مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 24 ـــ 2021ع

”سگا“ موري جي نئين چونڊجي آيل باڊيءَ جي رسم حلف برداري تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جي نئين چونڊجي آيل باڊي براءِ سال 2021ع کان 2024ع تائين جي رسم حلف برداري، تاريخ 27 آگسٽ 2021ع جمعي ڏينھن شام 06 وڳي ”سگا“ آفيس نزد ميونسپل ڪاميٽي موري ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ صدر اسلم عباسي، نائب صدر ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، پريس سيڪريٽري پروفيسر افتخار حسين ٻگهيو، خزانچي زاھد حسين ڏيپر، جڏھن تہ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي نثار احمد ميمڻ، نظير حسين ميمڻ، وزير فرھاد سولنگي، جاويد ملاح، قاضي شفيع محمد، مخدوم اظھار قريشي، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، وسيم الرحمان شيخ پنھنجي عھدي جو حلف کڻي ورتو، جيڪو چيئرمين اليڪشن ڪاميٽي ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ کين کڻايو.
صدارتي تقرير ڪندي ”سگا“ موري جي سينيئر ساٿي، اديب ۽ شاعر عظيم سنڌيءَ چيو تہ 1976ع کان وٺي ”سگا“ موري پنھنجو سماجي سفر شروع ڪيو ۽ مون ”سگا“ جو ھر دؤر ڏٺو آھي. سماج ۾ خدمت ڪندڙ حقيقي سماجي ڪارڪنن کي ڪنھن بہ سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناھي، ھر ماڻھو پنھنجي عمل مان پرکيو ويندو. مون کي خوشي آھي تہ ھن سٿ ۾ ڪيترائي نوان چھرا ۽ نوجوان شامل ٿي پنھنجي شھر جي ضرورتمند مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪري رھيا آھن.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ رسم حلف برداري تقريب ۾ شريڪ سڀني ”سگا“ ساٿين ۽ پريس ميڊيا، صحافين، سول سوسائٽيءَ جي نمائندن، استادن، عالمن، اديبن ۽ معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا.
تقريب ۾ موجود نامياري سماج سڌارڪ ۽ ”سگا“ موري جي نائب صدر ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ شاخ مورو پنھنجو سماجي سفر گذريل 45 سالن کان ڪري رهي آھي ۽ ھن سٿ ۾ شامل ٿي خوشي محسوس ٿي رھي آھي، ھن موري شھر جي صحت بابت ڳالھائيندي چيو تہ ڪوشش ڪري موري سول اسپتال ۾ دل جو وارڊ، اين. آءِ. سي. وي. ڊي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. موري ۾ گهٽ ۾ گهٽ گمس، (گمبٽ ميڊيڪل سينٽر) جھڙي اداري جوڙائڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو تہ سماجي کيتر ۾ ”سگا“ جون سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻيون خدمتون آھن.
”سگا“ موري جي سابق صدر ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ نئين چونڊجي آيل باڊيءَ کي مبارڪباد پيش ڪئي. ھن چيو تہ تازو وفاقي ادارن مان 16 ھزار ملازمن کي بيروزگار ڪيو ويو آھي جنھن ۾ اڪثريت سنڌواسين جي آھي جيڪا سراسر ناانصافي آھي. ھن چيو تہ ڪرونا وائرس سبب بک، بيروزگاري، معاشي بدحاليءَ سبب وڏو معاشي نقصان ۽ تعليمي ادارن جي بند ھئڻ سان وڏو تعليمي نقصان ٿيو آھي ۽ پوري دنيا سان گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائو ن سبب سنڌ ۾ وڏي معاشي تباھي ٿي آھي. ھن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ وفاقي سرڪار کي اپيل ڪئي تہ وفاقي کاتن مان ڪڍيل ملازمن کي فوري طور بحال ڪري بيروزگاري ختم ڪئي وڃي. ھن چيو تہ ”سگا“ مورو جي صدر اسلم عباسي گذريل 6 سالن کان ”سگا“ موري شاخ ۾ بھترين ڪارڪردگي جو ڪم ڪيو آھي. ھن سڀني چونڊجي آيل دوستن کي مبارڪون ڏنيون.
”سگا“ موري جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري ۽ موجودہ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي وزير فرھاد سولنگي ڳالھائيندي چيو تہ مان ”سگا“ جي سٿ ۾ سال 2004ع کان شامل آھيان، ھن چيو تہ 2018ع کان 2021ع تائين ”سگا“ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا آهن. گذريل عرصي ۾ ”سگا“ شاخ موري پنھنجو شاندار ۽ تاريخ ساز سماجي ڪم ڪيو آھي ۽ سڄي سنڌ ۾ ھڪ بھتر خدمتون ڏيندڙ شاخ طور سڃاتي وڃي ٿي. ھن چيو تہ ”سگا“ شاخ موري جي نائب صدر نظر حسين ميمڻ کي سال 2018ع ۾ بھترين شاخ جو ايوارڊ ڏنو ويو، جڏھن تہ صحت، تعليم، ثقافت ۽ ٻين سماجي خدمتن عيوض سال 2020ع دوران ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ گولڊ ميڊل ايوارڊ حاصل ڪيو.
”سگا“ موري جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ پڻ نئين چونڊيل باڊي جي سڀني عھديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو تہ انسانيت جي خدمت افضل عبادت آھي، ”سگا“ موري شاخ پنھنجن سماجي خدمتون ڏئي رھي آھي. ان بعد نئين چونڊيل باڊي جي ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ڊاڪٽر غلام حيدر پڻ ڳالھايو، ھن چيو تہ ”سگا“ طرفان بلڊ ڪيمپ ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاھہ جي سھڪار سان لڳندي رھي ٿي ۽ مون پڻ پنھنجي رت جو عطيو ڏنو ھو.
”سگا“ ساٿي نظر حسين ميمڻ ”سگا“ ساٿين کي گلن جا ھار پارايا ۽ کين مبارڪ باد ڏيندي چيو تہ ”سگا“ منھنجي سڃاڻپ ۽ ان ۾ منھنجو ساھہ آھي ڇاڪاڻ تہ ”سگا“ ساٿين جي دل ۾ سنڌ آھي. ھن ”سگا“ موري جي سماجي خدمتن جمعا ڪلينڪ، چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ، جنرل ميڊيڪل ڪيمپ، ھيپاٽائٽس بي. سي جون ڪيمپون، بلڊ ڊونر ٿيليسيميا جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ چيو تہ ”سگا“ موري ھميشه صحت جي شعبي ۾ ڀرپور خدمت سرانجام ڏنيون آھن ۽ انشاﷲ جيستائين حياتي آھي تہ ”سگا“ موري شاخ ۾ رھي خدمت ڪندا رھنداسين.
رسم حلف برداري تقريب جي ڪاروائي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ھلائي ۽ آخر ۾ هن ڳالھائيندي چيو تہ مان ”سگا“ موري شاخ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگي تي سال 1976ع کان (ھن وقت) 2025ع تائين، تحقيق ڪري رھيو آھيان. ”سگا“ ساٿين کي اپيل آھي تہ پنھنجون ساروڻيون، خدمتون ۽ تصويرون ڏياري موڪلين تہ جيئن ڪتاب ۾ شامل ڪري سگهجن.
آخر ۾ آيل سڀني ”سگا“ عھديدارن، ميمبرن، اسڪائوٽ گروپ مورو جي ساٿين، نامياري ليکڪ مشتاق باگاڻي، استاد بھاول خان لغاري، سائين الھه بچايو لغاري، ميڊيا پريس جي دوستن اختر لغاري، وحيد مستوئي، ظفر پنھور، جاني جماڻي، رائو تيمور، سنڌي الطاف سومري، بشير لغاري ۽ ميونسپل ڪاميٽي مورو انتظاميا جو تعاون ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.

”سگا“ جي اڳوڻي چيئرمين اسدﷲ کيڙي جي پنجين ورسي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان، 13 آگسٽ 2021ع، جمعي ڏينھن شام جو ”سگا“ آفيس موري ۾، ”سگا“ جي اڳوڻي چيئرمين اسدﷲ کيڙي مرحوم جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي سندس سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ھڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنھن جي صدارت ”سگا“ موري جي سينيئر ۽ بزرگ ساٿي عظيم سنڌيءَ ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص وزير فرھاد سولنگي (سابق جنرل سيڪريٽري سگا) ۽ نثار احمد ميمڻ (سابق جنرل سيڪريٽري ”سگا“ مورو شاخ) ھئا. ساڻن گڏ موري شاخ جي صدر اسلم عباسي کي پڻ اسٽيج تي معزز مھمانن سان گڏ ويھاريو ويو.
ھن تقريب جي ڪاروائي ”سگا“ موري شاخ جي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري اديب ۽ محقق پروفيسر شمشاد احمد سومري ھلائي. پاڻ تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ”سگا“ ساٿين ۽ معزز مھمانن کي ڀليڪار ڪندي مرحوم اسدﷲ کيڙي جي سماجي خدمتن ۽ سندس زندگيءَ تي ڀرپور روشني وڌي.
انھي موقعي تي ٽيليفون رستي ”سگا“ جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، اسد ﷲ کيڙي مرحوم جي سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو تہ 1983ع ڌاري وفاقي سرڪار ”سگا“ مٿان پابندي مڙھي تہ ڪو بہ سرڪاري ملازم ”سگا“ جو ميمبر نہ رھندو جنھن بعد اسدﷲ کيڙي ڏکين حالتن ۾ ”سگا“ سان ساٿ نڀايو، پاڻ چيئرمين بڻيو ۽ ”سگا“ جي سماجي سفر کي اڳتي وڌايو ۽ پنھنجي دؤر 1984ع ۽ 1985ع ڌاري ڪراچي ۽ سيوھڻ ۾ ڪامياب ڪنوينشن پڻ منعقد ڪرايا، ﷲ پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.
صدارتي تقرير ڪندي عظيم سنڌيءَ چيو تہ اسدﷲ کيڙي جو تعلق ھن علائقي جي اھم خاندان سان ھو. پاڻ ھڪ سخي مرد ھو، ھن جا ڪيترائي سماجي ڪم آھن، جيڪي ساراھہ جوڳا آھن. پاڻ دوستن جو دوست، يارن جو يار ۽ ھڪ سنڌ دوست انسان ھو. ”سگا“ موري شاخ جي سماجي سفر تي تفصيلي روشني وجهندي عظيم سنڌيءَ چيو تہ 1983ع ڌاري مورو ڪنوينشن بعد ”سگا“ تي بندش پئي ۽ اسدﷲ کيڙو ”سگا“ جو چيئرمين ٿيو ۽ سيڪريٽري جنرل محمد صديق ڪاڪا ھن سان گڏ ھو. هن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا ۽ ميڊيڪل ڪيمپون لڳرايون.
ان بعد ”سگا“ موري جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري وزير فرھاد سولنگيءَ مرحوم جي زندگيءَ تي روشني وجهندي چيو تہ سنڌ جي مخلص ماڻھو ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ شخصيت اسدﷲ کيڙي جي زندگيءَ تي ۽ سندس سماجي خدمتن جي عيوض ڀيٽا ڏيڻ تي ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس ھجي. ھي تمام سٺي روايت آھي. ھن چيو تہ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڄام ساقي، قاضي فيض محمد ۽ اسد ﷲ کيڙي جھڙا ڪردار ۽ رول ماڊل انسان تاريخ ۾ ھميشه زندھہ رھندا.
ان بعد ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا جو پيغام تقريب ۾ پڙھي ٻڌايو ويو، ھن پيغام رستي ”سگا“ موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ۽ سندس ساٿين کي جس ڏيندي چيو تہ اسدﷲ کيڙي اڳوڻي چيئرمين ”سگا“ سنڌ کي ياد ڪري اوھان ھڪ بھترين عمل ڪيو آھي. ھن چيو تہ اسد ﷲ کيڙي ماشل لا جي وقت ۾ ”سگا“ کي جياريو، پاڻ روزگار ڏيارڻ واري شعبي”سگا بيورو آف ايمپلائيمينٽ“ جون 1978ع ڌاري ذمينواريون نڀايون. 1984ع کان 1985ع تائين ”سگا“ چيئرمين پڻ رھيو ۽ سندس سماجي خدمتن عيوض کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ گولڊ ميڊل ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. ان بعد ”سگا“ ساٿي نثار احمد ميمڻ، کيڙي صاحب جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ ڪيتريون ئي ساروڻيون ساريندي ٻڌايو تہ اسدﷲ کيڙو سماج سڌارڪ شخصيت ھئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي ريتن رسمن رواداريءَ جو پڻ امين ھو، تڏي جو مڙس ماڻھو ۽ مھمان نواز سخي مرد ھو. ھن چيو تہ جڏھن مان موري شاخ جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيو ھئس تہ سڀ کان اول پھرين مفت ميڊيڪل ڪئمپ اسدﷲ کيڙي جي اباڻي ڳوٺ ”ملڪ“ ۾ لڳرائي ھئي، جنھن ۾ ھن ڀرپور تعاون ڪيو ھو. پاڻ ھڪ زندھہ دل انسان ھو.
”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ سندس شخصيت تي ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ جي سٿ ۾ تعلقي موري جا ڪيترائي اڻ ڳڻيا سماج جو درد رکندڙ رھيا آھن، جن مرڪزي باڊي ۾ شامل رھي سڄي سنڌ جي خدمت ڪئي آھي. ان بانيڪار لسٽ ۾ سائين بخش عباسي، ولي محمد روشن، پروفيسر مظھر الدين ميمڻ، عبدالرحمان سيال، مشتاق احمد قاضي، امداد مورائي، اسد ﷲ کيڙو ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن. اسد ﷲ کيڙي 13 آگسٽ 2016ع ڌاري وفات ڪئي اڄ سندس پنجين ورسي آھي. ”سگا“ موري شاخ کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ھي اڄوڪو پروگرام منعقد ڪيو آھي.
پروفيسر شمشاد احمد سومري ڪاروائي ھلائڻ دوران اسد ﷲ کيڙي جي چيئرمين رھڻ دوران ”سگا“ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل محمد صديق ڪاڪا جو پھتل تاثراتي پيغام پڻ تقريب ۾ پڙھي ٻڌايو. جنھن ۾ ھن چيو تہ اسدﷲ کيڙي سان گڏجي مون سڄي سنڌ جي ”سگا“ ساٿين ۽ دوستن سان رابطا ڪيا. مرحوم ھڪ سماج سڌارڪ شخصيت ۽ سنڌ دوست انسان ۽ محبتي ماڻھو ھو ھن سندن ڪيترائي گُڻ بيان ڪيا.
ان سان گڏوگڏ ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري پڻ کيڙي صاحب جي شخصيت تي ڳالھايو ۽ چيو تہ اھو سندس ڪردار آھي جو، ھر ”سگا“ جو ساٿي کيس مڃتا ڏئي رھيو آھي. نوجوان اديب ۽ ”سگا“ ساٿي خادم بالادي پڻ کيس ڀيٽا ڏني. نوجوان اديب ”سگا“ ساٿي خالد ساحل ڪيريي چيو تہ اسدﷲ کيڙي جي زندگيءَ بابت اسان نوجوانن کي ھڪ اھم ڄاڻ ملي آھي، ”سگا“ موري شاخ جي دوستن کي جس ھجي جن اڄ کيڙي صاحب کي بھترين خراج تحسين پيش ڪيو آھي. ھن موقعي تي ”سگا“ مرڪز جي وائيس چيئرمين پيرل خان کوسي پڻ شاخ موري جي ساٿي پروفيسر شمشاد احمد سومري ۽ ”سگا“ ساٿين کي جس ڏنو.
ھن تقريب ۾ ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين، اديبن شاعرن، ليکڪن، سماج سڌارڪن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پروگرام جي آخر ۾ ميڊيا ڪوريج ڪندڙ نوجوان صحافي سنڌي الطاف سومري جا ”سگا“ موري پاران پڻ ٿورا مڃيا ويا.

