مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 99-1998ع

چونڊ ڪاميٽي:
ڊاڪٽر سعيد احمد ميمڻ (چيئرمين)
رفيق احمد ميمڻ (ميمبر)
آفتاب احمد ميمڻ (ميمبر)

چونڊون:
چونڊ ڪاميٽيءَ جي زيرِ نگراني، جولاءِ 1998ع ۾، موري شاخ جون سال 99-1998ع لاءِ چونڊيون ٿي گذريون، جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار ڪامياب قرار ڏنا ويا:
صدر: حفيظ الرحمان شيخ
نائب صدر: نظر حسين ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: غلام النبي سيال
جوائنٽ سيڪريٽري: شميم اقبال سومرو
خزانچي: محمد يونس ميمڻ
اطلاعات سيڪريٽري: انور ساگر ڪانڌڙو

ڪاروباري ڪاميٽي:
عظيم سنڌي، غلام رضا ميمڻ، اياز علي ميمڻ، آفتاب منگي، محمد اسلم عباسي، عبدالجبار ميمڻ، شھباز سومرو، لياقت علي ميمڻ، محمد حنيف سومرو.

رسم حلف وفاداري تقريب:
سال 99-1998ع جي چونڊجي آيل عھديدارن ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن جي قسم کڻڻ جي تقريب، روشن تارا ڪي جي اسڪول موري ۾، محترم غلام النبي مورائيءَ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري، جنھن ۾ مھمان خاص محترم پروفيسر سيد علي بخش شاھہ جن ھو، جڏھن تہ اعزازي مھمان محترم نذير احمد ڀنڊ (مرڪزي سيڪريٽري تعليم سگا) ھئو. محترم غلام النبي مورائيءَ نون چونڊيل عھديدارن کي قسم کڻايو، تقريب ۾ محترم نذير احمد ڀنڊ، محترم سيد علي بخش شاھہ ۽ محترم غلام النبي مورائي ڳالھايو. مھمانن جي آجيان غلام النبي سيال، جنرل سيڪريٽري ”سگا“ شاخ مورو ڪئي. ھن تقريب ۾ شھرين، سول سوسائٽي جي فردن، ”سگا“ ساٿين، ڊاڪٽرن، استادن، ڊاڪٽر غلام شبيرميمڻ، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، سيد حاڪم علي شاھہ (دادو) عبدالحميد جمالي (صدر ”سگا“ شاخ دادو) محمد رمضان خشڪ (دادو) غلام سرور سرھيو، ڪوڙو خان ميمڻ، مسعود احمد سومرو انجنيئر، پروفيسر محمد سليمان سيال، غلام رضا ميمڻ، عرفان عباسي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

T.B خلاف عالمي جهاد ريلي/ واڪ:
”سگا“ موري شاخ پاران 24 مارچ 1998ع تي، ٽي. بي. خلاف ھڪ واڪ/ ريلي، سول ھاسپيٽل مورو کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنھن ۾ سول اسپتال مورو جي پئرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽرن، سماجي ڪارڪنن، ”سگا“ ساٿين ۽ شھر واسين ڊاڪٽر غلام شبير ميمڻ، ڊاڪٽر امداد ميمڻ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، غلام النبي سيال، حفيظ الرحمان شيخ، نذير علي شاھہ، فقير غلام الرسول ميمڻ، ھاشم نول، انجنيئر زاھد حسين ميمڻ، غازي خان لغاري، اياز علي ميمڻ، خان ڏاھري، پروفيسر شمشاد سومري سميت وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

شيخ اياز جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو:
21 مارچ 1998ع تي، مين اسڪول موري ۾ ”شيخ اياز جي ياد ۾ ميڙاڪو“ ڪوٺايو ويو، ھن شاندار پروگرام جي صدارت محترم بخش علي لاکي (اڳواڻي مرڪزي چيئرمين ’سگا‘) ڪئي جڏھن تہ مھمان خاص شمشير الحيدري، ولي محمد روشن (اڳواڻو سيڪريٽري جنرل ’سگا‘ مرڪز) ھئا ۽ اعزازي مھمان پروفيسر مظھر الدين ميمڻ، نذير احمد ڀنڊ، بيدل مسرور، احمد سولنگي ۽ تاج جويو ھئا. مھمانن سان گڏ برانچ صدر حفيظ الرحمان شيخ ۽ جنرل سيڪريٽري غلام النبي سيال کي پڻ مٿي وھاريو ويو. ميڙاڪي ۾ تاج جويي، احمد سولنگي، حاڪم علي شاھہ، نذير احمد ڀنڊ، بيدل مسرور، پروفيسر مظھر الدين، ولي محمد روشن ۽ بخش علي لاکي شيخ اياز جي فن، فڪر ۽ شاعريءَ جي حوالي سان ڳالھايو. آخر ۾ بيدل مسرور پنھنجي سريلي آواز ۾ شيخ اياز جي ٽيڙو شاعريءَ کي نيون ڌنون ڏئي پھريون دفعو موري جي اسٽيج تي ڳايو.

