”سگا“ موري شاخ جو پھريون صدر ايڊووڪيٽ محمد ايوب وينجهر
سائين محمد مٺل ڪمالاڻيءَ ”مورو ناهي ٿورو“ ڪتاب ۾ وينجهر ۽ سونارا ذات متعلق لکي ٿو تہ:
”وينجهر خاندان ميرن جي دؤر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪھي اچي هن سرزمين تي آباد ٿيا. سونارا اصل ۾ سونارڪو ڪم ڪندا آهن ۽ وينجهر وري هيرن ۽ موتين جي جڙوات جو ڪم ڪندڙ هئا. وينجهرن جو اصل وڏو درسن جو ويٺل هو ۽ پوءِ وينجهر سونارا، لوهرن کان جايون وٺي موري شھر جي اتر ۾ اچي رهيا. سائين محمد مٺل ڪمالاڻيءَ اڳتي لکي ٿو تہ: سندن هڪ عزيز گل حسن خان موري ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي آيو جنھن جي مدد سان زمين جا ڪجهہ ٽڪرا حاصل ڪيائون. “
محترم محمد ايوب، پرائمري تعليم موري مين پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، انگريزي پڙهڻ لاءِ سنڌ مدرسي هاءِ اسڪول نوشھرو فيروز ۾ داخل ٿيو جتان نائنٿ جو امتحان پاس ڪري پائلٽ هاءِ اسڪول دادوءَ ۾ پڙهڻ لاءِ ويو ۽ اتان 1951ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پڙهڻ دوران، سيد عبدﷲ شاھہ (اڳوڻو چيف منسٽر سنڌ) سندن سان گڏ پڙهندو هو ۽ سندن ئي بقول تہ هڪ ئي ڊيسڪ تي ويھندا هئاسين. انٽر 1953ع ۾ ۽ بي اي جو امتحان شاھہ لطيف ڪاليج ميرپور خاص مان 1955ع ۾ پاس ڪيائين. ياد رهي تہ ميرپورخاص ۾ ان وقت سندن وڏو ڀاءُ علي محمد وينجهر نوڪريءَ ۾ هو. ايم اي سنڌي، سيڪنڊ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن 1957ع ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين، جڏهن تہ LLB جي ڊگري پڻ ڪراچي يونيورسٽي مان 1957ع ۾ حاصل ڪيائين.
پاڻ 1960ع ۾ موري ۾ وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪيائين، وينجهر صاحب جو نواب شاھہ ۽ نوشھري فيروز ضلعن جي تمام هوشيار ۽ محنتي وڪيلن ۾ شمار ٿئي ٿو. سائين محمد ايوب وينجهر، آرٽس ڪاليج موري جو پھريون پرنسپال هو. جتي پاڻ پھرين سيپٽمبر 1964ع کان يارهين جون 1967ع تائين پرنسپال طور رهيو. وينجهر صاحب ”سگا“ موري شاخ جو پھريون بنيادي صدر (1976ع ۾) رهيو آهي سندس شاخ ۾ ميمبرشپ نمبر 25 ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 02 جنوري 1976ع آهي. ان کان علاوہ آفيسرز ڪلب (موجودہ مھراڻ سٽيزن ڪلب) موري جو پھريون صد ر پڻ رهيو آهي.
محمد ايوب وينجهر، سول جو ڪامپيٽنٽ ۽ هوشيار وڪيل هو. ڪپڙي لٽي ۾ صاف سٿرو، سدائين اڇو اجرو رهندو هو، تقريبن اڇو ڪلر پائيندو هو. نفاست پسند ۽ نفيس انسان هو. وارن جو هڪڙو ئي هيئر اسٽائيل هئس، شاگردي واري دؤر کان وٺي آخر تائين حيدرآباد مان وار ڪٽنگ ڪرائيندو هو ۽ ڪپڙا بہ حيدرآباد مان ئي سبائيندو هو. پاڻ گچيري روڊ تي سيد نبن شاھہ جي آرا مشين لڳ پنھنجي جاءِ ٺھرائي رهائش اختيار ڪيائون. آخري سالن ۾ سندس ٻڌڻ جي حس متاثر ٿي. محمد ايوب وينجهر صاحب 29 جنوري 2020ع تي وفات ڪئي ۽ 30 جنوري تي کيس موري جي نول پاڙي جي مقام ۾ دفنايو ويو.
