محمد صديق ”دلبر“ ميمڻ
محمد صديق ”دلبر“ جو والد صاحب موري شھر ۾ چمڙي (کلنُ) جو ڪاروبار ڪندو هو. سندس ڏاڏي جو نالو اميد علي ميمڻ هو. جيڪو ڪنڍا کاهي (نوشھرو فيروز) کان لڏي موري آيو. ميان محمد صالح وٽ ڪجهہ زمين جو ٽڪرو هو. جيڪو موري شھر جي اولھه پاسي کان ٻاهر ”داد واھہ“ ۾ هو. محمد صديق نون ورهين جي عمر جو هو تہ سندس والد وفات ڪئي ۽ چوڏهن سالن جي عمر ۾ سندس والدہ پڻ هي جھان ڇڏيو.
سائين محمد صديق دلبر، 1952ع ۾ محترم ﷲ بخش ميمڻ (گاگناڻي ) جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيو جنھن مان کيس ٽي فرزند ۽ چار نياڻيون آهن. سندن وڏو فرزند بشارت علي ميمڻ هن وقت پوليس کاتي ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي جڏهن تہ سندن ٻيو نمبر پٽ اشارت حسين، ڪي اليڪٽرڪ ڪراچيءَ ۾ سينيئر آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي سندن ٽيون فرزند محمد صالح عرف شجاعت حسين ميمڻ هن وقت ملڪ کان ٻاهر قطر ۾ سول انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
سائين محمد صديق، ڪرڪيٽ، والي بال، ڪوڏي ڪوڏي، باڊي بلڊنگ ۽ ملھه جو بھترين رانديگر هو. هالا ڪاليج ۾ ”دلبر“ سائين رهڻ دوران راندين ۾ تمام گهڻو مشھور ٿيو. انھن ڪاوشن ڪري سائين طالب الموليٰ کيس ”دلبر“ جو لقب عطا ڪيو. هالا ڪاليج ۾ راندين جي مقابلي ۽ ملاکڙي ۾ ڪاميابي ملڻ تي سائين طالب الموليٰ طرفان کيس هڪ لفافو مليو جنھن ۾ پنج روپيا انعام جي رقم پيل هئي ۽ سائين طالب الموليٰ جي هٿ اکرن سان لکيل آهي تہ.
هي لطف، هي چرچو، هي مزو نہ ٿئي ها،
ڪاليج جي راندين ۾ جي دلبر نہ هجي ها.
دلبر کي ملاکڙي ۾ ڪامياب رهڻ تي انعام پنج روپيہ.
(طالب الموليٰ)
11 فيبروري 1955ع هالا
”دلبر“ محمد صديق، شاگرديءَ واري زماني کان وٺي سياسي، سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو هو. آرٽس ڪاليج موري جي قيام ۾ ”دلبر“ جو پڻ حصو پتي آهي. ڪاليج لاءِ جيڪا ”ايجوڪيشنل سوسائٽي“ ٺاهي وئي تنھن جي بنيادي ميمبرن مان پاڻ بہ هڪ آهي. 1970ع ۾ سوسائٽيءَ جي معاونين مان محمد صديق بہ هڪ هو.
سائين دلبر محمد صديق، ”سگا“ موري شاخ جو بنيادي ميمبر رهيو آهي، سندس موري شاخ سان گهري وابستگي رهي آهي. پاڻ ”سگا“ ۾ 02 جنوري 1976ع تي ميمبر ٿيو ۽ سندس ميمبرشپ نمبر 37 آهي. پاڻ 1977ع، جي باڊي ۾ ”جوائنٽ سيڪريٽري“، 1978ع ۾ ”اطلاعات سيڪريٽري“ 82-1981ع ۾ شاخ جي ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر“ ۽ ”فنـانس سب ڪـامـيـٽـيءَ“ جو ميمبر، 84-1983ع ۽ 95-1994ع ۾ ”ڪاروباري ڪاميٽيءَ“ جو ميمبر، 97-1996ع ۾ ”سکر ڊويزن مان مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر“ پڻ رهيو. 1982ع ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي بدلي ٿيڻ سبب ۽ عھدي تان استيعيفا ڏيڻ کان پوءِ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي فيصلي مطابق عبدﷲ خان ڪورائي (جوائنٽ سيڪريٽري) کي جنرل سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي. جڏهن تہ محترم محمد صديق (ميمبر ڪاروباري ڪاميٽيءَ) کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو. محترم محمد صديق ”دلبر“ جن ”سگا“ جا سرگرم ڪارڪن ۽ عھديدار رهيا آهن.
محمد صديق دلبر، ”مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ“ جو بنيادي ميمبر پڻ رهيو آهي جنھن پاران موري ۾ مھراڻ ڪي جي اسڪول/ روشن تارا اسڪول قائم ڪيو ويو. محمد صديق ”دلبر“ پنھنجي فرزندن سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ اتي ئي پاڻ 11 ڊسمبر 2022ع ۾، آچر ڏينھن وفات ڪيائين ۽ اسٽيل ٽائون قبرستان ڀرسان بن قاسم ٽائون ملير ۾ مدفن آهي.
