ناميارو تعليمي ماهر، برجستو منتظم، مثالي استاد ۽ بھترين سماج سڌارڪ سائين محمد نوح ميمڻ
سائين محمد نوح ميمڻ، موري شھر کان ڪجهہ ڪلوميٽر اوڀر ۽ اولھه ۾، ”ڳوٺ ماڙيءَ“ ۾ آخوند علي ميمڻ جي گهر ۾ 13 مارچ 1928ع تي جنم ورتو. پاڻ هڪ سال جا ٿيا تہ سندن والد صاحب هي جھان ڇڏيو، ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ماڙيءَ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان DC هاءِ اسڪول نواب شاھہ ۽ انٽر سروري ڪاليج هالا مان پاس ڪيائين. جڏهن تہ B.A سنڌ يونيورسٽي ڪراچي مان 1955ع ۾ ڪيائين. پروفيشنل ڊگري B.Ed اولڊ ڪئمپس يونيورسٽي آف سنڌ مان 1957ع ۾ پاس ڪيائين. سائين محمد نوح جن پنھنجي عملي زندگي جي شروعات استاد جي حيثيت سان پرائمري اسڪول ماڙيءَ کان 1951ع ۾ شروع ڪئي ان بعد هڪ ٻن سڪول ۾ رهڻ کان پوءِ ”اي پي ڪلاس“ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺياڻي ۾ 06-08-1960ع کان 1968-10-11ع تائين جنھن بعد موري هاءِ اسڪول ۾ 12 آڪٽوبر 1968ع کان 25 آڪٽوبر 1969ع تائين رهيو. جڏهن تہ 26 آڪٽوبر 1969ع کان 11 جون 1971ع تائين محراب پور هاءِ اسڪول ۾ رهيا ان بعد 14 جون 1971ع کان 19 آڪٽوبر 1971ع تائين دولتپور هاءِ اسڪول ۾، جنھن بعد وري ٻيھر اتي 20 آڪٽوبر 1971ع کان 19 ڊسمبر 1972ع تائين رهيو. بعد ۾ هاءِ اسڪول نيو جتوئيءَ ۾ 16 ڊسمبر 1972ع کان 21 اپريل 1981ع تائين هيڊ ماستر پڻ رهيا. سائين محمد نوح ڪجهہ عرصو ”ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر“ ضلع نواب شاھہ رهيو ۽ 20 آگسٽ 1986ع کان 12 مارچ 1988ع تائين ”سب ڊويزنل ايجوڪيشنل آفيسر“ مورو رهيو اتان ئي رٽائر ڪيائين. رٽائرمينٽ بعد اڻٿڪ سفر ۾ مختلف تعليمي ادارن سان وابستگي جاري رکيائون. سائين محمد نوح ”روشن تارا ڪي جي اسڪول موري“ ۾ 1992ع کان 1996ع تائين پرنسپال جي عھدي تي پڻ رهيو آهي.
سائين محمد نوح ميمڻ جن 1959ع ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو ۽ محترم عبدالرحمان ميمڻ جي نياڻيءَ سان نڪاح ڪيائين جنھن مان کين ٻن پٽن ۽ ڇھن نياڻين جو اولاد آهي. سائين محمد نوح هڪ بھترين ايڊمنسٽريٽر رهيو آهي، پاڻ هيڊ ماسٽر توڙي SDEO جي پوسٽ تي رهڻ دوران، تعليم جي واڌاري توڙي سڌاري لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ تعليم جي معيار کي بھتر بڻايو. پاڻ نہ رڳو هڪ بھترين اُستاد ۽ منتظم هو پر موري شھر جي تعليمي ترقي ۽ سماجي سرگرمين ۾ پڻ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
سائين محمد نوح جي ڪيترن علمي ۽ سماجي ادارن سان گهري وابستگي رهي. ”مھراڻ ڪلچرل سوسائٽي“ جنھن جو بنياد 1987ع ۾ پيو، جو سائين صدر رهيو آهي، جنھن پاران سائين مٺل ڪمالاڻيءَ جو ڪتاب ”مورو ناهي ٿورو“ 1988ع ۾ ڇپايو ويو. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن موري شاخ جو بنيادي ميمبر هو. 1977ع جي باڊي ۾ پاڻ ”تعليمي سب ڪاميٽيءَ جو ميمبر“، 1978ع جي اليڪشن ڪاميٽيءَ جو ميمبر، 1978ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر، روزگار ڪاميٽيءَ جو چيئرمين ۽ تعليمي سب ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي. ”سگا“ موري پاران 1979ع ۾ روشن تارا ڪي جي اسڪول مورو کوليو ويو. پاڻ انھيءَ قائم ڪندڙ اداري ”مھراڻ ايجوڪيشن سوسائٽي“، جو نائب صدر رهيو ۽ روشن تارا اسڪول جو فائونڊر ميمبر پڻ رهيو آهي. سائين محمد نوح ان دؤر ۾ بھترين سماجي ورڪر ۽ اڳواڻ رهيو ۽ موري ۾ ٿيندڙ سماجي ڪم ڪارين ۾ سدائين اڳڀرو رهيو.
سائين محمد نوح ميمڻ ٻاھتر سالن جي ڄمار ۾ 23 سيپٽمبر 2001ع/ 6 رجب 1421 ھجريءَ تي ھن فاني جھان کي الوداع ڪيو. پاڻ موري ۾ خليفي صاحب جي مقام ۾ مدفن آھن.