حضرت شاھہ عبدالطيف ڀٽائي جي ياد ۾ مذاڪرو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان، 20 سيپٽمبر 2021ع بروز سومر، شام 5 وڳي، ’شھيد بينظير ڀٽو چلڊرين پارڪ‘ موري ۾، حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جي ياد ۾ ھڪ مذاڪرو ٿي گذريو، جنھن جي صدارت ”سگا“ جي مرڪزي ميمبر سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي، پروفيسر بخش علي چانڊيو ڪئي، جڏھن تہ ڀٽائي جا پارکو محترم عبدالقادر کوسو، محترم سيد ياسين علي شاھہ، محترم اسد سولنگي ۽ محترم ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ۽ اسلم عباسي جن مھمان ھئا.
پروگرام جي ڪاروائي، ”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ھلائي ۽ آيل مھمانن کي ڀليڪار ڪندي ڳالھائيندي چيو تہ ڀٽائيءَ جي شاعري کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آھي، پاڻ ھڪ وطن دوست صوفي بزرگ شاعر ھئڻ سان گڏوگڏ انساني ۽ اخلاقي درس ڏيندڙ دنيا جو عظيم فلاسافر ۽ شاعر آھي.
ان بعد ڀٽائيءَ جي پارکو محترم سيد ياسين علي شاھہ کي سڏايو ويو جنھن ”سرکاھوڙيءَ“ تي ڀرپور ڳالھايو. ھن چيو تہ سر کاھوڙيءَ ۾ انھن جفاڪش ۽ سخت جان ڪردارن جو ذڪر آھي جيڪي سخت محنت ۽ پورھئي جي حوالي سان سختيون سھن ٿا ۽ اعليٰ مقصد حاصل ڪن ٿا. ڀٽائي انھن کي ھينئن ڳايو آھي.
* کاھوڙين خفي کان سوجهي لڌو سبحان.
* مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.
* گنجو ڏونگر گام، پيھي جن پروڙيو.
* جت نہ پکيءَ پير، تت ٽِمڪي باھڙي.
ٻئو ٻاريندو ڪير، کاھوڙڪيءَ کير ري.
ھن سر کاھوڙيءَ مان ڪيترائي شعر ٻڌايا ۽ انھن جي تشريح سان گڏوگڏ ڀٽائيءَ جي ان سر جي فلسفي ۽ فڪر تي روشني پڻ وڌي.
جنھن بعد ’سُر سامونڊيءَ‘ تي نوجوان محقق، اديب، ”اسد سولنگيءَ“ تفصيلي روشني وجهندي ٻڌايو تہ سر سامونڊي کي ٻن رخن، ھڪ تاريخي ۽ ٻيو سماجي لحاظ کان ڏٺو وڃي ٿو، ھن ۾ سمنڊ ذريعي سنڌ جي واپار ۽ پرڏيھه ويندڙ ناکئن جو ذڪر آھي تہ ان سان گڏوگڏ سمنڊ ذريعي ٻاھر ويندڙ وڻجارن جي ساريندڙن سڪ ۽ پيارين گهروارين جي ڳڻتي ۽ اوسيئڙو پڻ آھي.
* لڳي اُتر ھِير، سامونڊي سڙھہ سنباھيا.
* سڙھہ ٿي سبيائون، بندر جن تڙن تي.
* سي ئي جوڀن ڏينھن، جڏھن سڄڻ سفر ھليا.
محترم اسد ﷲ سولنگيءَ سر سامونڊيءَ جا ڪيترائي بيت ۽ انھن جي معنيٰ ۽ انھن ۾ سمايل فڪر پڻ سمجهائي محفل مان خوب داد حاصل ڪيو.
جنھن بعد ڀٽائيءَ جي ”سر سسئي“ تي استاد محترم عبدالقادر کوسي بھترين روشني وڌي. ھن چيو تہ ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ ستن سورمين جو داستان آھي. جنھن ۾ سسئيءَ بابت پڻ پنج سر شامل آھن. سسئي جدوجھد جي علامت آھي ھن سُر ۾ سسئي جي ڏکن ڏولاون جو ذڪر آھي، جنھن پنھونءَ کي پسڻ لاءِ جبل جا پنڌ ڪيا. ڀٽائي فرمائي ٿو تہ:
* ڏاگهن ڏيرن ڏونگرن، ٽنھي ڏنم ڏک.
* اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿئي.
* ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪھڙا پرين.
* چڙھي جبل چوٽ تي، آئون پيرين پنڌ ڪندياس.
سسئيءَ جي حوالي سان ڪوھياري، معذوري، حسيني، آبري جو فلسفو بيتن ذريعي سمجهايو ۽ چيو تہ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو فڪر ۽ فلسفو جدوجھد، سچائي، انسانيت جو درس، وطن سان محبت، حب الوطنيءَ سان سرشار آهي. ڀٽائي سرڪار جي ڪلام کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ گهرجي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي ساٿين کي جس ھجي جن اڄوڪو ڀرپور مذاڪرو ڪوٺايو آھي. ان بعد ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي ڳالھائيندي چيو تہ ڀٽائي اسان جو رھبر آھي، پاڻ دنيا جو عظيم شاعر آھي. اسان کي گهرجي تہ سندس ڪلام کي پڙهون ۽ پرکيون.
جنھن بعد سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي صدر اسلم عباسيءَ چيو تہ ماضيءَ ۾ ”سگا“ سڄيءَ سنڌ ۾ ڀٽائيءَ بابت ڪانفرنسون ۽ ميڙاڪا ڪوٺائيندي رھي آھي. ھن عرس جي موقعي تي ”سگا“ موري طرفان اڄوڪو ھي پروگرام ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ اسان عقيدت ۽ محبت جو اظھار ڪندي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ماڻھن تائين پھچائڻ جي ھڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي.
صدارتي تقرير ڪندي پروفيسر بخش علي چانڊيي، ”سگا“ موري شاخ کي جس ڏيندي چيو تہ ھنن جي ھيءَ ڪوشش نوجوانن کي ڀٽائيءَ کي سمجهڻ ۾ ضرور مددگار ثابت ٿيندي. ھن چيو تہ ”سگا“ جي روشن تارا اسڪولن ۾ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بابت لطيفيات ڪورس ۾ شامل آھي. ھن سنڌ جي ماڻھن ۽ نوجوانن کي خصوصي طور مخاطب ٿيندي چيو تہ ڀٽائيءَ جي شاعري، فڪر ۽ فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آھي، ڀٽائي اسان جو رھبر ۽ رھنما آھي.
ھي شاندار تقريب شام 5 وڳي کان 7 وڳي تائين جاري رھي جنھن ۾ ”سگا“ ساٿين ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، نظر حسين ميمڻ، مخدوم اظھار، پروفيسر افتخار احمد ٻگهيو، جاويد ملاح، ائڊووڪيٽ امداد سولنگي، قاضي شفيع محمد، رائو اسلم، سان گڏوگڏ اديبن شاعرن بھاول خان لغاري، الھه بچايو لغاري، سڪندر ڪورائي، اظفر سعيد ميمڻ کان علاوہ موري شھر جي علمي ادبي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن، عالمن، اديبن، استادن، شاگردن ۽ اسڪائوٽ گروپ جي ساٿين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.



”سگا“ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ۽ تعليمي ماھر پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي ياد ۾ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران ’استادن جي عالمي ڏينھن‘ جي موقعي تي ”سگا“ جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل، سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماھر پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي 20ھين ورسي تقريب، 5 آڪٽوبر 2021ع، اڱاري ڏينھن شام جو ”سگا“ آفيس موري ۾ ملھائي وئي. تقريب کان پھريائين ”سگا“ موري جي عھديدارن ۽ ساٿين سندس آخري آرامگاھہ (واقع خليفي صاحب قبرستان دادو روڊ مورو) ۾ مزار تي پھچي حاضري ڀري گلن جي ورکا ڪئي ۽ قل پڙھي سندس مغفرت واسطي دعا گهري.
تقريب جي صدارت نامياري اديب، ليکڪ شاعر ۽ ”سگا“ جي جهوني ساٿي عظيم سنڌي ڪئي، جڏھن تہ مھمان خاص خدا آباد کان ڪھي آيل ”سگا“ ساٿي محمد ابراھيم ڀنڊ ھو. اعزازي مھمانن ۾ شاعر، اديب محترم رکيل مورائي ۽ محترم استاد الھه بچايو لغاري شامل ھئا.
پروفيسر شمشاد احمد سومري (جنرل سيڪريٽري ”سگا“ مورو) ڪاروائي ھلائيندي سڀ کان اول آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي زندگيءَ تي تحقيقي مقالو پيش ڪيو. ان بعد وزير فرھاد سولنگيءَ محترم مظھرالدين ميمڻ کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ آخر ۾ ھن مسرور پنائيءَ جو خوبصورت گيت ترنم سان ٻڌايو.
”سگا“ ساٿي حاجي نثار احمد ميمڻ، محترم مظھر الدين ميمڻ متعلق ڳالھائيندي چيو تہ 1983ع ۾ ”سگا“ مورو ڪنوينشن بعد وفاقي سرڪاري ملازمن تي بندش وڌي، مان موري شاخ ۾ سرگرم رھيس، مون ساڻس ڪراچيءَ ۾ سندس گهر تي ملاقات ڪئي. ھن ”سگا“ جي سماجي ڪمن ڪارين صحت، تعليم، ثقافت جي شعبن کي بھتر ھلائڻ لاءِ منھنجي رھنمائي ڪئي. سندس وڏيون سماجي ۽ تعليمي خدمتون آھن. پاڻ خوشنصيب آھي جو کيس آخري سفر ۾ پنھنجي اباڻي شھر جي قبرستان جي مٽي نصيب ٿي.
مانائتي اديب ۽ شاعر، سيد مختيار علي شاھہ پڻ مظھر صاحب جي ڪيل سماجي خدمتن تي کين خراج تحسين پيش ڪيو ان بعد ڪراچيءَ کان ڪھي آيل نامياري اديب ليکڪ ۽ شاعر رکيل مورائيءَ ”سگا“ جي 50 سالہ تاريخ تي روشني وجهندي چيو تہ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ شمشير الحيدري سنڌ جا تمام وڏا ذھين ۽ قابل انسان رھيا آھن، جن سنڌي سماج اندر سگا، ڳوٺ سڌار سنگت جھڙا ادارا ٺاھيا ۽ ٻيا خير جا انيڪ ڪم ڪيا آھن جن جي اڄ جي نواجوان کي خبر ناھي. ھن چيو تہ سنڌ کي ايماندار، مخلص، سچن، قومي ڪارڪنن، سماجي ورڪرن، باڪردار اديبن، ليکڪن ۽ سماج سڌارڪن جي سخت ضرورت آھي جن جي قول فعل ۾ ڪو بہ تضاد نہ ھجي. مظھر الدين ميمڻ ھڪ سچو، مخلص ”سگا“ جو ساٿي، سنڌ دوست ۽ انسان دوست ٿي رھيو. ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس ھجي جن کيس اڄ ياد ڪيو آھي.
”سگا“ موري شاخ جي صدر اسلم عباسي چيو تہ موري سدائين تحريڪن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آھي، ون يونٽ جي خلاف ھلندڙ تحريڪ ۾ مظھر الدين ميمڻ شاگرد سياست ۾ پير پاتو ۽ سرگرم ڪارڪن ٿي رھيو، ان بعد ھن ڪراچيءَ ۾ 1972ع ڌاري ”سگا“ جي سرواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي سٿ ۾ شامل ٿي ”سگا“ جي ڪمن ڪارين ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ ٿي گذريو. پاڻ ”سگا“ جو سچو، مخلص، ھمدرد، ھڏڏوکي ۽ عملي سماجي ورڪر ٿي رھيو. ھن پنھنجي زندگيءَ ۾ وقت جو صحيح استعمال ڪيو، ٽائيم جو پابند، صبح جو سوير پنھنجي ڊيوٽي، واپسيءَ ۾ 2 بجي کان پوءِ ”سگا“ رمپا پلازه، اچي ”سگا“ شاخن سان خط و ڪتابت، مخير حضرات ڊونرس سان رابطا، سنڌ سيڪريٽريٽ جا پنڌ، ڀٽائي جا ڏھاڙا، سنڌي ڪٽنبن جون گڏجاڻيون، برانچن جا دورا، آڊٽ اڪائونٽس جا معاملا، روشن تارا اسڪولن جو ڪورس ٺاھڻ، وسيلا پيدا ڪرڻ، پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪارڪنن ۾ جذبو پيدا ڪرڻ، نياڻين جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، رات جو 8 بجي تائين ”سگا“ آفيس ۾ ويھي پنھنجي عھدي جو فرض ادا ڪرڻ. کيس ”سگا“ جي سماجي ڪمن ڪارين صحت، تعليم، ثقافت، غريب، مسڪين، مريضن جو خيال، شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيارڻ جو ھردم اونو ۽ فڪر رھندو ھو. نہ ڪنھن کي معيار، نہ گلا نہ شڪوہ، ھڪ ھڪ پئسي پائي جو حساب ڪتاب رکڻ، ”سگا“ جي پئسي ڏوڪڙ کي امانت سمجهڻ، مطلب تہ ھڪ عملي ۽ باڪردار انسان ۽ ”سگا“ ساٿي رھيو. ”سگا“ ۾ ھڪ ٻيو مخلص ورڪر مرحوم نظير احمد ڀنڊ پڻ ڪمال جو انسان ھو، سچ پچ تہ مظھرالدين ميمڻ ۽ نظير احمد ڀنڊ ھڪ رول ماڊل ”سگا“ جا ساٿي رھيا آھن، ورلڊ بئنڪ جي پراجيڪٽ نياڻين جي تعليم واسطي ھلندڙ اسڪولن ۾ سندن اھم ڪردار رھيو. بس ڀٽائي جي سٽن جيان تہ:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھہ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.“
يا وري سچل جي ھن شعر جيان:
”جو دم غافل، سو دم ڪافر“.
تقريب جي اعزازي مھمان محترم استاد الھه بچائي لغاريءَ ڳالھائيندي چيو تہ مظھر الدين جا ڀائر عبدالمجيد ميمڻ، ۽ فقير الھرکيو ميمڻ منھنجا دوست ھئا ۽ ساڻس پڻ منھنجي عليڪ سليڪ ھئي. پوءِ جڏھن نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول کوليا ويا تہ منھنجي ڳوٺ لغاري بجراڻيءَ ۾ پڻ ھڪ اسڪول کليو. مظھرالدين ميمڻ ھڪ بھترين انسان ۽ سماج سڌارڪ ٿي گذريو آھي.
”سگا“ شاخ خدا آباد کان ڪھي آيل ساٿي محمد ابراھيم ڀنڊ، ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کي جس ڏيندي چيو تہ ھي پروگرام منعقد ڪري اوھان ھڪ بھترين ”سگا“ جي جاکوڙي ورڪر، سماج سڌارڪ مانواري مظھرالدين ميمڻ جي سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آھي، اھو ھڪ بھترين عمل آھي. ھن مظھر الدين جي حوالي سان ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌائيندي چيو تہ سندس دؤر ۾ ”سگا“ طرفان جمع ڪلينڪ شروع ڪيون ويون ۽ پوءِ وري ٽي.اي.او جي مدد سان ’ماءُ ٻار صحت سينٽر‘ قائم ڪيا ويا. ماضيءَ ۾ سگا، سنڌ جي سماجي کيتر ۾ تمام وڏو ڪم ڪيو آھي.
ھن وڌيڪ چيو تہ ”سگا“ جي سٿ ۾ ايماندار، مخلص، سچن سماجي ورڪرن مظھرالدين ميمڻ ۽ نظير احمد ڀنڊ جھڙن ڪردارن جي ھن وقت سخت ضرورت آھي. ھنن ماڻھن سڄي ڄمار ھڙان وڙان پئسو خرچ ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ ”سگا“ جي سجاڳيءَ جو سڏ ڏنو. ھن وقت پڻ ”سگا“ کي اھڙن بي لوث ڪردارن ۽ پنھنجي مدد پاڻ تحت سماجي ڪم ڪندڙ ورڪرن جي ضرورت آھي. ھن چيو تہ سماجي ڪارڪن ٿيڻ لاءِ مظھرالدين ميمڻ تي لکيل ڪتاب ”جنھن دل پيتا عشق دا جام“ پڙھڻ گهرجي، جيڪو ھڪ علمي خزانو آھي.
صدارتي تقرير ڪندي نامياري اديب، شاعر، ليکڪ ۽ ”سگا“ جي سينيئر ساٿي محترم عظيم سنڌيءَ چيو تہ ”سگا“ موري جي دوستن اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري اسان کي ھڪ جاءِ تي ويھڻ جو موقعو ڏنو آھي. پروفيسر مظھرالدين ميمڻ ”سگا“ جو ھڪ بھترين منتظم ھو. ھتي جيتريون بہ اڄ ڳالھيون ٿيو ن آھن اھي تمام اھم ۽ ڪارائتيون آھن. ھن چيو تہ ”سگا“ ھڪ معتبر، عزت وارو ادارو آھي. ان جي ورڪرن ۽ عھديدارن کي معاشري ۾ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ سندس ماضي تمام شاندار رھيو آھي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ پاڻ سڀني کي ھڪ مخلص سچي خدمتگذار ٿيڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ”سگا“ جي صفن ۾ نوجوان، باصلاحيت، ايماندار، مخلص ذھين ۽ قابل ماڻھن کي اڳيان آڻڻو پوندو. ھن وڌيڪ چيو تہ مظھر الدين ميمڻ ھڪ مڪمل پروفيشنل سماج سڌارڪ ھو، جيئن مرحوم خان محمد پنھور پنھنجي زندگيءَ کي بامقصد بڻايو. عظيم سنڌيءَ چيو تہ مون کي ھڪ دفعي شمشير الحيدريءَ ڪچھريءَ دوران ٻڌايو تہ ”سگا“ جوڙڻ وقت اسان جو ھڪ وڏو خواب ھو، تہ سنڌ جي غريب، مسڪين ماڻھن جي اولاد کي اڳتي آڻجي. سنڌي ٻوليءَ ادب جي واڌاري لاءِ ڪم ڪجي، ٻھراڙين کي شھرن جيان ترقي وٺرائجي، ڳوٺن سڌارڻ لاءِ تحريڪ ھلائجي ۽ ھڪ وڏو سماجي انقلاب ”سگا“ ذريعي آڻجي ۽ اھي ساڳيا جذبا ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ باني ”سگا“ جا پڻ رھيا آھن. انھيءَ سچي مخلصي وارن ڪمن لاءِ مظھرالدين ميمڻ ۽ نظير احمد ڀنڊ جھڙن باڪردار، ايماندار ”سگا“ ساٿين جي ضرورت آھي، ھن چيو تہ موري جي ماڻھن جن ۾ سائين بخش عباسي، ولي محمد روشن، عبدالرحمان سيال، قاضي مشتاق احمد، مظھر الدين ميمڻ، امداد مورائي، قمر مورائي ۽ ٻيا کوڙ نالا اچي وڃن ٿا جن ”سگا“ ساٿ ۾ شامل ٿي سماجي خدمتون ڪيون آھن، انھن سڀني جو اھم ڪردار آھي. ”سگا“ موري شاخ کي جس ھجي جن اڄوڪو پروگرام منعقد ڪري ”سگا“ جي ھڪ کاھوڙي ۽ جاکوڙي ڪردار کي نوجوانن سان روشناس ڪرايو آھي. اھڙي طرح ھي پروگرام دير تائين جاري رھيو. ھن پروگرام ۾ ”سگا“ ساٿين، سماجي ورڪرن، استادن، سماج سڌارڪن، صحافين ۽ معزز شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

