ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ
ڊاڪٽر ممتاز علي جي پھرين پوسٽنگ ڊسپينسري مچر ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ٿي. ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، تعلقہ اسپتال موري جو 2016ع ۾ ميڊيڪل سپريڊنٽ ٿيو. پاڻ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي هاسپيٽل ۾ رجسٽرار پڻ رهيو جتان 25 آگسٽ 2017ع ۾ رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر صاحب مئي 1981ع ۾ شادي ڪئي کيس ٽي پٽ عديل فارمسٽ، ڊاڪٽر راحيل ۽ شرجيل سافٽويئر انجنيئر ۽ ٻہ نياڻيون اولاد ۾آهن.
ڊاڪٽر ممتاز علي، 1983ع ڌاري ”سگا“ موري جو ميمبر ٿيو. پاڻ 1985ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر بڻيو ۽ 87-1986ع ۾ موري شاخ جو صدر چونڊيو ويو. ان کان پوءِ پاڻ 93-1992ع، 06-2004ع ۽ 18-2015ع ۾ پڻ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. 21-2018ع ۾ ڊاڪٽر صاحب موري شاخ جو نائب صدر رهيو آهي. ڊاڪٽر ممتاز علي جو ”سگا“ موري ۾ ايڪٽو رول رهيو آهي ۽ اڄ تائين ”سگا“ ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو آهي. پاڻ ”سگا“ موري جي صدر واري پيرڊ ۾ موري شاخ اندر بھترين سماجي ڪم ڪيائين. ميڊيڪل ڪئمپون، ثقافتي ۽ تعليمي پروگرام، راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ بئڊمنٽن ٽورنامينٽ کان علاوہ ٻيا فلاحي ڪم پڻ ڪيا. ساڻس گڏ انھي پيرڊ ۾ جنرل سيڪريٽري طور نثار احمد ميمڻ رهيو آهي، جيڪو پڻ تمام گهڻو سرگرم رهيو آهي.
