منظور ميمڻ، ڊاڪٽر عماد ڪرماني، ڊاڪٽر نياز، ڊاڪٽر محمد علي، ڊاڪٽر اياز ميمڻ ۽ ڊاڪٽر شمشاد علي سرهئي مفت تپاسيو ۽ دوائون پڻ ڏنيون.

ڊاڪٽر منظور ميمڻ
14-03-1999ع

 اڄ تمام خوشيءَ جو ڏينھن آهي تہ ”سگا“ طرفان ”لطيف لائبريري“ جو افتتاح ٿيو آهي. اسان دعاڳو آهيون تہ اسان جو نوجوان طبقو هن لائبريريءَ مان پورو پورو فائدو وٺندو. اسان کي اميد آهي تہ جنھن مقصد سان لائبريري کلي آهي سو مقصد ثاب ٿيندو.

جان محمد ايم عطار
چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو.
21-08-1983ع

 واھہ واھہ! واھہ جو ڪم ڪيو اٿوَ.

ناصر مورائي
17-04-1983ع

 ”سگا“ جي لائبريري،
اڄ جي لاٽ روشني روشني
پر سڀاڻ، ڀڀڙ ۽ جڳ اُجالو.
شابس هجي ساٿين کي.

آفتاب نظاماڻي
26-04-1983ع

 موري جي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ جي عھديدارن سان ملي نھايت خوشي ٿي. شاخ جي ”ادبي ڪاميٽي“ جي پاران ادبي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي مقامي شاعرن، اديبن ۽ ادب دوست حضرات سان بہ ڪچھري ٿي. شاخ جي عھديدارن سان تنظيمي معاملن ۽ شاخ کي زور وٺائڻ ۽ نئين سر اعتماد بحال ڪرڻ بابت تعليمي کيتر ۾ ڪوشش ڪري اڳتي وڌڻ جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري، مون انھن معاملن بابت آگاهي حاصل ڪئي. مون کي اميد آهي تہ اسان جا مقامي ساٿي اڳي کان اڳرا ٿي، ان ڏس ۾ ڪوشش جاري رکندا. منھنجو ۽ مرڪز جو تعاون ۽ دعائون انھن سان رهنديون.

بشير مورياڻي
مرڪزي صدر سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن
24-06-1985ع

 اڄ 24 جون 1985ع تي روشن تارا اسڪول ۾ ”سگا“ جي ڀائرن ۽ ان سان گڏ اديبن ۽ شاعرن سان ملي خوشي ٿي، نوجوانن جا مقالا ۽ شعر ٻڌي اطمينان حاصل ٿيو.

منير چانڊيو
سيڪريٽري جنرل ”سگا“


 سنڌي ساهت سال:
اڄ يارهين وڳي ڌاري جناب بخش علي لاکو ۽ جناب نظام الدين سومري سان گڏ ”سگا“ موري جي گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. مورو شاخ تمام پراڻي شاخ آهي ۽ هتي ڪافي دانشور دوست سرگرم عمل آهن، پر اها افسوس جي ڳالھ آهي تہ هتي شاخ جو رڪارڊ ۽ حساب ڪتاب سٺي نموني رکيل نہ آهي. اڄ گذريل چند سالن جو رڪارڊ ڏسڻ جو موقعو مليو پر اهو رڪارڊ ۽ حساب ڪتاب بہ گذريل دؤر جو گڏيل آهي. دوستن کي رڪارڊ رکڻ لاءِ مشورا ڏنا ويا. حساب ڪتاب لاءِ، لاکي صاحب، مالي سيڪريٽريءَ کي صلاحون ڏنيون.
گذريل سال جي صدر سان بہ الڳ ملاقات ٿي، جنھن ۾ کائنس گذريل حساب ڪتاب جا گوشوارا ورتا ويا. جيڪي لاکي صاحب باقاعدي چيڪ ڪرڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کنيا. حاجي جان محمد سان بہ ملاقات ٿي، جنھن وٽ لائبريري ۽ مفت طبي مرڪز جو سامان، ڪتاب، دوائون ۽ فرنيچر وغيرہ رکيل آهن. هن صاحب اهي ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عھديدارن جي حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. اميد تہ اهو سامان هفتي اندر ايسوسيئيشن جي حوالي ٿيندو ۽ رهيل ٻن مھينن جي مسواڙ ڏني ويندي.
مون کي اميد آهي تہ ”سگا“ موري جا ساٿي، ”ويڇا وساري“ نئين جوش ۽ ولولي سان هٿ ۾ کنيل رٿائن کي وري شروع ڪندا ۽ بيحد خلوص سان انھن کي مڪمل ڪندا. ايسوسيئيشن جا عھديدار بنيادي طور سماجي ڪارڪن آهن، جن کي پنھنجي پاڻ کي وساري سنڌ جي ڏتڙيل سماج لاءِ ايمانداريءَ سان محنت ڪرڻي آهي.
سُکن واري سَڌ، متان ڪا مون سان ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
ﷲ سائين شال اوهان کي ڪامياب ڪري.
(آمين)
ساٿ سدائين قائم