”ذھني صحت جو عالمي ڏينھن“ تي ”سگا“ موري پاران ليڪچر پروگرام:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ پاران 13 آڪٽوبر 2021ع اربع جي ڏينھن، ”سگا“ آفيس موري ۾ ذھني صحت جو عالمي ڏينھن ملھايو ويو. ھن موقعي تي عام ماڻھن ۾ ذھني صحت جي ڄاڻ ڏيڻ بابت ھڪ ليڪچر ڪرايو ويو. جنھن جي صدارت پروفيسر محمد خان ڏاھري ڪئي جڏھن تہ پروفيسر محمد سليمان سيال، نوجوان تعليمي ماھر سيد محسن علي شاھہ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ڪاروائي هلائي ۽ تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت استاد محمد اسلم رائو حاصل ڪئي. ان بعد پروفيسر شمشاد سومري، ليڪچرڪار ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو جو تعارف ڪرائيندي چيو تہ پاڻ ھڪ سماج سڌارڪ ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آھي، سندس سماجي تبديليءَ ۾ اھم ڪردار آھي. پاڻ ھن وقت صحت کاتي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھي ٿو. ڊاڪٽر صاحب ھن وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ جو نائب صدر ۽ ھيلٿ ڪاميٽي جو چيئرمين آھي.
“Mental Heath” جي موضوع تي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي ليڪچر ڏيندي چيو تہ پوري دنيا ۾ ھي اھم مسئلو آھي. معاشري ۾ بُرايون وڌي رھيون آھن، اوھان جي صحت اوھان جي دولت آھي. اسان اڪثر سمجهندا آھيون تہ دولت ئي سڀ ڪجهہ آھي. ھر ماڻھو صحت ھوندي پاڻ کي غريب تصور ڪري ٿو، جسم جا عضوا اک، ڪن، نڪ، دل، دماغ، جيرو، گڙدو، جنھن جو سلامت آھي ان جھڙو ڪو بہ امير ناھي، ڪو بہ ماڻھو پنھنجي ذھني صلاحيتن تي ڀروسو ڪري ٿو تہ اھا ئي ھن جي ذھني صحت آھي.
جڏھن اسان معاشري کان لاتعلق بڻجي وڃون ٿا تہ اھائي ذھني بيماري آھي. ڪيفيت ۾ تبديلي، غمگين ٿي وڃڻ، دماغ مٿان دٻاءُ، اجايون ڳالھيون سوچڻ، ڪاوڙ، غصو، چڙ، دماغي صحت ناھي.
رويو (Attitude) ۽ Behaviour ڪھڙو آھي، مسئلو پيش اچي ٿو ان کي ڪيئن منھن ڏجي؟ اھا جيڪي اوھان جي تربيت ھوندي صبر، برداشت، سَھپ، بُردباري جو مظاھرو ڪري مسئلي جي حل طرف وڃجي.
ڪاوڙ، غصي، شڪ ڪرڻ، گاريون، گلا، غيبت سان رشتا ۽ دوست وڃائي ويھي رھجن ٿا. نتيجي طور انسان اڪيلو ٿي وڃي ٿو ۽ ويڳاڻپ ۽ Depression جو شڪار ٿئي ٿو. فزيڪل ڊولپمينٽ، مينٽل ڊولپمينٽ، سائيڪالاجيڪل اثر، جيڪي بہ اوھان جي دماغ تي ناڪاري اثر پون ٿا ان جا نتيجا اھڙا ملندا.
ھن چيو تہ انھن اثرات سان پنھنجي علاج واسطي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ گهرجي، جڏھن تہ ڪيترائي ماڻھو علاج ڪرائڻ بدران شرمندگي محسوس ڪندا آھن. ڪاوڙ، جذباتي Anxiety ۾ مبتلا ٿي وڃڻ بعد ٻئي کي غلط سمجهڻ، نشي آور شيون واپرائڻ، ننڊ جو نہ اچڻ، جھڙن سببن ڪري اھي ذھني بيماري ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. ھر ماڻھوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪي اھم واقعا پيش اچن ٿا جنھن جي ڪري اھي ذھني بيماري جا سبب بڻجن ٿا. ان ڪري ھو پنھنجو پاڻ کي بيمار سمجهي ٿو ۽ اڪثر خودڪشيون، قتل ۽ ڏوھہ پڻ ٿين ٿا. ھن چيو تہ ذھني بيمار ھجڻ جا ڪيترائي سبب آھن. بايولاجيڪل فيڪٽرس، ايئر پاليوشن، واٽر پاليوشن، جينيٽڪلي وغيرہ.
ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي وڌيڪ ليڪچر دوران ٻڌايو تہ سماجي فيڪٽر پڻ متاثر ڪن ٿا.
Stress سبب ذھني ڪيفيت بھتر نہ ٿي رھي. نوڪريءَ دوران ڪم جو وڌيڪ ھجڻ، معاشي مسئلا، سماجي مسئلا جيڪي درپيش اچن ٿا ۽ رويا اھي پڻ ذھن تي اثرات ڇڏين ٿا.
اڪثر ذھني بيمارين جا مريض، نفسياتي ماھر ڊاڪٽرن ڏانھن رجوع ڪندا آھن. سائيڪاٽرسٽ، مريض کي دوائون ڏيندا آھن، جڏھن تہ ڪلينڪل سائيڪالاجي، ڊائلاگ ذريعي دوائن جو استعمال نہ ٿيندو آھي.
ھن ٻڌايو تہ سٺي ذھني صحت (Best Mental Health) ھجڻ لاءِ خوشي، اعتدال پسندي، فطرتي نظارا ڏسڻ، ميڊيڪل فٽنيس، کاڌ خوراڪ، فروٽ، گوشت، ڀاڄيون، کير، دھيءَ جو استعمال ڪرڻ ضروري آھي. پنھنجي گهر وارن، فيملي فردن، دوستن، پاڙيوارن سان رويو سٺو ھئڻ گهرجي، انساني اخلاقي قدرن جي سڃاڻپ، ھمدردي ڪرڻ گهرجي. جنھن ذريعي اسان پنھنجي ذھني صحت بھتر ڪري سگهون ٿا.
ليڪچر کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کان ويٺل سامعين ليڪچر متعلق سوال پڻ ڪيا، جن جا ھن جواب ڏنا.
ليڪچر کان پوءِ ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ ڳالھائيندي آيل معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ عالمي صحت اداري جي رپورٽ مطابق نوانوي سيڪڙو ماڻھو ذھني صحت ۾ مبتلا آھن ان ڪري اسان کي پنھنجن روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي.
سيد محسن علي شاھہ ھن موقعي تي ڳالھائيندي چيو تہ معاشري ۾ ھڪ وڏو بگاڙ ۽ ناڪاري سوچ پيدا ٿي آھي. ڪير ڪنھن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. سٺن ۽ نيڪ ڪم ڪندڙ عمل کي سٺو قرار ڏيون. ھن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي ساٿين کي جس ڏيندي چيو تہ ھي اڄوڪو اھم ۽ ڪارائتو ليڪچر پروگرام آھي. ھن ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو جي قابليت جي پڻ ساراھہ ڪئي ۽ کيس آفر ڪئي تہ ھن اھم موضوع تي ليڪچر سلسلو وڌايو وڃي ۽ اسان جو اوھان سان مڪمل سھڪار رھندو. پروفيسر محمد سليمان سيال چيو تہ اڄوڪو ليڪچر تمام اھم ۽ ڪارائتو آھي جيڪو ھر اسڪول، ڪاليج جي شاگردن ۽ عام ماڻھن تائين پھچائڻ گهرجي.
آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي پروفيسر محمد خان ڏاھريءَ چيو تہ ھن اھم موضوع بابت ڄاڻ واري پروگرام منعقد ڪرڻ تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي ساٿين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن اھڙو وقتائتو ليڪچر ڪرايو آھي. اھم موضوع بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ واري ليڪچر پروگرام ۾ ”سگا“ جي ساٿين، استادن، شاگردن، سماجي ڪارڪنن، ليکڪن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

نامياري ليکڪ اديب، محقق ۽ ”سگا“ ساٿي پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي پھرين ورسي:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان، 19 ڊسمبر 2021ع، آچر ڏينھن ”سگا“ آفيس مورو ۾ نامياري اديب، ليکڪ، محقق ۽ ”سگا“ شاخ ڪراچيءَ جي اڳوڻي صدر پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي پھرين ورسي ملھائي وئي. پروگرام جي صدارت مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي پرنسپال پروفيسر محمد يوسف شيخ ڪئي جڏھن تہ مھمان خاص ”سگا“ ڦل شاخ جو صدر محمد خالد ميمڻ ۽ اعزازي مھمان نوجوان اديب ۽ ليکڪ خادم بالادي ھئا، جڏھن تہ ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي کي پڻ معزز مھمانن سان گڏ اسٽيج تي ويھاريو ويو.
ورسي تقريب جي ڪاروائي ”سگا“ مورو جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ھلائيندي، آيل مھمانن جي آجيان ڪئي ۽ ”سگا“ ساٿي پروفيسر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي زندگيءَ ۽ سندس علمي، ادبي، تحقيقي خدمتن تي روشني وڌي.
صدارتي تقرير ڪندي پروفيسر محمد يوسف شيخ چيو تہ ”سگا“ شاخ موري جي ساٿين کي جس ھجي جن اڄوڪي ورسي تقريب جو پروگرام منعقد ڪيو آھي. ھن چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي عمر 48 سال ھئي پر ھن 52 ڪتاب لکيا ۽ اڃان ڪجهہ سندس علمي تحقيق اڻ ڇپيل مواد تي پڻ مبني آھي، جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آھي. ھن چيو تہ ھو ھڪ اسڪالر ۽ محقق ھو، يعني حقيقت پيش ڪندڙ ھو. ھن تاريخ جي ڄاڻ سان گڏوگڏ لوڪ ادب لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪيو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ سنڌي لوڪ ادب تي تحقيق ۽ خدمت ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو اھم ڪردار رھيو آھي.
مھمان خاص طور ”سگا“ ڦل شاخ جي صدر محمد خالد ميمڻ، ڊاڪٽر صاحب جي زندگيءَ تي ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ ۾رھندي اسان جي ڊاڪٽر سان گهري ۽ گهڻي ملاقات نہ ٿي سگهي جنھن جو مون کي ارمان ۽ افسوس آھي. سندس علمي ڪمن جو سڄي سنڌ اعتراف ڪري ٿي. گذريل سال ڊاڪٽر صاحب 16 ڊسمبر کي لوڪ ادب جي ڏھاڙي طور ملھائڻ جو اعلان ڪيو پر افسوس ان ئي ڏينھن سندس وڇوڙو ٿي ويو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ھڪ ڪردار جو نالو آھي. ھن سنڌي ادب جي خدمت ڪئي، ڪيترائي ڪتاب لکيا. ”سگا“ شاخ ڪراچيءَ جو صدر پڻ ھئو ۽ ”سگا“ ڪراچيءَ جي تاريخ تي ھڪ بھترين ڪتاب لکيائين. ھن ”سگا“ موري شاخ جي دوستن اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري کي جس ڏنو جن ڊاڪٽر صاحب جو ھيءُ شاندار پروگرام ڪيو آھي. ھن وڌيڪ چيو تہ ”سگا“ جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڪيترن ئي يونيورسٽين کي سنڌي ٻولي پڙھائڻ لاءِ ڊاڪٽر ڄامڙي صاحب خط پڻ لکيا ۽ ھن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو تہ انھن ادارن کي سنڌي ٻولي پڙھائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.
نوجوان قلمڪار خادم بالاديءَ، ڊاڪٽر صاحب جون ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌايون. ھن چيو تہ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. پاڻ وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ پروفيسر ھو. ھن ڪيترن ئي نوجوانن کي پي ايڇ. ڊي ڪرائي ۽ سندن رھنمائي ڪئي. ڊاڪٽر ڪمال صاحب ھڪ بھترين استاد، عالم، اديب ۽ اسڪالر ھو سندس خال گهڻي وقت تائين ڀرجي نہ سگهندو.
سنڌي ادبي سنگت مورو، جي اڳوڻي ضلعي رابطا سيڪريٽري، اديب ۽ استاد اظفر سعيد ميمڻ پڻ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي خراج تحسين پيش ڪيو. اديب ۽ شاعر سيد حسن شاھہ صوفاڻيءَ چيو تہ ڪراچيءَ ۾ رھڻ دوران ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان لوڪ ادب، سگهڙائپ جي فن ۽ سنڌي ٻوليءَ کي عام ڪرڻ لاءِ ساڻس ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن اسٽوڊيو تي ڪچھريون ٿينديون ھيون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ لوڪ ادب جي خدمت ۾ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو اھم ڪردار آھي. آخر ۾ ”سگا“ موري شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي زندگيءَ تي ڀرپور روشني وڌي ۽ ڊاڪٽر ڄامڙي صاحب جي علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. هن ورسي تقريب ۾ ”سگا“ ساٿين سان گڏوگڏ موري جي علمي ادبي ۽ سماجي شخصيتن سان گڏ صحافين پڻ شرڪت ڪئي.

وزير فرھاد سولنگيءَ جي ميمبر سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي چونڊجي اچڻ تي سندس مان ۾ آجياڻي تقريب:
”سگا“ شاخ موري پاران 31 ڊسمبر 2021ع، جمعي جي ڏينھن، ”سگا“ آفيس ۾ ”سگا“ ساٿي وزير فرھاد سولنگيءَ، جي ”سگا“ جي CEC ميمبر چونڊجڻ تي سندس مان ۾ ھڪ آجياڻي تقريب، ”سگا“ آفيس ۾ منعقد ڪئي وئي، جنھن جي صدارت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سابق سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا ڪئي. جڏھن تہ مھمان خاص برک تعليمي ماھر پروفيسر ادريس جتوئي ۽ پروفيسر بخش علي چانڊيو (سابق ميمبر سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي) جن ھئا. ھن موقعي تي معزز مھمانن کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا ۽ وزير فرھاد سولنگيءَ کي پڻ برانچ جي سڀني ساٿين طرفان گلن جا ھار پاريا ويا. ”سگا“ جي سينيئر ساٿي نظر حسين ميمڻ کيس اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو.
ھن موقعي تي اسلم عباسيءَ سنڌ جي سڀني شاخن جي صدر/ جنرل سيڪريٽري/ ڪائونسل آف ميمبرس جا ٿورا مڃيا جن پنھنجو قيمتي ووٽ ڏئي وزير فرھاد سولنگي کي مرڪز ۾ سي.اي.سي جو ميمبر چونڊيو آھي. ھن چيو تہ وزير فرھاد موري شاخ ۾ جنرل سيڪريٽري جي عھدي تي رھي بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪيو ۽ اميد آھي تہ مرڪز ۾ پڻ پنھنجي صلاحيتن سان بھترين خدمتون سرانجام ڏيندو.
پروفيسر خالد حسين چنا، اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل، ڳالھائيندي چيو تہ موري شاخ جي ساٿين کي جس ڏجي ٿو جن ھي اڄوڪي آجياڻي تقريب جو اھتمام ڪيو آھي ۽ اسان کي محبت پيار ۽ عزت ڏني آھي. سچ پچ ”سگا“ ساٿين وچ ۾ ويھي بيحد خوشي ٿي رھي آھي. ”سگا“ جو نيٽ ورڪ سڄي سنڌ ۾ وڇايل آھي، جتي ”سگا“ شاخون پنھنجي ھڙان وڙان مسڪين، غريب، بي پھچ ماڻھن جي خدمت ڪنديون رھن ٿيون. سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ صبر، برداشت، درگذر ۽ مسلسل جدوجھد ڪرڻ گهرجي.
ڀٽائي سرڪار فرمايو آھي تہ: ”تتي ٿڌي ڪاھہ، ڪانھي ويل ويھڻ جي“، ڀٽائيءَ جي ان فلسفي ۽ فڪر تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي. هيءُ ھڪ عشق ۽ سچائيءَ جو ميدان آھي. اليڪشن ھڪ جهموري عمل آھي. جيڪو تنظيم کي وڌيڪ سگهارو ڪري ٿو. ھر ساٿي رضاڪارنہ خدمتون سرانجام ڏئي ٿو. مون کي اميد آھي تہ سڄي سنڌ جي شاخن جا ”سگا“ ساٿي ھن سال 50 سالا گولڊن جوبلي تقريبات ڀرپور ملھائيندا.
ان بعد مھمان خاص، تعليمي ماھر محمد ادريس جتوئيءَ تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ وزير فرھاد سولنگي ھڪ استاد، آرٽسٽ، فنڪار، راڳي ۽ سياسي ورڪر ھئڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي قدآور سماجي تنظيم ”سگا“ جو مرڪزي ميمبر چونڊيو ويو آھي ۽ ھن ھڪ سماجي خدمتگار بنجڻ لاءِ سماجي ورڪر جو رستو منتخب ڪيو آھي. جيڪو سچ پچ ساراھہ جھڙو ڪم آھي. سنڌ اندر سماجي ڪمن ڪارين جي وڌيڪ ضرورت آھي. سنڌ کي سچن، بي لوث، مخلص ماڻھن، تربيت يافتہ ورڪرن جي سخت ضرورت آھي ۽ اميد آھي تہ وزير فرھاد پنھنجي ذميواري بھترين انداز سان نڀائيندو. ھن چيو تہ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، شمشير الحيدري، خان محمد پنھور جي سوچ ۽ فڪر ذريعي ”سگا“ ۾ سڄاڻ ماڻھو اڳيان آيا جن سڄي سنڌ ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي. ڪافي عرصي بعد پروفيسر خالد حسين چنا جھڙو محنتي، ذھين، قابل، پڙھيل لکيل، انگلش لٽريچر ۾ ايم.فل ڊگري يافتہ نوجوان پنھنجي صلاحيتن سان سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪيو آهي. سماجي ڪمن ڪارين صحت، تعليم، ثقافتي شعبن کي اڳڀرو ڪرڻ سان گڏوگڏ ”سگا“ جي 50 سالا تاريخ کي سانڍي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندو آھي، جنھن جو احساس اڄ نہ پر ايندڙ وقت ۾ محسوس ٿيندو. ادارا ٺھڻ بعد سنڀالڻ ۽ صحيح ماڻھن جي ھٿن ۾ رھڻ سان ئي بھترين ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪري سگهندا آھن.
بعد ۾ پروفيسر بخش علي چانڊئي، ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ ساٿ ۾ شامل رھي ڊاڪٽر سليمان شيخ ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۾ ”سگا“ جي تاريخ تي بھترين ۽ شاندار ڪم ڪرڻ جو مون کي موقعو مليو ۽ شاندار تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب ڇپرايا، جيڪي سڀاڻي آئندہ جي نسل لاءِ رھنما ھوندا. جن ۾ 50 سالن کان ”سگا“ ۾ رھندڙ ڪيترن ئي وڇڙي ويل ۽ گمنام ساٿين جي پڻ تاريخ رقم آھي. ان سان گڏوگڏ ”سگا“ جي جاکوڙي ڪردارن کي پڻ مڃتا ڏني وئي آھي. اميد آھي تہ آيل ساٿي ھن سفر کي اڳتي وٺي ھلندا. ھن وزير فرھاد سولنگي کي مرڪز ۾ چونڊجي اچڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. جنھن بعد وزير فرھاد سولنگيءَ ”سگا“ ساٿين جا ٿورا مڃيا. ھن چيو تہ زندگيءَ جي مختلف سياسي سماجي، ثقافتي، آرٽ ۽ ٻين شعبن ۾ پڻ رھندو آيو آھيان، مختلف مرحلن ۽ تجربن مان گذري اھا ڳالھ اڃان وڌيڪ سمجهہ ۾ آئي آھي. تہ سڀ کان وڏو ڪم انسانيت جي خدمت ڪرڻ آھي. ان ڪري ”سگا“ شاخ موري ۾ ساٿين سان گڏجي سرگرمين ۾ حصو ورتو. اوھان سڀني سڄڻن جا ٿورا جن مون کي پيار محبت ۽ عزت بخشي آھي. انشاءَﷲ پنھنجي ڀرپور صلاحيتن سان ”سگا“ سٿ ۾ رھي سرگرم عمل رھندس.
ان بعد خالد ساحل ڪيرئي، مخدوم اظھار، حفيظ الرحمان شيخ، سائين بھاول لغاري، فقير الھه بچائي لغاري، خادم بالادي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، پروفيسر افتخار ٻگهيو، سڪندر ڪورائي، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاھري، جاويد ڪانڌڙي، جي. ايم. ڀان، زاھد ڏيپر پڻ تقريب ۾ پنھنجا ويچار ونڊيا ۽ ”سگا“ شاخ موري جي ساٿي وزير فرھاد سولنگي کي مبارڪباد ڏني. ھن تقريب ۾ موري جي ”سگا“ ساٿين کان علاوہ موري جي علمي، ادبي، سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪاروائي، موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ھلائي.

