مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

”سگا“ موري شاخ جو متحرڪ ساٿي صلاح الدين پنھور

باصلاحيت، متحرڪ سماج سڌارڪ ۽ سنڌ دوست آفيسر محترم صلاح الدين پنھور، تعلقي دادو جي يونين ڪائونسل الھه آباد جي ڳوٺ ابراهيم ڪڇي (ابراهيم پنھور) ۾ حڪيم محمد صالح پنھور جي گهر ۾، 8 جون 1947ع تي ڄائو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول غريب آباد، دادو مان، 1954ع ۾ حاصل ڪيائين جڏهن تہ مئٽرڪ جو امتحان طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو مان، 1963ع ۾ ڏنائين. انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان 1967ع ۾ ۽ B.A جو امتحان ساڳئي ڪاليج مان 1969ع ۾ ڏنائين. جڏهن تہ ماسٽرس سوشل ورڪ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي، سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ مان، 1971ع ۾ سيڪنڊ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين.
نوڪريءَ جي شروعات، سوشل ويلفيئر آفيسر جي حيثيت سان ڪيائين ۽ 10 مارچ 1972ع تي لاڙڪاڻي ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ٿيو. جنھن بعد دوڙ، موري ۽ سانگهڙ ۾ پڻ رهيو. موري ۾ 1975ع ۾ بدلي ٿي آيو ۽ کيس نوشھرو فيروز جي ايڊيشنل چارج پڻ مليس ۽ موري ۾ سيپٽمبر 1981ع تائين رهيو بعد ۾ سانگهڙ بدلي ٿي ويو جتي سوشل ويلفيئر آفيسر سان گڏ فيلڊ آفيسر جي چارج پڻ هئيس. سندس پھريون پروموشن 1983ع ۾ ’اسسٽنٽ ڊئريڪٽر سوشل ويلفيئر دادو‘ طور ٿيو ۽ کيس اضافي چارج ’ايڊمنسٽريٽو آفيسر سوشيو اڪنامڪ سينٽر فار وومين دادو‘ ۽ ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ريھيبلٽيشن آف ڊس ايبل پرسن دادو‘ پڻ ڏنيون ويون.
محترم صلاح الدين پنھور جو ٻيو پروموشن ’ڊپٽي ڊائريڪٽر‘ ۽ ٽيون پروموشن ’ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ايڊمنسٽريشن‘ طور ٿيو. پاڻ ’ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر لاڙڪاڻو ڊويزن‘ پڻ رهيا. ان سان گڏوگڏ کين ’پرنسپال سوشل ويلفيئر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ڪراچي‘ جي اضافي چارج پڻ هئي. جڏهن پاڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ايڊمنسٽريشن ڪراچي هئا تہ کين ڊپٽي ڊائريڪٽر PCRD ڪراچي ۽ ايگزيڪيوٽو آفيسر سنڌ سوشل ويلفيئر ڪائونسل جھڙيون اضافي چارجون پڻ مليل هيون.
پنھور صاحب 7 جون 2007ع تي ”ڊپٽي ڊائريڪٽر، سوشل ويلفيئر ايڊمنسٽريشن“ جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. صلاح الدين صاحب موري ۾ پوسٽنگ دوران، هڪ ٽائيپنگ جو ادارو، عورتن لاءِ ڪڙهائي سلائي جو اسڪول، شام جو ٽائون هال ۾ نوجوانن جي انڊور گيمز جو سينٽر پڻ کوليو هو.
صلاح الدين پنھور، قلندر لعل شھباز جي ميلي (سيوهڻ) جو پندرنھن سال ڪنوينر (نمائش، سووينئر ۽ اسٽيج ڊيڪورشن) 1984ع کان 1995ع تائين رهيو. کيس ڪيتريون ئي شيلڊون ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي جن ۾ ”قلندر شيلڊ“، 1984ع ۽ 1995ع ۾، ” قلندر ايوارڊ“، 1996ع ۽ 2000ع ۾ جڏهن تہ کيس 2003ع ۾ قلندر شھباز جي ميلي تي ”لائيف اچيومينٽ ايوارڊ“ پڻ ڏنو ويو. ان کان علاوہ کين 2007ع ۾ ”شاھہ لطيف ايوارڊ“ پڻ مليو آهي.
