وزير فرھاد سولنگي
ساھتي پرڳڻي جي بھترين شاعر مسرور پنائي جي شاعري جو ڪتاب پڻ ڇپرايائين ۽ ان سان گڏوگڏ ترنم سان پڻ سندس شاعري پيش ڪندو رھي ٿو، ان سان گڏوگڏ نامياري تاريخدان محقق ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جي زندگيءَ بابت ھڪ ڪتاب ”مڻيادار ماڻھو“ ترتيب ڏنو آهي.وزير فرھاد سنڌي ادبي سنگت موري جو ڪامياب سيڪريٽري پڻ رھيو آھي. سندس سيڪريٽري واري دؤر جي ڪارڪردگي جو ڪتابچو پڻ شايع ٿيل اٿس. سندس تعلق فن جي دنيا سان پڻ آھي پاڻ ھڪ بھترين اداڪار صداڪار آھي پاڻ ڪيترن ڊراما سيريز ۾ اداڪاري ڪيي اٿائين جيڪي ڪي ٽي اين ۽ ٻين چينلن تي نشر ٿي چڪا آھن. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري سان سندس گهري وابستگي آھي. پاڻ ”سگا“ موري شاخ جو 2018 ــ 2015ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري رھيو آھي ان کان علاوہ 2021_ 2018ع ۾ شاخ جو جنرل سيڪريٽري ۽ 2024 ــ 2021ع ۾ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ان ئي پيرڊ 2024 ــ2021ع ۾ ”سگا“ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