محمد صديق ڪاڪا جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ طرفان 03 فيبروري 2022ع، خميس ڏينھن 11 وڳي، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾، ”سگا“ جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محمد صديق ڪاڪا جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. انھيءَ موقعي تي پروفيسر شمشاد احمد سومري جنرل سيڪريٽري مورو شاخ سندس زندگيءَ تي روشني وجهندي چيو تہ ڪاڪا صاحب ”سگا“ جي ذميواري اھڙي ڏکئي دؤر ۾ سنڀالي جڏھن 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۽ ”سگا“ موري ڪنوينشن بعد وفاقي سرڪار پاران سرڪاري ملازمن تي بندش وڌي وئي تہ اھي ”سگا“ جا ميمبر نہ ٿي سگهندا. محترم اسدﷲ کيڙو چيئرمين ھو، انھن ڏکين حالتن ۾ ھن ”سگا“ سان ساٿ نڀايو.
پروفيسر محمد يوسف شيخ، پرنسپال مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري جي عھديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي جن سابق سيڪريٽري جنرل ”سگا“ محمد صديق ڪاڪا جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو آھي.
”سگا“ موري جي سينيئر ساٿي نثار احمد ميمڻ تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو تہ صديق ڪاڪا، ھڪ بھادر ۽ دلير انسان ھو، ھن سماجي ڪمن ڪارين ۾ ڀرپور حصو ورتو، مان سندس سيڪريٽري جنرل وقت برانچ موري جي جنرل سيڪريٽري عھدي جي ذميواري سنڀالي. مون کي فخر آھي تہ اسان ساڻس ۽ اسدﷲ کيڙي سان گڏجي ڪم ڪيو. ان وقت ڪارڪنن ۾ ھڪ رضاڪارانہ جذبو ھوندو ھو، پنھجي مدد پاڻ تحت تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾خدمتون سرانجام ڏنيون. اسدﷲ کيڙو زميندار ۽ سخي مرد ھو، پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪندو ھو. ان وقت ”سگا“ جو ڪوبہ عھديدار اچڻ وڃڻ جو ڪو بہ ڀاڙو ڪرايو (ٽي.اي.ڊي.اي) وصول نہ ڪندو ھو. سڀني ۾ سنڌ دوستي جو جذبو ھوندو ھو. سنڌ جي مختلف علائقن، شھرن، ڳوٺن ۾ جمعا ڪلينڪ، اکين جون ڪيمپون، لڳايون وينديون ھيون. ڳوٺاڻا ۽ نيڪ مرد مالي مدد ڪندا ھئا. ھن چيو تہ هن وقت رضاڪارن جي ضرورت آھي جيڪي ”سگا“ جو اصل روح آھي.
ان بعد ”سگا“ موري جي جوائنٽ سيڪريٽري جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙي پڻ تعزيتي ميڙاڪي دوران محمد صديق ڪاڪا جي وڇوڙي تي ڳالھايو ۽ سندس زندگيءَ تي روشني وڌي. ھن چيو تہ ”سگا“ مورو پنھنجي سماجي خدمتن سان گڏوگڏ ”سگا“ جي اھم شخصيتن کي پڻ ياد ڪندي رھي آھي جيڪو بھترين عمل آھن.
”سگا“ ساٿي، سابق ميمبر سِي. اَي. سِي پروفيسر بخش علي چانڊئي چيو تہ ”سگا“ جي 50 سالا سماجي خدمتن ۽ تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سابق سيڪريٽري جنرل پروفيسر خالد حسين چنا جو علمي ڪم شاندار آھي ۽ ڇپيل ڪتاب ”سگا“ جي ڪمن ڪارين، شخصيتن ۽ رضاڪارن جي زندگيءَ بابت بھترين تاريخ آھي. محمد صديق ڪاڪا جي شخصيت بابت بھترين مواد محفوظ ٿيل ۽ ڇپرايل آھي. ھن چيو تہ ”سگا“ جي سٿ ۾ ڪيترائي بي لوث خدمت ڪندڙ رول ماڊل انسان رھيا آھن جن کي جيئري مڃتا ملڻ گهرجي. ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس ھجي جن ھڪ عظيم انسان جي ياد ۾ ھي تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو آھي.
”سگا“ جي ميمبر سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي وزير فرھاد سولنگيءَ ھن موقعي تي ڳالھائيندي چيو تہ اھلِ علم ۽ باشعور ماڻھن تي فرض آھي تہ ھو پنھنجي معاشري ۽ سماج اندر بھتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪن. ”سگا“ موري جي علمي ادبي شخصيتن پروفيسر سيد علي بخش شاھہ، پروفيسر نذير احمد قاضي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، پروفيسر واحد بخش شيخ، پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، غلام رسول سرھيو ۽ ٻين ڪيترن ئي سماج سڌارڪن ۽ استادن ”سگا“ موري ۾ بھترين خدمتون سرانجام ڏنيون. ھن چيو تہ محمد صديق ڪاڪا جون ”سگا“ اندر سماجي خدمتون ڪڏھن بہ وساري نہ ٿيون سگهجن.
صدارتي تقرير ڪندي شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ سڀ کان اول سڀني معززين جا ٿورا مڃيا. ھن چيو تہ محمد صديق ڪاڪا ھڪ بھترين انسان ھو. پاڻ ”سگا“ جو سابق سيڪريٽري جنرل پڻ رھيو. ھن جنرل ضيا جي مارشل لا دؤر حڪومت ۾ ”سگا“ سان ساٿ نڀايو. ”سگا“ مورو سندس وڇوڙي تي تمام گهري ڏک ۽ رنج جو اظھار ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. ھن چيو تہ سنڌ اندر تعليم، صحت، ثقافت، روزگار ڏيارڻ ۽ ٻين شعبن ۾ سماجي خدمت ڪندي ”سگا“ سنڌ کي 50 سال گذري چڪا آھن. ھي سال گولڊن جوبلي سال طور ملھايو پيو وڃي. اميد آھي تہ ”سگا“ جا رضاڪار پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رھندا.

پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي ياد ۾ مفت چمڙي ڪيمپ –2022ع:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري ۽ پروفيسر مظھر الدين ميمڻ فائونڊيشن پاران ھڪ ڏينھن واري مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ، راشد مورائي ھاءِ اسڪول مورو ٽائون ۾، 20 فيبروري 2022ع، آچر ڏينھن تي لڳائي وئي. جنھن جو افتتاح ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسدﷲ ڪلھوڙي ڪيو.
”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسي، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي، (چيئرمين ھيلٿ ڪاميٽي)، پروفيسر شمشاد احمد سومري (جنرل سيڪريٽري) ۽ ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ (روح روان مظھر فائونڊيشن)، جي نگراني ۾ ھيءَ مفت اِسڪن ڪئمپ لڳائي وئي.
پروفيسر شمشاد احمد سومري، افتتاحي تقريب جي ڪاروائي ھلائي ۽ پروگرام جو آغاز ﷲ پاڪ جي ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو. ان بعد ”سگا“ موري پاران آيل مھمانن کي اجرڪ جون سوکڙيون پيش ڪيون ويون. ھن ڪيمپ جي موقعي تي ”سگا“ ساٿين آيل مھمانن ڊي.ايڇ.او نوشھروفيروز ڊاڪٽر اسدﷲ ڪلھوڙي، حاجي محمد اسلم آرائين، راشد مسعود عباسي (ھيڊ ماستر راشد مورائي ھاءِ اسڪول مورو) حاجي نظام الدين ڪلھوڙي، ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ، حاجي ڀليڏنو ميمڻ ويلفيئر مورو جي امان ﷲ مورائي، ٿيليسيميا سينٽر نواب شاھہ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو معشوق علي ڪوريجي کي اجرڪ اوڍايا.
ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر نوشھروفيروز، ڊاڪٽر اسد ﷲ ڪلھوڙي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي سماجي خدمتون ڪندي 50 سال گذري چڪا آھن ۽ ”سگا“ شاخ موري کي پڻ 47 سال ٿيا آھن جيڪا تعليم، ثقافت ۽ صحت جي شعبي ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھي آھي.
ھن وڌيڪ چيو تہ گذريل ويھن سالن کان مفت چمڙيءَ جي بيمارين واري ڪيمپ ھرسال منعقد ٿيندي رھي ٿي جيڪا ھڪ وڏي سماجي خدمت آھي. ”سگا“ ساٿين کي جس ھجي، سندن ھي قدم ساراھه جوڳو آھي.
”سگا“ ساٿين زاھد ڏيپر، نثار احمد ميمڻ، نظر حسين ميمڻ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، قاضي شفيع محمد، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙي، وسيم الرحمان شيخ، بشير احمد لغاري، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ٻرڙو ۽ ٻين افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ھن ڪئمپ ۾ مورو سميت آيل آس پاس جي شھرن، ڳوٺن ۽ ٻين علائقن کان سوين مرد، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ اچي چيڪ اپ ڪرائي مفت ۾ دوائون حاصل ڪيون، جن جو تعداد تقريباً 2 ھزار کان مٿي ھو.
ان موقعي تي ڪيمپ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ ھو تہ ھي انسان ذات جي خدمت آھي جنھن سان دلي سڪون ملي ٿو ۽ ھڪ انسان جي خدمت پوري انسانيت جي خدمت برابر آھي، جيڪا اسان ڪري رھيا آھيون. اميد ٿا ڪريون تہ ھن ڪئمپ ۾ ايندڙ مريض مستفيض ٿيندا ۽ ﷲ پاڪ اسان کي انھيءَ جو اجر عطا ڪندو. ان موقعي تي ھتان جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، شھرين، صحافين ۽ سماج سڌارڪ شخصيتن سيد ڪاظم علي شاھہ، راشد مسعود عباسي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف حسين ميمڻ، عظيم سنڌي، ”سگا“ مناھي شاخ جي صدر مرتضيٰ ڀنڀري، جنرل سيڪريٽري عبدالحڪيم ملاح، ڊاڪٽر امتياز احمد ميمڻ، ڪبير احمد سولنگي، صحافين بخشل جماڻي، عزيز ڪورائي، بشير احمد لغاري، اختر لغاري، دين محمد ڪلھوڙي، وحيد رزاق مستوئي، رياض حسين عالماڻي، منظور علي لغاري، جاني جماڻي، ظفر پنھور، جاني مورائي، اياز سولنگي، محمد جمن سولنگي، شھرين محمد حيات جويي، الھه بخش ڪلھوڙي، نواب علي اصغر ڪورائي، يعقوب ڍلو، رياض ميمڻ، مظفر گلاباڻي، مبين سولنگي، الطاف احمد سومرو، وفا سرمد رضا مستوئي ۽ ٻين ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ڊاڪٽرن جي خدمت ۽ بھتر انتظامن کي ڏسي ”سگا“ موري جي ساراھہ ڪئي ۽ اھڙن فلاحي ڪم ڪرڻ تي ”سگا“ موري جي ساٿين کي جس ڏنو.
ھن ڪيمپ ۾ ”سگا“ ساٿي ڊاڪٽر جاويد احمد ميمن، پروفيسر مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي تعاون سان ڪراچيءَ کان ڊاڪٽرن جي آيل ٽيم ڊاڪٽر حبيب ﷲ ميمڻ، ڊاڪٽر نويد بلوچ، ڊاڪٽر ذوالفقار خواجہ، ڊاڪٽر خالد احمد ميمڻ، ڊاڪٽر انس قاضي، ڊاڪٽر رفيع ﷲ قريشي ۽ پيرا ميڊيڪل ورڪرس پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ غريب، مسڪين، ضرورتمندن کي چڪاسي انھن کي مفت ۾ دوائون ڏنيون. ھن ڪيمپ ۾ شھر موري سان گڏوگڏ ٻھراڙي ۽ آس پاس جي ڳوٺن جي علائقن دولتپور، شاھپور جهانيان، پراڻو گچيرو، چوٽيھه ھزار موري، سونھري فارم، سڌوجا، نوان جتوئي، مناھي، ڳوٺ پنھل خان مستوئي، ڏيپارجا، لليا، ديھه ڪلھوڙا، دادو مورو پل ۽ ننڍن وڏن ڳوٺن جي رھائش پذير چمڙيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا مردن، عورتن، ٻارڙن وڏي انگ ۾ ڪئمپ ۾ پھچي ڊاڪٽرن کي ڏيکاري مفت ۾ دوائون حاصل ڪيون.
ھن ڪئمپ ۾ Atco Lbortary Pharmacy وارن جو سھڪار رھيو ۽ انھن ھڪ لک کان مٿي دوائون ڪئمپ ۾ آنديون. مورو اسڪائوٽ گروپ جي مظفر گلاباڻي پنھنجي سوشل ورڪرن جي ٽيم سميت فرائض سنڀاليا، اھڙي طرح ھي ڪيمپ صبح کان منجهند ٻين وڳي تائين جاري رھي. ھن ڪيمپ منعقد ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، حاجي محمد اسلم آرائين، حاجي نظام الدين ڪلھوڙي، نظر حسين ميمڻ، راشد مسعود عباسي، مورو جي ”سگا“ ساٿين ۽ مورو اسڪائوٽ جو مڪمل سھڪار رھيو.

مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن تي مذاڪرو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري طرفان، 21 فيبروري 2022ع، سومر ڏينھن، ”مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن“ جي موقعي تي، ’آئيڊيل پبلڪ ھاءِ اسڪول مورو‘ ۾ ھڪ مذاڪرو/ تقريب ٿي گذري. جنھن جي صدارت نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو ڪئي جڏھن تہ مھمان خاص پروفيسر محمد يوسف شيخ، پرنسپال مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ھئا.
تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ ۽ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيتن سان اسڪول جي شاگردن ڪيو. ان بعد آئيڊيل پبلڪ اسڪول جي استادن طرفان مھمانن جي گلن سان آجيان ڪئي وئي.
”سگا“ ساٿي ۽ ھن اسڪول جي سي اي او، قاضي شفيع محمد آيل مھمانن جا ٿورا مڃيا. اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ تقريرون ڪري، ”مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن“ جي موقعي جي اھميت کي اُجاگر ڪيو، سنڌي شاعري ۽گيت ٻڌايا ۽ مادري ٻوليءَ سان محبت ۽ پيار جو اظھار ڪيو.
”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ڪاروائي ھلائي ۽ مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ”سگا“ موري طرفان منعقد ٿيندڙ ھن مذاڪري جي اھميت ۽ ٻولي بابت ڳالھايو. ان بعد صدر اسلم عباسي چيو تہ اسان جي ملڪ ۾ 80 ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون جن مان 27 ٻوليون آھستي آھستي ختم ٿي رھيون آھن ڇاڪاڻ تہ انھن جي ڳالھائڻ وارن جو انگ تمام گهٽ آھي جڏھن تہ اردو کان علاوہ سنڌي، پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچي، ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. سنڌي ٻولي شاھوڪار ٻولي آھي. جنھن وٽ ھن وقت لکت ۾ ڪيترائي ھزارين ڪتاب مودجود آھن، جڏھن تہ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۽ واڌاري لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، ڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا پڻ ڪم ڪري رھيا آھن ان کان علاوہ ڪيترائي اڪيلي سر ادارا پڻ سرگرم عمل آھن.
پروفيسر بخش علي چانڊئي مذاڪري ۾ ڳالھائيندي چيو تہ ٻولي دراصل دماغ جو آئينو آھي، ٻار پنھجي امڙ کان ٻولي سکي ٿو ۽ ان کان پوءِ استاد ۽ اسڪول آھي، جتي بنيادي تعليم پرائي ٿو. ھن چيو تہ ٻوليءَ کي زندہ رکڻ ۾ لوڪ ادب جو پڻ اھم ڪردار آھي.
محترم خادم بالادي ڳالھائيندي چيو تہ 1952ع ۾ بنگالي شاگردن پنھنجي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ هڪ تحريڪ هلائي ۽ ان ۾ ڪيترائي شاگرد شھيد ٿيا ان بعد 1991ع ڌاري گڏيل قومن جي اداري پاران 21 فيبروري کي مادري ٻولين جو عالمي ڏينھن قرار ڏنو ويو. پروفيسر محمد يوسف ڳالھائيندي چيو تہ ھن وقت ڊجيٽلائيزيشن جو دؤر آھي ٻوليون، ڪمپيوٽر ۽ موبائل نيٽ تي لکجي رھيون آھن ۽ محفوظ پڻ ٿي رھيون آھن. يونيسڪو جي مڃيل اصول مطابق ٻار کي بنيادي تعليم سندس مادري زبان ۾ ملڻ گهرجي. اڄ ڏاڍي خوشي ٿي رھي آھي تہ اسان جو ٻار پنھنجي مادري زبان سنڌي سان پيار ڪري ٿو ۽ گڏوگڏ انگريزي، اردو، عربي پڻ پڙھي ٿو.
آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهئي چيو تہ ”سگا“ موري شاخ جي ساٿين کي جس ھجي جن اڄوڪي ڏينھن جي موقعي تي، ”آئيڊيل پبلڪ ھاءِ اسڪول مورو“۾ اسڪول جي شاگردن، استادن، والدين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي ھن تقريب ۾ شريڪ ڪيو آھي. ھن چيو تہ اڄ سڄي دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. دنيا ۾ 6 ھزار ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. دنيا ۾ انگريزي، اسپيني، چيني، روسي، عربي، جاپاني ۽ ٻيون ٻوليون ڳالھايون وڃن ٿيون. ھن چيو تہ مارڪيٽ، ڪاروبار، بزنس، اندر استعمال ھيٺ ٻولي گهڻو عرصو زندہ رھي ٿي. اردو ھتان جي سرڪاري ۽ قومي ٻولي آھي. مذاڪري جي آخر ۾ ”سگا“ موري طرفان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي وئي تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