سنڌ ۾ 2007ع ۾ پھريون ”ٽوئيرزن سال“ عمرڪوٽ ۾ ملھايو ويو ۽ ان جو ڪنوينر صلاح الدين پنھور کي سندس کاتي جي سيڪريٽري محترم عبدالقادر منگي مقرر ڪيو.
محترم صلاح الدين، شاگرديءَ واري زماني ۾ بئڊمنٽن، هاڪي ۽ ڪرڪيٽ راندين ۾ حصو ورتو ۽ مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ پڻ حصو ورتائين ۽ انعام ۾ ڪپ حاصل ڪيائين.
پنھور صاحب ادبي حوالي سان شاعري، مضمون ۽ ڪجهہ ڪھاڻيون پڻ لکيون آهن جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ادبي تنظمين جي حوالي سان ”گلشن ادب“، ”ٻارن جي ٻاري“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت“ سان لاڳاپيل رهيو آهي.
صلاح الدين پنھور صاحب، ”سگا“ موري جو بنيادي ۽ متحرڪ ميمبر رهيو آهي. هن ”سگا“ موري جي قائم ٿيڻ يعني 1976ع کان 1981ع تائين ”سگا“ ۾ بھترين خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ 1976ع کان 1980ع تائين ”سگا“ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو سرگرم ميمبر رهيو. ان کان علاوہ 1978ع جي باڊيءَ ۾ ”روزگار سب ڪاميٽيءَ“ ۽ ” ثقافتي سب ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ”سگا“ موري پاران ان وقت جي سڀني ايڪٽوٽيز ۾ اڳڀرو رهيو. موري شاخ پاران 1977ع ۾ ”مھراڻ ڪي جي اسڪول“ جيڪو بعد ۾ ”روشن تارا ڪي جي اسڪول“ سڏيو ويو، جيڪو موري شاخ جي صدر ڊاڪٽر بشير الدين ميمڻ، پروفيسر سائين علي بخش شاه، پروفيسر نذير احمد قاضي، صلاح الدين پنھور ۽ ٻين ساٿين جي مدد سان قائم ٿيو تنھن جو پھريون ائڊمنسٽريٽر صلاح الدين پنھور بڻيو ۽ تقريباً 1980ع تائين (جيستائين موري ۾ پوسٽ تي رهيو) هو. 1983ع ۾ موري ۾ ”سگا جو ستون ڪنوينشن“ ٿيو هو، جنھن ۾محترم صلاح الدين پنھور پڻ وڏو ۽ اهم رول ادا ڪيو. حالانڪ پاڻ ان وقت سانگهڙ ۾ پوسٽيڊ هو، جتان سندس بقول هڪ هفتو موڪل وٺي موري آيو ۽ اچي ڪم کي لڳي ويو. پاڻ جيئن تہ روشن تارا اسڪول جو ائڊمنسٽريٽر رهيو هو ان ڪري هن شاگردن جي والدين سان رابطو ڪري ٻارن کي ڪنوينشن ۾ مرحبائي گيت لاءِ آمادہ ڪيو. سندس ڪوشش سان 100 ٻارن کي تيار ڪيو ويو، جن ۾ ڇوڪرن کي اڇو وڳو ۽ ڇوڪرين کي سنڌي ڊريس، سوسي وغيرہ پاتل هئي. انھن ٻارن ڪنوينشن ۾ پنڊال اندر مھمانن جي چوطرف ۽ اسٽيج تي هٿن ۾ گلن جون ڀريل پليٽون کڻي، مرحبائي گيت ڳايو جنھن جا ڪجهہ ٻول هي آهن:
گل اڇليو گل، ماڻھو آيا اَمُل،
گل اڇليو گل
محترم صلاح الدين پنھور اڄڪلھه ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اڄ بہ متحرڪ سوشل ايڪٽيوسٽ آهي. ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ علمي ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو رهي ٿو. کيس اولاد ۾ ٻہ پٽ سرمد پنھور ۽ عامر سارنگ پنھور ۽ هڪ نياڻي رابيل آهي.