پروفيسر شفيع محمد ميمڻ
1970ع ۾ سچل سرمست ڪاليج نواب شاھہ ۾ پارٽ ٽائيم ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ ساڍا ٽي مھينا اتي جاب ڪيائين، جنھن بعد پھرين فيبروري 1971ع تي ”مھراڻ آرٽس ڪاليج موري“ ۾ اڪنامڪس جي ليڪچرار طور جوائن ڪيائين. جڏهن هن ڪاليج کي حڪومت سرڪاري تحويل ۾ ورتو ته، پھرين سيپٽمبر 1972ع تي نوشھري ڪاليج بدلي ٿيو. 13 آگسٽ 1986ع تي نوشھري ڪاليج جي پرنسپال رٽائرڊ ٿيڻ بعد سائين کي انچارج پرنسپال ڪري رکيو ويو. سائين شفيع محمد ميمڻ جو، 04 نومبر 1989ع تي اسسٽنٽ پروفيسر طور پروموشن ٿيو. پاڻ 26 اپريل 1993ع تي ڊگري ڪاليج نوشھرو فيروز مان بدلي ٿي، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ آيا. 26 سيپٽمبر 1996ع تي سندن پروموشن ٿيو ۽ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور موري ۾ ئي جوائن ڪيائين.
سائين شفيع محمد، انتھائي محنتي، وقت جو پابند، پنھنجي سبجيڪٽ جو هوشيار ۽ بھترين استاد هو، پاڻ آرٽس ڪاليج موري دوران شاگرد يونين جو ايڪس آفيشل پڻ هو.
سائين شفيع محمد ميمڻ، ”سگا“ موري جو بنيادي 1976ع کان ميمبر هو. سندس ميمبر شپ نمبر 4 ۽ ميمبر ٿيڻ جي تاريخ 3 جنوري 1976ع آهي. 82-1981ع ۾ ”سگا“ موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ 84-1983ع ۾ شاخ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن دؤر ۾ موري ۾ ”سگا“ جو ستون مرڪزي ڪنوينشن 15-14 اپريل تي ٿيو جنھن ۾ سائين شفيع محمد سرگرم رول ادا ڪيو.
پاڻ 08 ڊسمبر تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪيائين، کين اولاد ۾ ٽي فرزند سعيد احمد، منصور احمد ۽ مسعود احمد ميمڻ ۽ پنج نياڻيون آهن.