نامياري، اديب، سماج سڌارڪ ۽ سياسي شخصيت، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي 36ھين ورسي تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري جي طرفان سنڌ جي جاکوڙي ۽ کاھوڙي ڪردار، نامياري، اديب، سماج سڌارڪ، جج، سياستدان، صحافي ۽ وطن دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي 36 ھين ورسي تقريب، 10 مارچ 2022ع، خميس جي ڏينھن، گورنمينٽ مھراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ملھائي وئي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ، ”سگا“ موري جي جنرل سيڪريٽري ۽ مھراڻ ڊگري ڪاليج جي پروفيسر شمشاد احمد سومري ڪندي آيل مھمانن کي ڀليڪار چيو ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي خدمتن تي تفصيلي مقالو پيش ڪيو، ھُن چيو تہ ڪامريڊ تاج محمد جهڙين شخصيتن کي تاريخ ۾ ڪڏھن بہ وساري نٿو سگهجي. ھي سنڌ جون اھڙيون قومي ھستيون آھن، جيڪي تاريخ جو عظيم سرمايو آھن ۽ اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راھہ آھن. جن پنھنجي سچائيءَ، ايمانداري ۽ شعوري جدوجھد ذريعي پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو. ڪامريڊ تاج محمد جھڙن ماڻھن کي قومي اثاثو سڏيو ويندو آھي، جيڪي ھاٿي جيان ”جيئري ھڪ لک“ ۽ مئي پڄاڻان ٻہ لک ٿيو وڃن.
مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي پرنسپال، پروفيسر محمد يوسف شيخ ھن موقعي تي ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ موري کي جس آھي جنھن سنڌ جي ھن نامياري شخصيت ۽ بھترين ڪردار جي مالڪ جي اڄ ورسي تقريب ملھائي آھي ۽ نوجوانن کي سندس شخصيت بابت متعارف ڪرايو آھي. ھُن چيو تہ اسين جيڪڏھن چاھيون ٿا تہ ھن سماج مان برايون ختم ٿين تہ سائين تاج محمد ابڙي جي نقش قدم تي ھلڻو پوندو، سندس ڏسيل ڳالھين تي عمل ڪرڻو پوندو پوءِ ڏسون تہ اسين پاڻ ۾ تبديلي محسوس ڪيون ٿا يا نہ؟ سچ پڇو تہ اڄ آدرشي انسانن جي ديدار لاءِ دل ڌڙڪي ٿي. ڪاش! اڄ ڪو سائين تاج محمد ابڙو، مسڪين جھان خان کوسو وري پئدا ٿئي تہ ھي اُجڙيل گلشن وري باغ بھار ٿي پون.
مھمان خاص ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيئي ڳالھائيندي چيو تہ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نامياري شخصيتن، سائين جي.ايم.سيد، قاضي فيض محمد، محمد ابراھيم جويي، ڄام ساقي، ڪامريڊ برڪت علي آزاد، انيس انصاري جي سٿ جو ساٿي ھو. سنڌ جي شعور ۾ سندس اھم ڪردار رھيو آھي. ھن چيو تہ ڪامريڊ تاج محمد جي نالي کان سواءِ سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ شعوري جدوجھد جي ڳالھ اڻپوري ھوندي ۽ جڏھن بہ ڪو قلمڪار سنڌ جي سجاڳي ۽ شعور تي قلم کڻدو تہ ڪامريڊ جو نالو پھرئين صفحي جي شعور آڻيندڙن ۾ ٿيندو. ”سگا“ موري، اھڙي ڪردار جي مالڪ جو، اڄوڪو ڏينھن ملھائي بھترين ڪم ڪري سنڌ واسين کي سندس ڪيل شاندار ڪم کان آگاھي ڏني آھي. ھُن چيو تہ سنڌ ۾ رول ماڊل انسانن جي تمام گهڻي کوٽ آھي، انسان پنھنجي ڪردار سان سڃاتو ويندو آھي، اچو تہ سڀ گڏجي سنڌي معاشري جي بھتري ۽ ڀلائي لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيون.
”سگا“ جي مرڪزي اڳوڻ پروفيسر بخش علي چانڊيي، ھن ورسي تقريب ۾ صدارتي تقرير ڪندي چيو تہ ڪامريڊ ھڪ گهڻ پاسائين شخصيت ھو، اھو ئي سبب آھي جو اڄ کيس سنڌ جون تعليمي، علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ صحافتي تنظيمون ياد ڪري رھيون آھن. ھو ھڪ بھترين منتظم، ايماندار جج ھو سياست ۾ کيس ڪامريڊ جو پھريون لقب مليو. آخر ۾ ھُن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو تہ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي شخصيت تي ھڪ سبق درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي. ھِن تقريب ۾ ”سگا“ ساٿين، تعليمي ماھرن، صحافين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ پروفيسر نظام الدين تنيو، پروفيسر مظھر الدين گانڌاھي، پروفيسر مير نواز سيال، پروفيسر اشرف جويو، پروفيسر نظير چانڊيو، پروفيسر زاھد سيال، پروفيسر اطھر سيال، پروفيسر شاھد لانگاھہ، پروفيسر اعجاز علي ڦل، پروفيسر جاويد جوکيو، مورو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري محترم عزيز ڪورائي، قاضي شفيع محمد، وسيم الرحمان شيخ، محمد جمن سولنگي، اختر لغاري، فقير دين محمد ڪلھوڙو، الطاف سومرو سنڌي، انور سولنگي شامل ھئا.

”سگا“ ڪائونسل آف ميمبرس، ضلعي نوشھري فيروز ۽ شھيد بينظير آباد ضلعي جو اجلاس:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران 13 مارچ 2022ع، آچر ڏينھن تي يونائيٽيڊ پبلڪ اسڪول موري ۾، ”سگا“ شاخ موري جي سھڪار سان، ضلعي نوشھري فيروز ۽ ضلعي شھيد بينظير آباد جي ”سگا“ شاخن جي ڪائونسل آف ميمبرس جو اجلاس ٿي گذريو، جنھن جي صدارت ميڊم مھتاب اڪبر راشدي، چيئرپرسن ”سگا“ سنڌ ڪئي. جنھن ۾ ”سگا“ جي مرڪزي عھديدارن علي حسين بروهي (وائيس چيئرمين)، ولي محمد روشن (سيڪريٽري جنرل)، شبنم موتي (سيڪريٽري وومن ڊولپمينٽ)، پيرل خان کوسو (سيڪريٽري تعليم)، نور محمد سيال (فنانس سيڪريٽري)، شھاب الدين شاهاڻي (سيڪريٽري ڪلچرل)، پروفيسر محمد سليم ميمڻ (ميمبر سي. اِي. سي) ۽ وزير فرهاد (ميمبر سي. اِي. سي) شرڪت ڪئي.
اجلاس جي ڪاروائي محترم ولي محمد روشن هلائيندي تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ شھاب الدين شاهاڻي کي سڏ ڪيو، جڏهن تہ ڀٽائيءَ جا بيت وزير فرهاد پڙهيا. ان بعد چيئرپرسن ميڊم مھتاب اڪبر راشدي، شرڪت ڪندڙ شاخن جي ڪائونسل آف ميمبرس کي ڀليڪار ڪئي ۽ سندن ٿورو مڃيو. جنھن بعد ميزبان شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد سومري، خزانچي زاهد حسين ڏيپر، شاخ موري جي سينيئر ساٿي حاجي نثار احمد ميمڻ ۽ وزير فرهاد سولنگي معزز مھمانن کي خوبصورت ثقافتي چادرون ۽ سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ اوڍايا. ”سگا موري جي مختصر تاريخ ۽ ڪارڪردگي“ ڪتاب پڻ سڀني مھمانن کي ڏنو ويو.
هن اجلاس ۾ ”سگا“ شاخ موري جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ”آگسٽ 2021ع کان مارچ 2022ع تائين“ برانچ موري جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ تعليم، صحت، ثقافت، علمي ادبي ۽ سماجي 13 پروگرام ڪيا ويا. ان رپورٽ کي چيئرپرسن سميت سڀني مرڪزي عھديدارن ۽ شاخن جي ساٿين تمام گهڻو ساراهيو. هن موقعي تي موري شاخ جي صدر اسلم عباسيءَ ڳالھائيندي چيو تہ مورو سنڌ جي دل واري حيثيت رکندڙ شھر آهي، جتي ”سگا“ جي مني سيڪريٽريٽ/ مرڪزي آفيس جوڙائي وڃي، ان سان گڏوگڏ هڪ ”سگا“ گولڊن جوبلي تقريب مرڪز پاران موري شاخ ۾ ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو تہ ”سگا“ موري شاخ جي 47 سالن جي تاريخ، پروفيسر شمشاد احمد سومري سھيڙي آهي. هن گولڊن جوبلي سال جي موقعي تي مرڪز طرفان ڪتابي شڪل ۾ ڇپرائي وڃي. هن اجلاس ۾ ڪنڊيارو، پڊ عيدن، نوشھرو فيروز، مناهي، مورو، قاضي احمد، سڪرنڊ ۽ نواب شاھہ جي ”سگا“ شاخن جي ساٿين شرڪت ڪئي ۽ پنھنجي پنھنجي برانچن جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي مرڪزي عھديدارن پڻ ”سگا“ جي ماضي حال ۽ مستقبل تي بھترين ڳالھايو ۽ ڪارڪردگي وارن شاخن جي ساٿين کي ساراهيو.
آخر ۾ صدارتي تقرير ڪندي، ”سگا“ چيئرپرسن ميڊم مھتاب اڪبر راشديءَ چيو تہ ضلعي نوشھري فيروز ۽ شھيد بينظير آباد جي ”سگا“ ساٿين کي جس هجي جيڪي هڙان وڙان ڪوششون ڪري سنڌ جي ماروئڙن جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن ۽ ”سگا“ جي پليٽ فارم تان صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ پڻ پنھنجن غريب مسڪين ماڻھن جي ڀرپور مدد ڪن ٿا. هن چيو تہ اسان ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ”سگا“ شاخن جي عھديدارن ۽ ميمبرن سان گڏجاڻيون ڪري رهيا آهيون جن ۾ ڪجهہ اهم ڳالھين تي توجھہه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان لاءِ عملي سماجي ڪم ڪرڻ گهرجن.
سنڌ جو اهم ۽ بنيادي مسئلو تعليم کي سڌارڻ سنوارڻ ۽ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پنھنجي ڳوٺ، محلي، پاڙي ۾ موجود سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي. غير حاضر ۽ نہ پڙهائيندڙ استادن خلاف سول سوسائٽي، ”سگا“ ۽ استاد تنظيمن کي اڳتي اچڻو پوندو. اسڪولن اندر تعليم جي ڪرندڙ معيار خلاف صحيح ۽ سچيون حقيقتون پيش ڪجن ۽ اهي اعليٰ عملدارن تائين پھچائڻ گهرجن. پئسي ۽ سفارشي ڪلچر ذريعي استادن جون ڀرتيون ٿيڻ نہ گهرجن.
سنڌ ۾ ٻيلن ۽ وڻن جي خاتمي سبب موسم تي اثر پئجي رهيا آهن، سنڌ ۾ وڻن جي نہ هئڻ سبب انسان، جانور، پکي پکڻ سڀ متاثر ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ وڻ پوکڻ جي مھم ۾ ”سگا“ ساٿين کي ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. اسڪول توڙي گهر ۾ ٻارڙن کي وڻن، گلن پوکڻ، انھن کي پاڻي ڏيڻ ۽ انھن سان پيار ڪرڻ سيکارجي. منشيات، شراب نوشي، هيروئن، چرس، زيڊ 21، سگريٽن جي روڪٿام لاءِ سول سوسائٽي ۽ ”سگا“ ساٿين کي مھم شروع ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ برانچن جي ساٿين کي سماجي خدمت ڪرڻ لاءِ مخير حضرات سان گڏوگڏ ضلعي ۽ تعلقي انتظاميہ، ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، ايجوڪيشن آفيسرن، مقامي عوامي نمائندن ۽ ٻين وس وارن ڪامورن سان انساني ۽ فلاحي خدمتن جي لاءِ لھه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ اهي ڪجهہ ڪري سگهڻ جي طاقت رکن ٿا. تعلق ضرور جوڙيو پر ”سگا“ جي مان شان، عزت وقار ۾ ڪوبہ فرق اچڻ نہ گهرجي. سنڌي سماج ۾ عورت کي عزت جي نگاھہ سان ڏٺو وڃي ٿو، ليڪن ذهني طرح، دلي طور، اخلاقي ۽ مذهبي طور پنھنجي عورتن جي عزت ڪريو، نياڻين کي پڙهايو، انھن تي اعتماد ڪري انھن جا ڀرجهلا ٿيو، انھن کي همٿايو، حوصلو ۽ سھارو ڏيو.

نامياري ڪھاڻيڪار، سنڌ دوست اڳواڻ، ”سگا“ ساٿي، ناصر مورائي ۽ قومي انقلابي شاعر راشد مورائيءَ جي ورسي:
”سگا“ موري پاران 30 مارچ 2022ع اربع ڏينھن، مھراڻ ڊگري ڪاليج موري ۾ سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪار، اديب سنڌ دوست اڳواڻ محترم سيد ناصر علي شاھہ ”ناصر مورائي“ ۽ سنڌ جي انقلابي قومي شاعر راشد مورائيءَ جي ورسي شاندار نموني ملھائي وئي، جنھن جي صدارت پروفيسر محمد يوسف شيخ ڪئي. جڏهن تہ مھمان خاص محترم شھاب الدين شاهاڻي (مرڪزي سيڪريٽري ڪلچر سگا) هو. مھمانن ۾ اسلم عباسي، پروفيسر بخش علي چانڊيو، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ ۽ اسد سولنگيءَ کي پڻ ويھاريو ويو. پروگرام جي ڪارروائي موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري هلائي. ”سگا“ موري جي صدر اسلم عباسيءَ مھمانن جي آجيان سان گڏوگڏ سنڌ جي هنن ٻن انقلابي مورائي مھندارن جي علمي ادبي خدمتن تي پڻ روشني وڌي. ان سان گڏوگڏ هن راشد مورائيءَ جي انقلابي شاعري پڻ ٻڌائي. جنھن بعد نوجوان محقق، اديب محترم خالد ساحل ڪيرئي هنن ٻنھي عظيم انقلابي شخصيتن تي پنھنجو تحقيقي پيپر پڙهيو. هن چيو تہ ناصر مورائي هڪ بھترين ڪھاڻيڪار ٿي گذريو آهي. پاڻ شمشير الحيدري، نسيم کرل، حميد سنڌي، طارق اشرف ۽ ٻين سينيئر اديبن ۽ شاعرن جو همعصر هو. جڏهن تہ راشد مورائي هڪ انقلابي قومي عوامي شاعر هو، هن راشد جي انقلابي شاعري سامعين اڳيان پيش ڪئي. جنھن بعد ”سگا“ موري جي سينيئر ساٿي حاجي نثار احمد ميمڻ ڳالھائيندي چيو تہ مان وڏو خوشنصيب آهيان جو ٻنھي وڏن شخصيتن سان منھنجي ميل ملاقات ۽ ڪچھريون عظيم سنڌيءَ جي اوطاق تي ٿينديون رهنديون هيون، مون کي فخر آهي تہ هي ٻئي ”سگا“ جا ميمبر پڻ رهي چڪا آهن.
اديب، ليکڪ ۽ استاد محترم اظفر سعيد ميمڻ پنھنجو مقالو ”سنڌي سماج جي تبديلين ۾ اديب جو ڪردار“ پيش ڪيو ۽ هنن ٻنھي ناميارين شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪئي. راشد مورائي جي ڀائيٽي استاد، اديب ۽ شاعر سيد مختيار علي شاھہ ”مختيار“ هن موقعي تي ڳالھائيندي ”سگا“ موري جي ساٿين کي ورسي تقريب منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کين جس ڏنو. هن چيو تہ راشد ۽ ناصر سنڌي ادب جا ٻہ وڏا ناليوارا نانءُ آهن. اديب ۽ شاعر اسد سولنگيءَ چيو تہ هي ٻئي شخصيتون سائين جي. ايم. سيد جي فڪر جا حقيقي وارث، وطن پرست ۽ سنڌ دوست هئا. هنن جو ايوبي آمريت خلاف ويڙهاند ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. راشد مورائي هڪ اصول پرست، سچو ۽ کرو انسان هو. هن ”سگا“ موري جي ساٿين اسلم عباسي ۽ پروفيسر شمشاد سومري کي جس ڏيندي چيو تہ اڄ جي هن دجالي دؤر ۾ اوهان اهڙن عظيم انسانن کي ياد ڪيو آهي.

ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ لڳل باھہ جي متاثرين جي مالي مدد لاءِ ڪئمپ:
فريد آباد لڳ ڪاڇي ۾ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ گهرن کي لڳل خطرناڪ باھہ جنھن ۾ 8 ٻارڙن سميت ٻہ سؤ کان مٿي جانورن ۽ گهرن ۾ رکيل اناج، بُھه ۽ سامان سڙي رک ٿي ويو هو. انھن متاثرين جي مالي مدد لاءِ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ موري پاران 21 اپريل کان 24 اپريل 2022ع تائين ٽن ڏينھن واري امدادي ڪئمپ مھراڻ سٽيزن ڪلب موري جي اڳيان لڳائي وئي. هن ڪئمپ ۾ موري شاخ جي صدر اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد سومري، خزانچي زاهد حسين ڏيپر، وزير فرهاد سولنگي، قاضي شفيع محمد، نثار احمد ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، شرجيل ميمڻ، اسڪائوٽ ليڊر مظفر گلاباڻي ۽ الامين گروپ جي ساٿي رضاڪارن پاران خدمتون سرانجام ڏنيون ويون. ان موقعي تي موري جي معزز شھرين ۽ مخير حضرات کي باھہ متاثرين جي مالي سھائتا لاءِ اپيل ڪئي وئي. ڪئمپ تان ۽ شھر مان ڪيل چندو 90 هزار روپيا ٿيو.
هن سلسلي ۾ ”سگا“ موري جي اپيل تي ڪراچيءَ مان مظھر فائونڊيشن پاران ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ 50 هزار روپيا موڪليا. موري جي معزز شخصيت حاجي نظام الدين ڪلھوڙي پاران هڪ لک ڏھہ هزار روپيا، سندس دوست ملير ڪينٽ ڪراچيءَ جي رهائشي 50 هزار روپيا موڪليا. اهي ڪُل ٻہ لک ڏھہ هزار ۽ ڪئمپ ۽ شھر مان ڪيل چندو 90 هزار سميت ٽي لک روپيا ٿيا. هن ڪئمپ مان عام ماڻھن طرفان اٽو، گيھه، چانور، ڪپڙا، ٿانوَ ۽ گهريلو ضرورت واريون شيون پڻ مليون.

ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ لڳل باھہ جي متاثرين لاءِ ”سگا“ موري پاران امدادي سامان، راشن ۽ مالي مدد
24 اپريل 2022ع تي شھزور گاڏيءَ ۾ راشن جا هڪ سؤ ڏھہ ڪٽا ۽ ٻيو سامان هنڌ بسترا لوڊ ڪرائي، ”سگا“ موري پاران ”سگا“ جا ساٿي محمد اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومرو، وزير فرهاد سولنگي، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، شرجيل ميمڻ، الامين گروپ جو عبدﷲ آرائين، مورو اسڪائوٽ گروپ جي ليڊر مظفر گلاباڻي سميت ٻين اسڪائوٽن سان گڏ صحافي وحيد رزاق مستوئي ٻن ڪارن جي قافلي ۾ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ڏانھن روانا ٿيا. قافلو دادو پھتو تہ ”سگا“ دادوءَ جا ساٿي مرڪزي اڳواڻ رفيق احمد سرهيو جي اڳواڻيءَ ۾ شامل ٿيا. ان بعد ”سگا“ ڦلجي، خدا آباد، سيتا روڊ، ڪاڇو ۽ ٻين شاخن جا دوست پڻ قافلي ۾ شامل ٿي ويا. ڳوٺ فيض محمد پھچڻ تي ”سگا“ جا مرڪزي اڳواڻ محترم علي حسين بروهي (وائيس چيئرمين)، ولي محمد روشن (سيڪريٽري جنرل)، نور محمد سيال (فنانس سيڪريٽري)، پروفيسر محمد سليم ميمڻ، پيرل خان کوسو، شھاب الدين شاهاڻي، غلام حسين بلوچ، خادم حسين ڪانڌڙو ۽ ٻيا پڻ اتي ڳوٺ ۾ پھتا. متاثرين ۽ ڳوٺاڻن کان تفصيل معلوم ڪري، باھہ واقعي ۾ سڙيل هنڌن جي وزٽ ڪئي وئي. ڳوٺاڻن باھہ واقعي ۾ سڙيل هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ پيتي ڏيکاري جنھن ۾ ٽي معصوم ٻار باھہ کان ڀڄي اچي ان ۾ لڪيا هئا پر اهي گلن جھڙا معصوم شھزادا اتي بہ انھيءَ باھہ جو کاڄ ٿيا ۽ سندن جسم سڙي رک ٿي ويو.
”سگا“ شاخ موري پاران آندل راشن جا هڪ سؤ ڏھہ ڪٽا، هنڌ بسترا، سامان ۽ 75 هزار روڪ ڪل اٽڪل ساڍا ٽن لک روپيا ماليت ۽ الامين گروپ مورو پاران محترم اسلم امين آرائين پاران موڪليل ساڍا ٽي لک روپيا روڪ (350000 لک) ٽوٽل موري شاخ پاران ست لک روپيا (نقد رقم ۽ سامان) باھہ متاثرين ۾ ورهايا ويا. ان کان علاوہ ”سگا“ دادو شاخ پاران آندل سامان ۽ روڪ رقم محترم رفيق احمد سرهئي ۽ سندس ساٿين ۽ مرڪز پاران ڪجهہ رقم ڪل ملائي ٽي لک، ٽوٽل موري برانچ سميت اٽڪل ڏھہ لک روپين جو سامان ۽ نقد رقم ”سگا“ مرڪز جي دوستن موري شاخ ۽ دادو جي ”سگا“ ساٿين ۽ ٻين برانچن کان ڪھي آيل ساٿين هٿان ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي باھہ جي متاثرين ۾ ورهايا ويا.