ڊاڪٽر سليمان شيخ
چيئرمين
مورو، 15 مئي 1981ع

 اڄ دير سان اچڻ جي باوجود ”سگا“ موري شاخ جا ساٿي انتظار ڪري رهيا هئا، گڏجاڻيءَ جي اڪير ثابت ٿي ڪري تہ ساٿي جوان حوصلي ۽ عزم سان سنڌ جي سماجي ڪمن لاءِ ڪوشان آهن.
ملاقات دوران ڏاڍي خوشي ٿي تہ پاڻ اڻ ٿڪندڙ محنت ۽ جذبن سان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا. آفيس جي معائني دوران وڌيڪ خوشي ٿي تہ ان کي وڌائي اُتي مڪمل پراجيڪٽ قائم ڪرڻ چاهين ٿا. اميد اٿم تہ سندن ساٿ ايسوسيئيشن لاءِ فعال ثابت ٿيندو ۽ سندن محنتون سنڌ ۾ سُکَ جو سبب بنجنديون.

ولي محمد روشن
30-04-1990ع

 موري شاخ جي دفتر ۾ اچڻ جو موقعو مليو، موري جا دوست بيحد پُرجوش آهن. هِنن دوستن کي ميونسپل ڪاميٽيءَ پاران دفتر ۽ ان سان گڏ ملحق پلاٽ ڏنو ويو آهي، جنھن ۾ ايمبولينس سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سماجي ڪم هڪ ڏکيو عمل آهي. هي نوجوان ساٿي، همٿ سان پنھنجي مسئلن کي منھن ڏيئڻ لاءِ ڪوشان آهن. منھنجي دعا آهي تہ شال رب سائين کين ڪامياب ڪري. (آمين)

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
19-07-1991ع

 موري شاخ جي ساٿين سان اڄ ملاقات ٿي. موري جا ساٿي بيحد سرگرم آهن. سندن آفيس جي لائبريري تمام سٺي نموني ترتيب ڏنل آهي. پراڻن نون ساٿين سان ڳالھ ٻولھه ٿي. ﷲ سائين شال سنگت کي همٿ بخشي تہ جيئن ڏکويل سنڌ جي ماڻھن جي خدمت ڪندا رهن. (آمين)

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
18-07-1992ع

 ٻوڏ جي ستايلن جي امداد واسطي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن سان گڏ موري اچڻ ٿيو. ”سگا“ موري جي ساٿين تمام سٺو تعاون ڪيو ۽ سٺو انتظام ڪيو ويو. اميد تہ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ جاري رکندا.

مظھر ميمڻ
سيڪريٽري تعليم، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
03-10-1992ع

 ”سگا“ ثقافتي ڪاميٽي موري پاران ڊاڪٽر لائق زرداري صاحب جي ڪتاب ”لُنڊڪي کان لنڊن تائين“ جي مھورت واري تقريب جي سلسلي ۾ اڄ چئن سالن جي وقفي کان پوءِ مورو اچڻ نصيب ٿيو. موري جي ساٿين جي سڪ ۽ محبت لازوال آهي. هي ادبي پروگرام بيحد ڀرپور هو ۽ نوجوانن شاندار مقالا پڙهيا. پراڻن دوستن محترم غلام مصطفيٰ ٻگهيو، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، سيد حاڪم علي شاھہ ۽ ”دلبر“ سان ملاقاتون ٿيون. اڳي وانگر ساٿي سرگرم ۽ پرجوش آهن. لائبريري تباھہ حال آهي، اها ڳالھ ڏکوئيندڙ آهي. اميد تہ ساٿي ان طرف ڌيان ڏيندا ۽ ان کي جلد مڪمل ڪندا.

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ
1996-2-23

 مان سمجهان ٿو ”سگا“ موري جو هن شھر جي ثقافت، تاريخ ۽ سماجيات جي ميدان ۾ تمام وڏو ڪم ڪيل آهي ۽ اميد آهي تہ اڳتي بہ وڏا ڪارناما ڪندو.

غلام مصطفيٰ ٻگهيو
23-02-1996ع

 ”سگا“ جو سفر جاري، جسماني توڙي ذهني طور سگهاري پئي ٿئي. محفلون ۽ مجلسون بہ جاري آهن. ساٿي وڌن پيا ڪم جي رفتار وقت سان هم آهنگ ٿي پوي تہ ڇا چئجي. دل نہ هارڻ گهرجي ڪمزورين جوجائزو وٺي وڌڻ گهرجي. اڪثر ميمبر مون وانگر رڳو ٽيڪو آهن.

سيد حاڪم علي شاھہ بخاري
23-02-1996ع

 وليج ڪميونٽي اسڪول فار گرلز جي رٿا بنسبت ڳوٺاڻن سان ملڻ ۽ ”سگا“ موري جي منظور اهڙي ڳوٺ ۾ وڃڻ ڪارڻ اڄ اچڻ ٿيو. محترم راڻي ميمڻ کي ساڻ ڪري، سندن رٿيل پروگرام تي عمل ڪندي ڪم جي شروعات ڪري رهيا آهيون. هي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن لاءِ 100 اسڪول قائم ڪرڻا آهن، ساٿين جو بھتر انتظام آهي. آفيس جو رڪارڊ صاف ۽ ڪاوشون مبارڪن جون مستحق آهن. دعا آهي تہ شاخ اڃا بہ بھتر ڪم ڪري مثالي بڻجي.

نذير احمد ڀنڊ
سيڪريٽري تعليم ”سگا“
08-07-1996ع