مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

شفيق احمد ميمڻ

شفيق احمد ميمڻ ولد مرحوم اُستاد سائين مشتاق احمد ميمڻ، رهائش ميمڻ محلا مورو. قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪيائين. هن وقت سعودي عرب ۾ انجنيئر آهي. پاڻ ”سگا“ شاخ مورو ۽ جنرل سيڪريٽري جي عھدي تي سال 93 ــ 1992ع ڌاري رهيو.