گيسٽرو مريضن لاءِ دوائن جو عطيو سول اسپتال موري جي انتظاميہ حوالي:
”سگا“ موري پاران پروفيسر مظھر فائونڊيشن جي سھڪار سان، 6 آگسٽ 2022ع تي، تازو پيل برساتن سبب موري ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گيسٽرو وبا ڦھلجڻ سبب، غريب مسڪين ماڻھن جي علاج واسطي دوائن جو عـطـيـو جنـھن ۾ پنج سـؤ (500) فليجل ڊرپس، ٻہ سؤ (200) ڪئنولا، سول اسپتال موري جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد ياسين ٻلال جي حوالي ڪيون ويون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ”سگا“ شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسيءَ چيو تہ گيسٽرو وبا تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي، جنھن ڪري مخير حضرات ۽ سول سوسائٽيءَ کي مسڪين ماڻھن جي خدمت ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ هميشہ انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. هن وقت موري ۽ آس پاس ۾ برساتن سبب گيسٽرو وبا تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. اسان ”سگا“ موري پاران ڪئمپ لڳائڻ بدران سول اسپتال انتظاميہ کي دوائون عطئي طور ڏئي رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اتي وارڊن ۾ بھترين انتظام ٿيل آهن ۽ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو الرٽ آهي. ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، چيئرمين هيلٿ ڪاميٽيءَ چيو تہ ”سگا“ مورو صحت جي شعبي ۾ اکين جي بيمارين، اسڪن جي بيمارين کان علاوہ مختلف بيمارين جون مفت ڪئمپون لڳائيندي رهي آهي. سول اسپتال موري جي ميڊيڪل سپرنيٽينڊنٽ ڊاڪٽر محمد ياسين ٻلال ان موقعي تي ”سگا“ موري جي ساٿين جو شڪريو بجا آڻيندي، کين جس ڏنو تہ اهي ڏکئي وقت ۾ غريب مسڪينن ۽ لاچارن جي واهر ڪن ٿا. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ضلعو نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد ﷲ عباسي، ”سگا“ موري ۽ مظھر فائونڊيشن کي جس ڏنو، جن هن ايمرجنسيءَ ۾ دوائن جو عطيو ڏنو آهي. هن موقعي تي ”سگا“ ساٿي حاجي نثار احمد ميمڻ، زاهد حسين ڏيپر، وزير فرهاد سولنگي، اعجاز ڪورائي، اقبال ٻاٽ ۽ اسپتال جا ڊاڪٽر پڻ موجود هئا. جڏهن تہ پريس ميڊيا جا دوست نوجوان صحافي جاني مورائي ۽ وحيد رزاق مستوئي پڻ ساڻن گڏ هئا.

ڳوٺ احمداڻي لغاريءَ ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپ:
”سگا“ شاخ موري پاران سنڌ بائيوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن جي سھڪار سان 31 آگسٽ 2022ع تي مفت ميڊيڪل ڪئمپ، موري تعلقي جي ”ڳوٺ احمداڻي لغاري“ (حسن جا ڀاڻ) ۾ سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي لڳائي وئي. هيءَ ڪئمپ صبح يارهين وڳي کان شام پنجين وڳي تائين جاري رهي. ڪئمپ ۾ سينيئر فزيشن ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر شمائلا لغاري، ڊاڪٽر ظھير عباس ميمڻ ۽ ڊاڪٽر عبدالرزاق شاهي خدمتون سرانجام ڏنيون. جڏهن تہ مورو ليب جي نوجوان سماجي ڪارڪن افشان ميمڻ مليريا جون مفت ٽيسٽون ڪيون. ڪئمپ ۾ تقريباً ست سؤ (700) مريضن کي ڊاڪٽرن تپاسي مفت دوائون ڏنيون.
هن ڪئمپ جي خاص ڳالھ تہ جيڪي بہ مريض ڊاڪٽر صاحبان ڏٺا، انھن مان ستر سيڪڙو مريضن کي مليريا پازيٽو هئي. جيئن تہ هي ڳوٺ ڪچي ۾ (درياءَ جي ڪپر تي) آهي، اتي مريض آس پاس مان ٻيڙيءَ ذريعي پھتا پئي ۽ انھن جي حالت پڻ تمام خراب ۽ ڳڻتي جوڳي هئي، ان جو هڪ سبب اهو بہ هو تہ ان ڳوٺ يا آس پاس ۾ ڪابہ صحت جي سھوليت موجود نہ آهي ۽ هي علائقو سرڪاري صحت کاتي پاران مڪمل نظرانداز ٿيل آهي. ڳوٺ کي چؤڦير پاڻي جو گهيرو هو ۽ ماڻھن جو پاڻيءَ جي ڪري نڪرڻ محال هو. هي علائقو ٻوڏ ۽ برسات جي ڪري 70 سيڪڙو بيماريءَ ۾ گهيريل آهي.
هن ڪئمپ ۾ ”سگا“ موري جي ساٿين اسلم عباسي، وزير فرهاد، پروفيسر شمشاد احمد سومري، حاجي نثار احمد ميمڻ سان گڏ ”موکي پبليڪيشن“ جي اياز لغاري، مھراڻ سنڌي، سردار ٻرڙو ۽ سنڌ بايوٽيڪنالاجسٽ ايسوسيئيشن جي فائونڊر خالد حسين خدمتون سرانجام ڏنيون.
هي سڄو علائقو پاڻي جي گهيري ۾ هئڻ ڪري ڊاڪٽر صاحبان جي ٽيم، ”سگا“ ساٿي ۽ ورڪر ٻيڙيءَ جي ذريعي دادو موري پل/ لليا پتڻ کان درياءَ جي رستي ’حسن جا ڀاڻ‘ پھتا.
ڳوٺ احمداڻي لغاريءَ جي ڳوٺاڻن ۽ نوجوان سماجي ڪارڪنن، ”سگا“ موري جي ساٿين ۽ ڊاڪٽر صاحبان جا ٿورا مڃيندي چيو تہ اسان سندن شڪريو بجا آڻيون ٿا، جن هن ڏورانھين، ڏتڙيل علائقي ۾ اچي ڪئمپ هنئي آهي ۽ مسڪين غريبن جي سار لڌي آهي.

طبي ڪئمپ لاءِ مليريا جي دوائن جو عطيو:
موري شھر ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ مليريا جي بيماري پکڙجڻ سبب، ڳوٺ سونھريءَ جي سماجي ورڪر آڪاش ڪورائيءَ ڪئمپ هڻائڻ جي سلسلي ۾ ”سگا“ شاخ موري کي دوائن جي هيلپ لاءِ چيو.
”سگا“ شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسيءَ، 7 سيپٽمبر 2022ع تي سوشل ورڪر آڪاش ڪورائيءَ کي ويھه هزار روپين جون مليريا جون دوائون ”سگا“ موري پاران عطئي طور ان حوالي ڪيون. ان موقعي تي شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومرو ۽ خزانچي زاهد حسين ڏيپر موجود هئا.

موري ۾ آيل خيرپور ناٿن شاھہ جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين ۾ راشن جي ورهاست:
”سگا“ موري پاران، پروفيسر مظھر الدين ميمڻ فائونڊيشن جي روح روان ڊاڪٽر جاويد ميمڻ جي سھڪار سان 16 سيپٽمبر 2022ع جمعي ڏينھن، ڳوٺ احمد خان ابڙو ديھه ڦتو ٻلال ۾ خيرپور ناٿن شاھہ (گوزي) کان آيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي پنجونجاھہ (55) گهراڻن ۾ کاڌ خوراڪ/ راشن جا ڪٽا ورهايا ويا.
هن موقعي تي ”سگا“ موري جي صدر محمد اسلم عباسي، جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري، خزانچي زاهد حسين ڏيپر، وزير فرهاد سولنگي ۽ ”سگا“ ساٿي معشوق محسن ابڙي متاثرين ۾ راشن ورهائيندي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ مورو پنھنجي وت ۽ وس آهر ڪوشش ڪري پنھنجي غريب مسڪين ماروئڙن جي خدمت ڪري رهي آهي. اڄ هتي خيرپور ناٿن شاھہ جي ڳوٺ گوزي جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين جيڪي هتي تنبن ۾ رهائش پذير آهن ۾ کاڌ خوراڪ (راشن) ورهايو آهي. هن ٻوڏ ۽ برساتن ۾ سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي پر خيرپور ناٿن شاھہ سڄو پاڻي جي گهيري هيٺ آيل آهي ۽ اتان جا 55 گهراڻا هتي موري ۾ اچي تنبن ۾ رهيا آهن. اسان ”سگا“ جي پليٽ فارم تان ٻوڏ ۽ برسات متاثرين جي خدمت ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو آهي ۽ سڀني سرنديءَ وارن کي گذارش ٿا ڪريون تہ اچو پنھنجي سنڌ جي ماروئڙن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪيون.

مفت ميڊيڪل ڪئمپ دادو ــ مورو پُل:
”سگا“ موري شاخ پاران، مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي سھڪار سان، يارهين سيپٽمبر 2022ع تي آچر ڏينھن درياءَ سنڌ دادو ــ موري پُل لڳ هڪ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي. هن ڪئمپ ۾ سينيئر ليڊي ڊاڪٽر سيدہ عصمت شاھہ، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ساجد شبير چھواڻ، ڊاڪٽر ذيشان ميمڻ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار ٻُرڙي چائيلڊ اسپيشلسٽ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندي مريضن کي چڪاسي مفت دوائون ڏنيون. هن ڪئمپ مان 537 مريض مستفيض ٿيا.
هن ڪئمپ جي لڳائڻ ۾ ”سگا“ ساٿي ۽ مقامي زميندار اسدﷲ سولنگي جو وڏو سھڪار هو. هن ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي روح روان ڊاڪٽر جاويد ميمڻ، سيدہ ڊاڪٽر عصمت شاھہ، نوجوان سماجي ورڪر پرائمري فرينڊس گروپ جي اڳواڻ ناصر ٻُرڙو مورائي دوائون ڊونيٽ ڪيون.
”سگا“ شاخ موري جي ساٿين اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد سومري، ڊي. ايڇ. او نوشھرو فيروز جو شڪريو بجا آڻيندي چيو تہ اسان ڊاڪٽر اسدﷲ عباسيءَ جا نھايت ممنون آهيون، جنھن اسان کي ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي ڏني، ان سان گڏوگڏ هنن سڀني مخير حضرات جن دوائون ڊونيٽ ڪيون، انھن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو. جن بہ رضاڪارن ساٿين هن ڪئمپ ۾ پنھنجون خدمتون ڏنيون، انھن سڀني دوستن جا بہ اسين شڪرگذار آهيون. ”سگا“ موري شاخ جي اڳواڻن ڊاڪٽر سيدہ عصمت شاھہ جو پڻ ٿورو مڃيو جنھن دوائن سان گڏوگڏ سڄي ڪئمپ جي عملي ڊاڪٽرن ۽ ورڪرن جي ماني جو بندوبست ڪيو.

گچيرو لڳ بچاءُ بند تي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن ۾ تڙپالون ۽ مڇردانين جي ورهاست:
”سگا“ موري شاخ پاران، 21 سيپٽمبر 2022ع، اربع ڏينھن، پراڻي گچيري جي بچاءُ بند تي ويٺل ٻوڏ ۽ برسات سٽيلن هڪ سؤ کان مٿي گهرن جي فردن ۾ مڇردانيون ۽ تڙپال ورهايا ويا. اِهي متاثرين بچاءَ بند تي کلئي آسمان ۾ ويٺا هئا، جن کي تڙپال ڏنا ويا تہ هو گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ تہ رهن، کين مڇرن کان بچاءُ لاءِ مڇردانيون ”سگا“ موري جي ساٿين اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، حاجي نثار احمد ميمڻ، وزير فرهاد سولنگي ۽ ميڊيا جي سينيئر ساٿي اختر لغاري، وحيد ميمڻ ۽ شرجيل ميمڻ ڏنيون.
”سگا“ شاخ موري جي عھديدارن، ”سگا“ جي مرڪزي چيئرپرسن ميڊم مھتاب اڪبر راشدي ۽ سيڪريٽري جنرل ولي محمد روشن جو شڪريو بجا آڻيندي چيو تہ هن ڪمھلي قدرتي آفتن ۾ سنڌ جي ماروئڙن سانگيئڙن جي سھائتا لاءِ ”سگا“ مرڪز شاخن کي پنھنجي پنھنجي علائقن اندر ٻوڏ ۽ برسات جي سٽيلن جي مدد ڪرڻ لاءِ اتساھہ ڏنو ۽ مدد ڪئي تہ جيئن ”سگا“ ساٿي پنھنجن غريب مسڪين ماروئڙن جي وقت سر سار لھن ۽ انھن کي سھارو ڏين.

سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين ۾ راشن جي ورهاست:
”سگا“ موري شاخ پاران، 6 سيپٽمبر 2022ع تي، ٻن هنڌن درياءَ سنڌ جي ساڄي ڪناري، ڪچي اندر ڪنڌيءَ تي ۽ ڪچي اندر ڳوٺ مير محمد سولنگيءَ ۾، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ٻوڏ ۽ برسات سٽيلن ڳوٺاڻن ۾ راشن جا 50 ڪٽا ورهايا ويا ۽ سندن سان دلي همدرديءَ جو اظھار ڪيو ويو. ان موقعي تي ”سگا“ موري جي اڳواڻن محمد اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، حاجي نثار احمد ميمڻ ۽ اسد سولنگيءَ ڳالھائيندي چيو تہ هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ غريب مسڪين ماڻھو، هاري ۽ پورهيت متاثر ٿيا آهن، جيڪي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن. علائقي جي چوڌاري، هرهنڌ پاڻي ئي پاڻي نظر اچي ٿو، علائقو تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ هتي انتظاميہ پاران ڪابہ واهر نہ ڪئي وئي آهي، هتان جا ۽ آس پاس جا ماڻھو بي يارو مددگار ويٺل آهن. سرڪار کي هن علائقي جي ماڻھن جي پَرگهور لھڻ جي خاص ضرورت آهي. هنن چيو تہ ”سگا“ مورو جا ساٿي پنھنجي وِتَ ۽ وس آهر، پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪچي جي ڏورانھين علائقن ۾ پاڻيءَ مان لنگهي ٻيڙين تي چڙهي هن ڏکئي وقت ۾ پنھنجن غريب ڏتڙيل مسڪين ماروئڙن جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ اڳتي بہ پنھنجن ڀائرن جي مدد ڪندا.
ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ سجاڳ ساٿي محترم اسد سولنگيءَ، ”سگا“ موري شاخ جي انھيءَ عمل کي ساراهيندي چيو تہ ”سگا“ جا ساٿي اڳ بہ هن علائقي جي بيمار، مسڪينن جي واهر ڪندي ميڊيڪل ڪئمپ هنئي، جنھن مان سون جي تعداد ۾ مريضن کي ڊاڪٽرن جي ٽيمن تپاسيو ۽ کين مفت دوائون ڏنيون ۽ اڄ وري ٻيڙين تي چڙهي، پاڻيءَ کي جهاڳي اچي هن ڪچي جي علائقي ۾ راشن ورهايو آهي.

”سنڌو درياءَ جا وهڪرا، ٻوڏون ۽ موسمياتي تبديليون“ جي موضوع تي آگاهي پروگرام:
”سگا“ شاخ موري پاران 7 آڪٽوبر 2022ع، جمعي ڏينھن، مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ ”سنڌو درياءَ جا وهڪرا، ٻوڏون ۽ موسمياتي تبديليون“ جي عنوان تحت ”ڄاڻ پروگرام“ محمد اسلم عباسيءَ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنھن جو مھمانِ خاص ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي ۽ اعزازي مھمان ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ هئا. پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جيڪا سعادت مخدوم اظھار حاصل ڪئي. اسلم عباسي (صدر ”سگا“ شاخ مورو) پروگرام ۾ آيل ساٿين، ليکڪن، سول سوسائٽي جي فردن، صحافين ۽ شھرين جا ٿورا مڃيندي چيو تہ اڄ اسان ”سگا“ جي پليٽ فارم تان هڪ منفرد ليڪچر پروگرام ڪيو آهي، جنھن مان اوهان سڀ مون سميت هڪ انوکي موضوع متعلق وڏي ڄاڻ حاصل ڪنداسين. ڇاڪاڻ جو اسان جو اڄ جو ليڪچرڪار ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي هڪ ڏاهو، گهڻ پڙهيو ۽ ان عنوان تي گهڻي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اڄ اسين موسمن، ٻوڏن ۽ دريائي وهڪرن بابت بھترين معلومات حاصل ڪنداسين. جنھن کان پوءِ پروفيسر شمشاد احمد سومري، ليڪچرڪار مشتاق باگاڻيءَ جو ادبي ۽ علمي تعارف ڪرايو. ان بعد ليڪچرڪار ڊاڪٽر باگاڻي ليڪچر ڏيندي سنڌو درياءَ متعلق ڳالھائيندي چيو تہ سنڌو درياھہ لکين سالن کان وهندڙ، وجود رکندڙ درياھہ آهي، ان جا وهڪرا ۽ لنگهہ سڪندراعظم جي دؤر کان تبديل ٿيندا رهيا آهن. سنڌو درياھہ کي ديوتا چيو ويندو هو. سنڌو درياھہ جا پراڻا لنگهہ جيسلمير، ٿر، هاڪڙو، پُراڻ رهيا آهن. انگريزن 30 سال درياهي وهڪري جي مختلف هنڌن جھڙوڪ سکر کان جهرڪن تائين روزاني وهڪري جي سروي ڪرائي بعد ۾ سکر بئراج جوڙايو. هن چيو تہ انگريزن درياھہ جي ويڪر 15 ميل رکي ۽ ان اندر قاعدو ۽ قانون ٺاهيو، جنھن ۾ درياھہ بادشاھہ جي زمين ۾ ٻيلا پوکڻ، پوکي راهي، زمين جي کڻت، جنگلات، مڇي مارڻ وغيرہ شامل آهن پر افسوس ان تي ڪوبہ عمل نہ ٿو ٿئي. هاڻي تہ درياھہ جي زمين ئي نہ رهي آهي، ٻيلا وڍجي ويا، درياهي زمين ٽريڪٽرن سان سنواري سڌو ڪري زيرو ليول ڪئي وڃي ٿي. زمين کي پوکي لائق بنائي ان ۾ ڪيلو، ڪڻڪ، وونئڻ، باغات، ڪيٽيون جوڙائي، زمينداري بند ٻڌرائي، پاڻيءَ جي فڪري ۽ قدرتي لنگهن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ٻيلن جون زمينون نيلام ٿي ويون. ملڪ جي وڏي عدالت سپريم ڪورٽ ڪجهہ عرصو اڳ ان ڳالھ جو نوٽيس پڻ ورتو هو. درياھہ مٿان سوڙهيون پليون تعمير ڪرايون ويون آهن، جنھن سبب پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ دشواريون پيش اچن ٿيون.