مفت جمعا ڪلينڪ:
ڳوٺ مناھيءَ ۾، 99-1998ع ۾ بہ ”سگا“ شاخ پاران ”مفت جمعا ڪلينڪ“ ھلائي وئي. جنھن ۾ ڊاڪٽر سعيد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد نواز ميمڻ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ خدمتون سرانجام ڏنيون، ھن مفت ڪلينڪ کي ھلائڻ ۾ مناھين جي نيڪ مرد غلام مصطفيٰ راھوجو جو خاص تعاون رھيو.

چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ:
06 اپريل 1998ع تي تعلقي اسپتال موري ۾ ”واڊپ“ تنظيم ڪراچي جي سھڪار سان، ھڪ مفت چمڙيءَ جي بيمارين جي ڪئمپ، ڊاڪٽر منظور احمد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ لڳائي وئي. جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحبن ۽ سندس ٽيم 1020 مريضن کي تپاسيو ۽ مفت دوائون ڏنيون. ھيءَ ڪئمپ صبح جو 9 وڳي کان 3 وڳي تائين جاري رھي. ھن ڪئمپ جي نگراني ھليٿ ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ۽ مورو شاخ جي نائب صدر نظر حسين ميمڻ ڪئي. ھن ڪئمپ کي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، ولي محمد روشن، غلام حسين بلوچ ۽ محمد اسماعيل پنھور پڻ وزٽ ڪيو.

ايڊز ۽ پوليو خلاف ريلي:
16 جون 1998ع تي، ھڪ ريلي/ واڪ، ”ايڊز ۽ پوليو خلاف جهاد“ جي بينر ھيٺ، مھراڻ ڪاليج موري کان پريس ڪلب موري تائين ڪڍي وئي جنھن جي نگراني حفيظ الرحمان شيخ، غلام النبي سيال ۽ نظر حسين ميمڻ جن ڪئي.

”ايڪويھين صديءَ جون سماجي گهرجون ۽ ”سگا“ جو ڪردار“ تي ليڪچر:
آڪٽوبر 1999ع تي مين پرائمري اسڪول مورو ۾ سنڌ جي ڏاھي، سماج سڌارڪ ۽ ”سگا“ جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کان ليڪچر ”ايڪويھين صديءَ جون سماجي گهرجون ۽ ”سگا“ جو ڪردار“، جي عنوان تحت ڪرايو ويو. پروگرام جي شروعات ۾ سنڌ جي ٻن ليجنڊ پرسنلٽيز حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ سائين انور الدين جتوئيءَ ”پنھوارن کان پوءِ عمر! منھنجو داد ڌنارن ڪونہ ڪيو“ ڪافي گڏيل طور تمام خوبصورت ۽ نرالي انداز ۾ ڳائي ٻڌائي. ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ صاحب تمام سھڻي نموني، ڀرپور ليڪچر ڏنو. ليڪچر کان پوءِ سامعين پاران ليڪچرڪار کان سوال پڇيا ويا ۽ ڊاڪٽر صاحب انھن سوالن جا جواب ڏنا. ھن موقعي تي مشھور شاعر گدا خاصخيليءَ پنھنجو مشھور نظم ”چاغي ۽ پوکران تي حملو، ﷲ ۽ ڀڳوان تي حملو“ سامعين کي ٻڌايو. ھن پروگرام جي ڪارروائي موري شاخ جي ثقافتي ڪاميٽيءَ ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر اسلم عباسي ھلائي.

سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن جي وزٽ:
مرڪزي سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن، 20 جون 1999ع تي، ”سگا“ موري شاخ جي وزٽ تي آيو ان سلسلي ۾ ھڪ گڏجاڻي رکي وئي هئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ موري شاخ جي عھديدارن، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن سان گڏوگڏ نظير احمد ڀنڊ (مرڪزي سيڪريٽري تعليم)، لعل محمد پنھور (مرڪزي سيڪريٽري روزگار) الھه ورايو ڪلو ايسوسيئيٽ سيڪريٽري سکر ڊويزن پڻ شامل ٿيا.