مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

رحيم بخش ميمڻ

محترم رحيم بخش ميمڻ ولد محمد اسحاق ميمڻ، 12 مارچ 1953ع تي، ميمڻ محله موري ۾ ڄائو. پرائمري ايجوڪيشن، احمد شاھہ پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين، جنھن بعد ڇھون درجو پراڻي هاءِ اسڪول (سرهيه محله) ۾ پڙهڻ بعد ميرپور بٺوري (ضلعي ٺٽي) جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي نائين درجي تائين پڙهيو ۽ واپس موري هاءِ اسڪول آيو، جتان مئٽرڪ جو امتحان 1969ع ۾ پاس ڪيائين. 1970ع ۾ مھراڻ ڪاليج موري (ان وقت آرٽس ڪاليج) ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخل ٿيو ۽ اتي شاگرد سنگت (Student Union) جو ”جميخانہ سيڪريٽري“ پڻ چونڊيو ويو. 1971ع ۾ انٽر پاس ڪيائين ۽ بي. اي. مھراڻ ڪاليج موري مان 1973ع ۾ ڏنائين. پڙهڻ دوران ئي 1972ع ۾ ”يونائيٽيڊ بئنڪ“ ۾ ڪيشئر طور ڀرتي ٿيو. 1976ع ۾ بئنڪ مئنيجر طور سندن پروموشن ٿيو ۽ سندس پوسٽنگ تعلقي سڪرنڊ جي محرابپور برانچ ۾ ٿي، ان بعد 1977ع ۾ ڪنديارو برانچ ۽ 1978ع ۾ مورو برانچ جو مئنيجر ٿيو. پاڻ ٽنڊو آدم، سانگهڙ، نواب شاھہ ۽ ٺٽي برانچ جو مئنيجر پڻ رهيو، جتي کين اسسٽنٽ وائس پريزيڊنٽ (AVP) جو پروموشن مليو ۽ سندس حيدرآباد بدلي ٿي ۽ اتي ”صدر برانچ“ جو ٽي سال مئنيجر رهيو.
محترم رحيم بخش ميمڻ ميرپورخاص ۾ پڻ رهيو جتان 1998ع ۾ ”سوڪ سينٽر حيدرآباد“برانچ ۾ آيو ۽ هتي چار سال مئنيجر (اسسٽنٽ (VP رهيو جتان پاڻ استعيفا ڏئي ”الفلاح بئنڪ“ جنھن جو 2001ع ۾ نئون بنياد پيو ۽ هن جي حيدرآباد ۾ پھرين برانچ کلي ان ۾ برانچ جو چيف مئنيجر ٿيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ان جون برانچون کوليائين. 2007ع ۾ رحيم بخش الفلاح بئنڪ جو ايريا مئنيجر، سڄي سنڌ جو هيڊ ۽ Executive V.P رهيو، جتان 2013ع جي مارچ ۾ هن استعيفيٰ ڏني، رٽائرمينٽ ٿي 60 سالن جو ٿيو. پاڻ ڊسمبر 2014ع ۾ ميزان بئنڪ جوائن ڪيائين ۽ ان ئي بئنڪ ۾ Executive VP ۽ پوري سنڌ جو جنرل مئنيجر رهيو جتان مارچ 2018ع ۾ رٽائر ٿيو. رحيم بخش ميمڻ 1979ع ۾ شادي ڪئي کيس اولاد ۾ ڇھه ڌيئر ۽ هڪ فرزند عدنان ميمڻ اٿس جيڪو آمريڪا ۾ هڪ ڪمپني ۾ ڊزائن انجنيئر آهي. پاڻ 64 سال جي عمر ۾ آمريڪا ويو جتي پٽ سان گڏ رهائش پذير هو ۽ اتي آمريڪا ۾ ئي 22 سيپٽمبر 2022ع تي وفات ڪيائين ۽ Orland آمريڪا ۾ مدفن آهي.
محترم رحيم بخش ميمڻ، ”سگا“ موري شاخ جو بنيادي ميمبر رهيو آهي سندس ميمبرشپ نمبر27 ۽ ميمبرشپ تاريخ 1976-03-19 اٿس. پاڻ موري شاخ جو 1976ع ۾ پھريون خزانچي چونڊيو ويو ۽ ان کان پوءِ 1977ع ۽ 1978ع ۾ پڻ شاخ جو خزانچي رهيو آهي.