نوجوان شاگردن جي تعليم، تربيت ۽ ڪيريئر بابت ليڪچر پروگرام:
”سگا“ موري پاران مھراڻ ڊگري ڪاليج موري جي تعاون سان ڪاليج جي مھراڻ هال ۾ نوجوان شاگردن جي تعليم، تربيت ۽ ڪيريئر بابت هڪ ليڪچر “Education and Its Role, Personality Development” جي موضوع تي ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو صاحب، 17 ڊسمبر 2022ع تي ڇنڇر ڏينھن ڏنو. هن ليڪچر پروگرام جي صدارت محمد يوسف شيخ (پرنسپال مھراڻ ڊگري ڪاليج) ڪئي، جڏهن تہ مھمانَ، عظيم سنڌي، اسلم عباسي ۽ نثار احمد ميمڻ هئا. پروگرام جي ڪارروائي پروفيسر شمشاد احمد سومري هلائي ۽ گڏوگڏ ليڪچرڪار جو علمي، ادبي ۽ سماجي تعارف ڪرايو. جنھن بعد اسلم عباسي مھمانن ۽ شريڪ ٿيندڙ ”سگا“ ساٿين، ڪاليج جي پروفيسرن ۽ شھرين جي آجيان ڪندي سندن شڪريو بجا آندو. ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيي صاحب بھترين انداز ۾ ليڪچر ۾ موضوع کي نباهيو ۽ شاگردن کي ڪافي ڄاڻ ڏني. عظيم سنڌي، نثار احمد ميمڻ ۽ پروفيسر محمد يوسف شيخ پروگرام ۾ ڳالھائيندي ”سگا“ موري جي سٿ کي مبارڪ ڏيندي چيو تہ ”سگا“ هن اهم موضوع تي ڪاليج اندر ليڪچر ڪرائي بھترين ڪم ڪيو آهي. ڊاڪٽر ٻگهئي صاحب بھترين انداز ۾ ليڪچر ڏئي شاگردن کي تمام وڏي ڄاڻ مھيا ڪئي آهي ۽ انھن ۾ ڪانفيڊنس پئدا ڪيو آهي. اهڙا ليڪچر تعليمي ادارن ۾ ٿيڻ گهرجن. هن پروگرام ۾ ”سگا“ جي CEC جي ميمبر وزير فرهاد سولنگي، جي. ايم. ڀان، صحافي سنڌي الطاف سومرو، ڪاليج جي پروفيسرن حق نواز ميمڻ، افتخار ٻگهيو، عبدالغفار ڪيريو، ابرار ڪورائي، زاهد حسين سيال، اعجاز ڦل، غلام حسين ڦل، ظھير احمد ميمڻ ۽ ٻين کان سواءِ ڪاليج جي شاگردن جي وڏي انگ سان گڏ ”سگا“ ساٿين ۽ صحافين شرڪت ڪئي.

برسات سٽيلن ۽ ٻوڏ متاثرين ۾ ڪمبلن جي ورهاست:
2 ڊسمبر 2022ع تي جمعي ڏينھن، ”سگا“ موري پاران مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي سھڪار سان، سنڌو درياءَ جي اندر ساڄي ڪنڌيءَ تي ڳوٺ مير محمد سولنگي ۽ ان جي آس پاس جي رهواسين غريب مسڪين ماڻھن ۾ سيءَ کان بچاءُ لاءِ 200 ڪمبل ورهايا ويا. انھيءَ ڪمبلن ورهائڻ واري تقريب ۾ ”سگا“ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد ”روشن“، پروفيسر شمشاد احمد سومري، اسلم عباسي، حاجي نثار احمد ميمڻ، زاهد حسين ڏيپر، اسد سولنگي شريڪ ٿي ٻوڏ ۽ برسات متاثرين ۾ ڪمبل ورهايا.

پروفيسر مظھرالدين ميمڻ مفت چمڙي ڪئمپ ــ 2023ع:
”سگا“ شاخ موري پاران مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي سھڪار سان 29 جنوري 2023ع تي چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ، راشد مورائي هاءِ اسڪول مورو ٽائون ۾ لڳائي وئي. هن ڪئمپ جو افتتاح ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد ﷲ عباسيءَ ڪيو. ان موقعي تي معزز مھمانن حاجي محمد اسلم آرائين، ”سگا“ جي سيڪريٽري صحت ارباب خالد، سيڪريٽري تعليم پيرل خان کوسي، ميرپور خاص مان ڪھي آيل ”سگا“ ساٿي فيروز وساڻ، ڊي. ايڇ. او نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد ﷲ عباسي ۽ راشد مسعود عباسيءَ کي ”سگا“ موري جي ساٿين اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، زاهد حسين ڏيپر، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، حاجي نثار احمد ميمڻ، قاضي شفيع محمد، نظر حسين ميمڻ ۽ وزير فرهاد اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا.
هن ڪئمپ ۾ موري شھر کان علاوہ گچيرو، شاهپور جهانيان، دولتپور، سونھري فارم، قمرالدين چانڊيو، نوان جتوئي، سڌوجا، ڦل، مناهي، ڏيپارجا، ملڪ، پورڻ، درس جي ڳوٺن سان تعلق رکندڙ هزارين غريب ۽ مسڪين مريض ڪئمپ ۾ پھتا. هن ڪئمپ ۾ ڊاڪٽر صاحبن 3350 (ٽيٽيھه سؤ پنجاھہ) مريضن کي چڪاسي لکين روپين جون دوائون مفت ڏنيون. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هن سال ڪئمپ ۾ مريضن جو تعداد تمام گهڻو هو. ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ مسلسل برساتن ۽ ٻوڏ سبب چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. هيءَ ڪئمپ صبح 9 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين جاري رهي.
هن ڪئمپ ۾ مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي روح روان ڊاڪٽر جاويد مظھر ميمڻ، ڊاڪٽر حبيب ﷲ، ڊاڪٽر رفيع ﷲ قريشي ۽ ٻين ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ جي تعاون سان ATCO فارما ۽ ٻن ٻين فارما ڪمپنين پاران ڪئمپ ۾ پنج ــ ڇھہ لکن جون اِسڪن جي بيماريءَ جون دوائون آنديون ويون، جيڪي مريضن کي مفت ۾ ڏنيون ويون.
مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن پاران ڪئمپ ۾ مڪمل تعاون ڪرڻ ۽ انتظام سنڀالڻ تي حاجي محمد اسلم امين آرائين، ڊاڪٽر غلام سرور ٻگهيو، راشد مسعود عباسي، نظر حسين ميمڻ، اسڪائوٽ گروپ اڳواڻ مظفر گلاباڻي ۽ ”سگا“ شاخ موري جي بھترين ڪارڪردگي طور شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري کي ڊاڪٽر جاويد احمد ميمڻ ايوارڊ ڏنا.
هن ڪئمپ جا مڪمل انتظام ”سگا“ مورو، مورو اسڪائوٽ گروپ، هيڊ ماستر راشد مورائي هاءِ اسڪول راشد مسعود عباسي صاحب ۽ سندن ٽيم استاد سعيد احمد ڪلھوڙو، مشتاق احمد سولنگي، سائين عبدالجبار ڀنگر، موري شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبر نظر حسين ميمڻ ۽ سندس ورڪر ٽيم سنڀاليا.
هن اسڪن ڪئمپ کي ”سگا“ مناهي شاخ جي صدر غلام مرتضيٰ ڀنڀري، جنرل سيڪريٽري عبدالحڪيم ملاح، مورو پريس ڪلب جي ساٿين سومر سولنگي، نواب علي اصغر ڪورائي، جاني مورائي، اختر لغاري، وحيد مستوئي، رياض عالماڻي، فقير دين محمد ڪلھوڙي، بشير لغاري، رائو تيمور، ظفر پنھور، سومرو الطاف احمد سنڌي وزٽ ڪئي ۽ ڪئمپ جي ميڊيا ڪوريج ڪئي.

پروفيسر نذير احمد قاضي لاءِ ڀيٽا تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران نامياري تعليمي ماهر، سماج سڌارڪ، اديب، شاعر ۽ ڪھاڻيڪار پروفيسر نذير احمد قاضيءَ جي چاليھي جي موقعي تي سندس تعليمي، علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض هڪ شاندار ڀيٽا تقريب 11 مارچ 2023ع تي سٽيزن ڪلب موري ۾ تعليمي ماهر محترم فقير محمد ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪوٺائي وئي. جنھن ۾ عظيم سنڌي، پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر ارشاد اوٺو، انجنيئر منير احمد قاضي ۽ اسلم عباسي مھمان هئا. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ ڀٽائي سرڪار جي بيتن سان ڪئي وئي. پروفيسر شمشاد احمد سومري، سائين نذير صاحب جي علمي، ادبي، سماجي خدمتن تي مفصل مقالو پڙهيو، جنھن ۾ هن سائينءَ جي ڪھاڻين، مزاحيہ شاعري سان گڏوگڏ سندن تعليمي ۽ سماجي خدمتن تي تفصيلي روشني وڌي.
انجنيئر منير احمد قاضي، ڳالھائيندي چيو تہ سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو مشھور شھر مورو ڪيترن ئي خوبصورت روايتن ۽ سماجي ڪم ڪندڙ ڪردارن کان مشھور آهي. انھن ۾ هڪ متحرڪ ڪردار ۽ رول ماڊل انسان سائين پروفيسر قاضي نذير احمد مورائي پڻ هو، جنھن پنھنجي زندگي درس و تدريس، علم و ادب، ۽ سماجي ڪم ڪارين جي حوالي سان گذاري. هن مانائتي مھان انسان دوست شخص موري شھر لاءِ ڪيترائي منصوبا جوڙيا. دوستن، ساٿين ۽ شھرين جي تعاون سان انھن کي پورو پڻ ڪيو، جن ۾ سرِفھرست تعليمي ادارا ”آرٽس ڪاليج مورو“ جيڪو هن وقت مھراڻ ڊگري ڪاليج جي روپ ۾ موجود آهي، جنھن مان غريب، مسڪين، پورهيت طبقي جي اولاد تعليم پرائي مختلف شعبن ۾ مانائتيون نوڪريون حاصل ڪيون. ان کان علاوہ ”روشن تارا اسڪول“، ”ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين“، ”گرلس ڪاليج مورو“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.
سائين فقير محمد ميمڻ تقرير ڪندي چيو تہ نوشھرو فيروز ۾ اڄ اسان سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس قائم ڪرائي آهي پر جيڪڏهن سائين قاضي صاحب زندہ هجن ها تہ اها اول موري ۾ منظور ٿئي ها. قاضي نذير هن علائقي جو تمام وڏو ماڻھپي ۽ محبت وارو انسان هو، جنھن کي معاشري جي قدرن جي مڪمل ڄاڻ هئي. عظيم سنڌي، سائين نذير قاضيءَ سان گڏ گهاريل گهڙين، ڪاليج يونين ۾ سائين جو ڪردار ۽ ڪاليج لاءِ ڪيل خدمتن تي تفصيل سان ڳالھايو. پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر ارشاد اوٺي، قاضي صاحب جي فرزند ابوذر قاضي، انجنيئر شبير احمد قاضي، نثار احمد ميمڻ، وزير فرهاد سولنگي، پروفيسر محمد يوسف شيخ، مخدوم اظھار، ڊاڪٽر ممتاز ميمڻ ۽ ٻين مقررن ۽ سائينءَ جي شاگردن سندن فن فڪر، شاعري، ڪھاڻي، ادبي، علمي ۽ سماجي حوالي سان ڪيل خدمتن تي تفصيل سان ڳالھايو. ان موقعي تي ”سگا“ موري شاخ جي صدر محمد اسلم عباسيءَ آيل سڀني مھمانن ۽ سڄڻن جا ٿورا مڃيا، جن جي اچڻ سان پروگرام کي چار چنڊ لڳا. تقريب جي ڪارروائي شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري، سائين پروفيسر نذير صاحب جي خوبصورت شاعري سان هلائي. هن تقريب ۾ قاضي خاندان جي نوجوان فردن، علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي تنظيمن جي اڳواڻن، ”سگا“ ساٿين، شاگردن، مورو پريس ڪلب جي صدر بخشل احمد جماڻي، وحيد مستوئي، خدا بخش ميمڻ، سومر سولنگي، سنڌي الطاف سومرو ۽ ٻين معزز شھرين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جيڪو سائين پروفيسر قاضي نذير احمد مورائي سان محبت جو اظھار هو.

موري جي اديب، محقق ۽ ”سگا“ ساٿي پروفيسر شمشاد احمد سومري جي 60هين سالگرھہ تقريب:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري پاران موري جي مانائتي علمي، ادبي، سماجي شخصيت ۽ ”سگا“ موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري جي 60هين سالگرھہ تقريب ناليواري اديب استاد بھاول لغاريءَ جي صدارت هيٺ مھراڻ سٽيزن ڪلب موري ۾ 6 سيپٽمبر 2023ع تي ٿي گذري. جنھن ۾ موري جي اديبن، شاعرن، استادن، ليکڪن، سياسي، سماجي، علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن، شھرين ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ايڊووڪيٽ امداد حيدر سولنگي، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، حاجي نثار احمد ميمڻ، اسلم عباسي، سيد مختيار علي شاھہ، وزير فرهاد سولنگي، مخدوم اظھار، ڊاڪٽر غلام حيدر ڏاهري، عبيدﷲ عباسي، سڪندر ڪورائي، جي. ايم. ڀان، معشوق محسن ابڙو، زاهد حسين ڏيپر، قاضي شفيع محمد، پروفيسر الھه بچايو لغاري، حسن شاھہ صوفاڻي ۽ ٻين مقررن ڳالھائيندي چيو تہ پروفيسر شمشاد احمد سومرو موري جي نامور علمي ادبي شخصيت سان گڏوگڏ بھترين محقق آهي، جنھن پنھنجي قلم سان ساهتيءَ جي تاريخ تي خصوصاً بزرگن، شاعرن، عالمن، اديبن، نثر نويسن تي تحقيقي ڪم ڪري ساهتيءَ جي انھن نالي وارن هيرن کي نروار ڪيو آهي. انھيءَ سان گڏوگڏ هن هتان جي تاريخي شخصيتن کي پنھنجي لکڻين ذريعي سڄي سنڌ تہ ڇا پر دنيا آڏو اُجاگر ڪيو آهي. سومري صاحب جون تعليمي ميدان ۾ پڻ اڻ ڳڻيون خدمتون آهن. مقررن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ پروفيسر شمشاد صاحب 60 سال پورا ڪري مھراڻ ڪاليج موري مان پروفيسر جي حيثيت سان ڪالھه رٽائر ٿيو آهي. هن جون علمي، ادبي، سماجي خدمتون موري جي تاريخ جو هڪ حصو آهن، جن کي ڪڏهن بہ وساري نٿو سگهجي. اڄ اسين موري جا ساڃاھہ وند ۽ ادبي سماجي ساٿي پروفيسر صاحب جي سالگرھہ ملھائي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون.
تقريب جي مور ۽ اڄوڪي پروگرام جي خاص مھمان پروفيسر شمشاد احمد سومري سالگرھہ تقريب ۾ ڳالھائيندي ”سگا“ موري جي سڀني ساٿين جو شڪريو بجا آڻيندي چيو تہ آئون ”سگا“ موري وارن دوستن جو انتھائي شڪرگذار آهيان، جن منھنجي سالگرھہ جو اهڙو مانائتو ۽ شانائتو پروگرام ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ انھن سڀني شريڪ ٿيندڙ علمي ادبي، سماجي، شخصيتن، معزز شھرين ۽ صحافت جي شعبي سان تعلق رکندڙ منھنجي مٺڙي موري شھر جي قلم ڌڻي دوستن جو پڻ تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جن اچي سالگرھہ تقريب کي چار چنڊ لڳايا آهن ۽ مون کي عزت بخشي آهي. هن چيو تہ مون کي فخر آهي تہ مون کي بھترين اُستاد ۽ بھترين والدين مليا، جن منھنجي بھترين تربيت ڪئي جو جن جي بدولت اڄ معاشري ۾ سٺي عزت ۽ احترام ملي ٿو.
ساٿيو! مون پنھنجي وِتَ ۽ وس آهر ادبي علمي ۽ سماجي ڪم ڪيو آهي، جيڪو توهان سڀني اڳيان عالم آشڪار آهي. مون پنھنجي زندگيءَ جو اڪثر حصو تقريباً 40 سال تعليم، علم و ادب ۽ انسانيت جي خدمت ۾ گذاريا آهن، انھن جي بھتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ اڳتي بہ سنڌي ادب، تعليم ۽ غريب مسڪين ماروئڙن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪندو رهندس. ان موقعي تي پروفيسر شمشاد احمد سومري جو 60 سالھائون جنم جو ڪيڪ مھمانن گڏجي ڪٽيو. سالگرھہ جي موقعي تي آيل مھمانن، اديبن، شھرين ۽ سماجي ڪارڪنن پروفيسر صاحب کي مختلف تحفا اجرڪ، ڪتاب، ٽوپيون ۽ گلن جا هار پارايا ۽ کين جنم جي ڏينھن جون کوڙ ساريون مبارڪون ڏنيون.
هن شاندار ۽ يادگار سالگرھہ تقريب ۾ موري شھر جي مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ساٿين سان گڏوگڏ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.

استادن جي عالمي ڏينھن تي وڇڙي ويل استادن جي آخري آرامگاھہ تي حاضري ۽ کين سلام پيش ڪيو ويو:
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن موري شاخ پاران ’استادن جي عالمي ڏينھن‘، 5 آڪٽوبر 2023ع جي موقعي تي ”سگا“ موري جا عھديدار ۽ ساٿي محمد اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد سومرو، حاجي نثار احمد ميمڻ، زاهد حسين ڏيپر، وزير فرهاد، موري جي قديم قبرستان ”خليفي سائينءَ جي مقام“ ۾ موري جي بھترين وڇڙي ويل استادن، اديبن شاعرن پروفيسر نذير احمد قاضي، سائين محمد نوح ميمڻ، سائين فيض محمد سومرو، سائين قاضي محمد علي ”اختر مورائي“، سائين قادر بخش ميمڻ، سائين غلام قادر ميمڻ، سائين فتح الدين سومرو ”بيدار مورائي“، سائين محمد مٺل ڪمالاڻي ”م. ع. ترابي“، سائين حاجي خان ڪمالاڻي، سائين راشد مورائي ۽ نثار احمد ميمڻ جي امڙ جي آخري آرامگاهن تي پھچي چادر چاڙهي، گُل نڇاور ڪيا ۽ فاتح پڙهي سندن مغفرت لاءِ دعا گهري وئي. ان موقعي تي ”سگا“ جي اڳواڻن چيو تہ هنن مھان استاد شخصيتن جون تعليم جي حوالي سان وڏيون خدمتون، قربانيون ۽ ڪوششون آهن. هنن تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري ۽ بھتريءَ لاءِ ڪم ڪيو. علم جي روشنيءَ جي ذريعي اونداهي سماج کي روشن بڻايو. هنن جون ڪيل تعليمي خدمتون تاريخ جو هڪ حصو بڻيل آهن، جن کي ڪڏهن بہ ڪير بہ وساري نہ ٿو سگهي. تعليمي ادارا سندن ڪوشش سان وجود ۾ آيا ۽ وڏي انگ ۾ موري جا شاگرد انھن عظيم استادن وٽان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي ۽ اڄ اعليٰ عھدن ۽ اعليٰ مقام تي پھتل آهن. اهڙن مھان شخصيتن ۽ عظيم استادن کي اڄ اسان ”سگا“ جي پليٽ فارم تان ”استادن جي عالمي ڏينھن“ جي موقعي تي سلام پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي ساڻن موري پريس ڪلب جو سينيئر صحافي محترم اختر لغاري، طالب حسين کوسو پڻ گڏ هئا.

پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي 23هين ورسي:
”سگا“ سنڌ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، پروفيسر مظھرالدين ميمڻ جي 23هين ورسي جي موقعي تي ”سگا“ شاخ موري جي ساٿين محمد اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، نثار احمد ميمڻ، وزير فرهاد سولنگي ۽ صحافين اختر لغاري ۽ طالب کوسي 5 آڪٽوبر 2023ع تي سندس آخري آرام گاھہ ”خليفي صاحب جي مقام“ پھچي سندس مزار تي اجرڪ جي چادر چاڙهي گُل نڇاور ڪيا ۽ قُل پڙهي دعاءِ مغفرت گهري. ان موقعي تي ”سگا“ موري جي اڳواڻن کيس خراجِ تحسين پيش ڪندي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ ساٿي پروفيسر مظھرالدين ميمڻ، ”سگا“ جي رهبر باني اڳواڻ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سڄي ڄمار انسانيت جي خدمت ڪئي. هن نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. سندن صحت، تعليم، ثقافت ۽ سماجي شعبن ۾ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن بہ وساري نہ ٿو سگهجي. پاڻ ”سگا“ مرڪز جو متحرڪ سيڪريٽري تعليم ۽ سيڪريٽري جنرل رهيو. ان دوران پاڻ شاخن سان رابطا ۽ دورا ڪري شاخن کي مضبوط ۽ متحرڪ ڪيو. پاڻ هر وقت ”سگا“ ساٿين سان رابطي ۾ رهيو. پروفيسر مظھر ميمڻ، روشن تارا اسڪول جو سيليبس ٺاهيو ۽ روشن تارا اسڪولن تي خاص ڌيان ڏنائين.

ٽن ڏينھن وارو ”صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙو“ ڪتابي ميلو ــ 2023ع:
”سگا“ موري شاخ پاران ”سنسار پبليڪيشن“ ڪراچي جي سھڪار سان موري جي مھان علمي ادبي شخصيت، سينيئر صحافي ۽ بزمِ صوفياءِ سنڌ جي صدر حڪيم صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جي نانءَ سان ٽي ڏينھن وارو ڪتابي ميلو ”مھراڻ سٽيزن ڪلب“ ۾ 23، 24 ۽ 25 نومبر تي لڳايو ويو. ان سلسلي ۾ صوفي صاحب جي نانءَ سان هڪ تقريب 23 نومبر تي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻن، چونڊيل نمائندن، سياسي سماجي، علمي، ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل نوشھرو فيروز جي چيئرمين سھيل اختر عباسي، صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي، ميونسپل ڪاميٽي موري جي چيئرمين نذير احمد ميمڻ، پيرل خان کوسي، سيڪريٽري تعليم سگا، شھاب الدين شاهاڻي، سيڪريٽري ثقافت سگا، وزير فرهاد سولنگي، اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري ۽ ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ گڏجي ربن ڪاٽي ڪتابي ميلي جو افتتاح ڪيو.
ان بعد صوفي غلام مصطفيٰ جي نانءُ منعقد ڪيل هن ڪتابي ميلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سھيل اختر عباسيءَ، پيرل خان کوسي، نذير احمد ميمڻ، شھاب الدين شاهاڻي، اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد سومري، ڊاڪٽر وجه الدين ميمڻ، مخدوم اظھار ۽ ٻين چيو تہ صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي جون علمي، ادبي، صحافتي ۽ طبي خدمتون وساري نٿيون سگهجن. هن هميشہ انسانيت ۽ انسان ذات جي خدمت کي پنھنجو محور سمجهيو آهي، اهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ اهڙا ڪردار هميشہ دلين ۾ زندھہ رهندا آهن. هنن چيو تہ اهڙن مھان شخصيتن کي هميشہ سندن جيئري، زندگيءَ ۾ ئي ڀيٽا پيش ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ماڻھو بہ ان مان اُتساھہ وٺن. اڄ ”سگا“ موري جي دوستن پڻ موري جي هن محبوب شخصيت جي نالي تي هي ڪتابي ميلو لڳائي اڄوڪي هي پروقار تقريب سندس نانءُ ڪري ڀيٽا پيش ڪئي آهي ان تي ”سگا“ مورو ۽ ”سگا“ جا ساٿي جس لھڻن ۽ کين اهڙي شاندار پروگرام ۽ ڪتابي ميلي منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. هر سال ”سگا“ موري پاران ڪتابي ميلو لڳايو ويندو آهي، جيڪو هڪ بھترين قدم آهي. مقررين چيو تہ ”سگا“ مورو شاخ بھترين سماجي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي، علمي، ادبي پروگرام پڻ ڪندي اچي ٿي، اسان کين اهڙن سماجي علمي ادبي ڪم ڪرڻ تي پڻ واڌايون ڏيون ٿا. هنن ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ مورو هميشہ تعليم جي ڀلائي ۽ بھتري لاءِ ۽ صوفي صاحب جهڙين مھان شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۾ اڳرا رهندا آهن. ”سگا“ موري پاران هر سال ڪتابي ميلو لڳايو ويندو آهي، جيڪو هڪ بھترين قدم آهي. هنن وڌيڪ چيو تہ ڪتابي ميلا لڳائڻ سان ماڻھن ۾ شعور پيدا ٿئي ٿو، ڪتابن پڙهڻ سان سائنسي، علمي، تاريخي، سياسي ۽ ادبي ڄاڻ ۾ بھترين اضافو ٿئي ٿو. ان کان پوءِ صوفي غلام مصطفيٰ ڪانڌڙي تقرير ڪندي چيو تہ آئون ”سگا“ موري وارن جو انتھائي ٿورائتو ۽ شڪرگذار آهيان، جن مون مسڪين ماڻھوءَ جي علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور هي ٽن ڏينھن وارو ڪتابي ميلو لڳرائي مون کي ايڏي وڏي عزت بخشي آهي.
تقريب ۾ حاجي نثار احمد ميمڻ، سيد ڪاظم علي شاھہ، پروفيسر محمد يوسف شيخ، ڊاڪٽر مشتاق باگاڻي، خادم حسين شيخ، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، زاهد حسين ڏيپر، قاضي شفيع محمد، محمد سليمان راهو، آصف ميمڻ، هادي بخش چانڊيو، جاويد سيال، سجاد مستوئي ۽ ٻيا معززين شھري، شاگرد، صحافي پڻ موجود هئا.
پروفيسر مظھرالدين ميمڻ مفت چمڙيءَ جي بيمارين جي ڪئمپ 2024ع:
”سگا“ موري شاخ پاران پروفيسر مظھرالدين ميمڻ فائونڊيشن جي سھڪار سان 21 جنوري 2024ع تي راشد مورائي هاءِ اسڪول مورو ٽائون ڪئمپس ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪئمپ لڳائي وئي. هن ڪئمپ جو افتتاح ضلعي هيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسدﷲ عباسي، مظھر فائونڊيشن جي روح روان ڊاڪٽر جاويد ميمڻ، حاجي محمد اسلم امين آرائين، راشد مسعود عباسي، محمد اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، نظر حسين ميمڻ ۽ حاجي نثار احمد ميمڻ گڏجي ڪيو.
هن ڪئمپ ۾ ڪراچيءَ کان آيل اِسڪن اسپيشلسٽن ڊاڪٽر جاويد مظھر ميمڻ، ڊاڪٽر رفيع ﷲ قريشي، ڊاڪٽر نويد احمد بلوچ، ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، ڊاڪٽر ثاقب، ڊاڪٽر سيد عذير شاھہ ۽ نواب شاھہ مان ڪھي آيل ليڊي ڊاڪٽر ماريه ميمڻ غريب ۽ ضرورتمند مريضن کي مفت تپاسيو ۽ کين مفت ۾ دوائون ڏنيون.
هن ڪئمپ مان 3000 (ٽي هزار) کان مٿي مريضن فائدو ورتو. هن ڪئمپ ۾ هڊس فارما، ايٽڪو ليبارٽريز ۽ ميگزيٽيڪ فارما ڪمپنين ۽ ڊاڪٽر جاويد پاران آندل پنجن لکن (500000) کان مٿي دوائون مريضن کي مفت ۾ ڏنيون ويون. هن ڪئمپ جو ”سگا“ جي سيڪريٽري هيلٿ ارباب خالد محمود، سيڪريٽري تعليم پيرل خان کوسي، ”سگا“ ميرپورخاص شاخ جي صدر ظفر علي پنھور، ميرپور خاص جي اڳوڻي صدر فيروز وساڻ، اڳوڻو سي. اِي. سي ميمبر تاج محمد بلوچ، ”سگا“ ڦلجي جو اڳواڻ احمد حسين پنھور، سيد ڪاظم علي شاھہ، ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، ڊاڪٽر امتياز علي ميمڻ، سيد مختيار شاھہ، سيد علي نواز شاھہ (مٺياڻي)، تعليمي آفيسر مورو محمد يعقوب ڍلو، مورو پريس ڪلب جي عھديدارن صحافين سومر سولنگي، خدا بخش ميمڻ، طالب حسين کوسو، اختر لغاري، رائو تيمور، رياض عالماڻي، ظفر پنھور، وحيد مستوئي، موري جي سول سوسائٽي ۽ مختلف شھرين دورو ڪيو. هنن مھمانن ۽ معزز شھرين ”سگا“ موري شاخ جي هن عمل کي ساراهيو ۽ موري شاخ جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي بھترين ۽ ڪامياب ڪئمپ جون مبارڪون ڏنيون. ڪئمپ ۾ مورو رهواسي ۽ هن وقت آمريڪا ۾ رهائش پذير حاجي ڀليڏنو ميمڻ ويلفيئر سوسائٽي جي روح روان غلام مجتبيٰ مورائي ۽ غلام محي الدين ميمڻ پڻ ڪئمپ وزٽ ڪئي. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ”سگا“ موري شاخ جون ڪيل خدمتون ۽ ڪم ساراھہ جوڳا آهن ۽ اسان کين مڪمل سھڪار جو يقين ڏياريون ٿا. هن ڪئمپ ۾ راشد مورائي هاءِ اسڪول جي استادن، نذر حسين ميمڻ ۽ سندس ٽيم، اسڪائوٽ گروپ موري جو اڳواڻ مظفر گلاباڻي، استاد رائو اسلم ٽيپو ۽ اسڪائوٽس گروپ جي ساٿين، ”سگا“ موري جي اڳواڻن اسلم عباسي، پروفيسر شمشاد احمد سومري، زاهد حسين ڏيپر، حاجي نثار احمد ميمڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڪتاب ”ننگر ٺٽي جو سماج“ جي مھورتي تقريب:
”سگا“ موري شاخ پاران 13 اپريل 2024ع تي ”مھراڻ سٽيزن ڪلب“ موري ۾ ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ جو ٺٽي جي تاريخ ۽ سماجيات تي لکيل ڪتاب ”ننگر ٺٽي جو سماج“ جي شاندار مھورتي تقريب، ”مورو ايجوڪيشنل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي“ جي سھڪار سان ٿي گذري. هن علمي ادبي تقريب جي صدارت محمد ادريس جتوئيءَ ڪئي، جڏهن تہ مھمان خاص پيرل خان کوسو سيڪريٽري تعليم، ”سگا“ سنڌ هو. مھمانن ۾ عبدﷲ خان جيسر، اسلم عباسي، مورو ايجوڪيشنل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ جو روح روان سيد محسن علي شاھہ هئا. اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض شاخ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر شمشاد احمد سومري سرانجام ڏنا. تلاوت ڪلام پاڪ سان پروگرام جي شروعات ڪئي وئي، جنھن جي سعادت رائو محمد اسلم حاصل ڪئي. جنھن بعد ڀٽائي سائينءَ جا بيت پروفيسر شمشاد سومري پڙهيا. مھمانن جي آجيان ڪندي ”سگا“ شاخ موري جي صدر محمد اسلم عباسيءَ آيل سڀني معزز مھمانن جا ٿورا مڃيا ۽ هن مشتاق باگاڻي جو تعارف ڪرائيندي ڪتاب متعلق پڻ ڳالھايو. ان بعد مانوارن مھمانن گُلن مان ڪتاب ڪڍي ان جي مھورت ڪئي.
تعليمي ماهر سيد محسن علي شاھہ، سوسائٽيءَ جو تعارف ڪرائيندي چيو تہ اسان هن سوسائٽي پاران مشتاق جا ٻہ ڪتاب اڳ شايع ڪيا آهن ۽ هيءُ سندس ٽيون ڪتاب پڻ اسان ڇپايو آهي. مشتاق باگاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو وينجهار آهي، سندس لکڻي نھايت دلچسپ ۽ دل کي ڇُھندڙ آهي. ان بعد نوجوان محقق ۽ اديب خالد ساحل ڪيريي سندس علمي ادبي سفر تي تفصيلي روشني وجهندي سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو. وزير فرهاد سولنگي، قاضي منير احمد، بھاول لغاري، اسد چنا، فقير الھه بچايو لغاري، ڊاڪٽر برڪت علي ملڪ، پروفيسر بخش علي چانڊيو، حنيف سومرو (سڪرنڊ)، حاڪم علي زرداري، پروفيسر ارشاد علي اوٺو، پروفيسر انور ڪانڌڙو، مختيار علي شاھہ جن ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ جي علمي ادبي خدمتن کي ساراهيندي سندس هن ڪتاب تي پنھنجا ويچار ونڊينڊي کيس بھترين ڪتاب جون واڌايون ڏنيون. هنن مقررن سيد محسن شاھہ کي ڪتاب ڇپائڻ تي ۽ ”سگا“ شاخ موري جي ساٿين کي شاندار ۽ پروقار تقريب منعقد ڪرڻ تي پڻ مبارڪون ڏنيون.
ڪتاب ۽ ليکڪ متعلق مھمان ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وينجهار اديب ۽ شاعر عبدﷲ خان جيسر ڳالھائيندي چيو تہ مشتاق باگاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو بھترين ليکڪ آهي، هن قلم ذريعي سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ”سگا“ جي مرڪزي عھديدار پيرل خان کوسي صاحبِ ڪتاب مشتاق باگاڻيءَ کي بھترين ڪتاب آڻڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس ڪيل خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي کوسي صاحب ”سگا“ شاخ موري کي واڌايون ڏيندي چيو تہ جس آهي شمشاد احمد سومري، اسلم عباسي صاحب ۽ سندن ٽيم کي جنھن اهڙو شاندار، انفرميٽو پروگرام ڪري اڄ اسان کي تاريخي، ادبي ۽ علمي ڄاڻ سان مالا مال ڪيو آهي. جنھن کان پوءِ صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ اديب، ليکڪ، محقق ۽ صاحبِ ڪتاب ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ ڳالھائيندي ’مورو ايجوڪيشنل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي‘ ۽ ”سگا“ شاخ موري جا ٿورا مڃيندي ڪتاب ٺٽي ننگر متعلق پنھنجون سونھري ساروڻيون ساريون. هن چيو تہ ٺٽي ۾ نوڪريءَ دوران ڪيترن املھه انسانن جي صحبت نصيب ٿي، انھن جي علمي ادبي تاريخي ۽ سماجي ڄاڻ مان مستفيض ٿيس. اهي وڻجارا علم جا ڀنڊار هئا، جن جو ذڪر مون هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، پر اهي تاريخ ساز شخصيتون، محبتي ماڻھو ۽ ٻوليءَ جا وينجهار پنھنجو وارو وڄائي ويا، اڄ اسان وٽ ناهن.
ڪتاب ۽ صاحبِ ڪتاب متعلق آخري مقرر اديب، شاعر ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ادريس جتوئيءَ صدارتي تقرير ڪندي چيو تہ اڄوڪي تقريب بھترين ۽ شاندار آهي، جنھن ۾ علم، ادب ۽ تاريخ جون ڳالھيون ٿي رهيون آهن. موري شھر جو علم ۽ ادب ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ رهندو اچي ٿو. موري جي ناصر مورائي، راشد مورائي، سائين نذير قاضي ۽ ٻين ليکڪن سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي. ڊاڪٽر مشتاق باگاڻيءَ ڪتاب ”ننگر ٺٽي جو سماج“ (مطالعو ۽ مشاهدو) جنھن ۾ هن ٺٽي جي تاريخ ۽ سماجيات مرتب ڪئي آهي. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن مان اٺ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ٻيا اڃا اڻ ڇپيل آهن. هن ڪتاب جو مھاڳ شوڪت شوري لکيو آهي. شيخ اياز، نسيم کرل، امداد حسيني، غلام محمد لاکي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جھڙن ناميارن ليکڪن ۽ تاريخدانن سان مشتاق باگاڻيءَ جي ويجهڙائپ رهي. هن چيو تہ پاڻ ڪمال جو ليکاري آهي. هن تقريب ۾ ”سگا“ ساٿين، اديبن، شاعرن، ليکڪن، سڄاڻ شخصيتن، تعليمي ماهرن، اهلِ علم، سول سوسائٽي جي فردن، صحافين کان سواءِ شھرين جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي.