”سگا“ مورو شاخ جي اڌ صديءَ جي جدوجھد جو سفر
”سگا“ مورو شاخ جنھن جو بنياد 1976ع ۾ پيو، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي انھن بنيادي شاخن مان آهي، جن حقيقي طور تي ”سگا“ جي جِلا بخشي ۽ ان کي مضبوط کان مضبوط بنايو. ”سگا“ مورو شاخ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي شاخن مان هميشہ اڳڀري رهي آهي؛ جنھن مورو شھر ۽ ان جي آسپاس علم، ادب، سماجي ڀلائي ۽ قومي سجاڳي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
تاريخ قومن جي اجتماعي شعور جو آئينو هوندي آهي، ۽ جڏهن اها تاريخ تنظيم ۽ خدمت سان جڙيل هجي تہ ان جي اهميت ٻيڻي ٿي وڃي ٿي. هي ڪتاب ”سگا منھنجي ساھہ ۾“ ’سگا‘ مورو شاخ جي تاريخي سفر جو هڪ جامع ۽ مستند احاطو آهي. هن ڪتاب کي سھيڙيندڙ نہ رڳو شاخ جي قيام، ارتقا ۽ ڪارڪردگيءَ کي ترتيب سان پيش ڪيو آهي، پر مختلف دورن (1976ع کان 2025ع تائين) ۾ شاخ جي انتظامي ڍانچي، شاخ جا عھديدار، سرگرميون، چئلينجز ۽ ڪاميابين کي بہ تفصيل سان قلمبند ڪيو آهي.
”سگا منھجي ساھہ ۾“ ’سگا‘ مورو شاخ سان لاڳاپيل اهم شخصيتن جا تفصيلي تعارف پڻ شامل ڪيا ويا آهن. اهي شخصيتون، جيڪي استاد، ڊاڪٽر، اديب، وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ رهيا آهن، سي هن تنظيم جي سڃاڻپ بڻيا. انھن سڀني نالن جو ذڪر ڪتاب کي رڳو تاريخ نه، پر هڪ زندہ دستاويز بڻائي ٿو، جيڪو مورو شھر جي علمي ۽ سماجي سرمائي کي محفوظ ڪري ٿو.
”سگا“ مورو شاخ جي ساٿين جو مرڪز ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. مورو شاخ جي ساٿين پنھنجو وقت ڏيڻ سان گڏ جنھن خلوص سان جدوجھد ڪئي ۽ سگا مرڪز کي مضبوط ڪيو انھن ۾ سائين مرحوم نذير احمد قاضي، سائين مرحوم سيد علي بخش شاھہ، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ، ڊاڪٽر ڪيپٽن بشير احمد ميمڻ، صلاح الدين پنھور، عظيم سنڌي جھڙيون شخصيتن شامل هيون. ”سگا“ مورو شاخ جي ساٿين جو مرڪز ۾ اهم ڪردار تہ رهيو پر شاخ ۾ بہ تمام وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي ايتريقدر جو 15 اپريل 1983ع ۾ جڏهن سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو ستون ساليانو ڪنويشن ٿيو، تڏهن مورو شاخ ميزباني ۽ مھمانوازي ڪئي. انھيءَ ۾ سنڌ جو هڪ تمام وڏو مسئلو ’ڪالا باغ ڊيم‘ جي خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو، جنھن جي اڃا ماڻھن کي خبر بہ ڪانہ هئي. ”سگا“ جي اهم ڪردارن جي ڪري سنڌ جا ماڻھو ڪالا باغ ڊيم جي نقصانن ۽ انديشن کان واقف ٿيا، ۽ جنھن جي ڪري جدوجھد شروع ٿي. ان جو سھرو نہ صرف ”سگا“ مرڪز تي هو، پر مورو شاخ تي بہ اچي ٿو.
مان هن ڪتاب جي سھيڙيندڙ پروفيسر شمشاد احمد سومرو کي ان قيمتي ڪاوش تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. جنھن هن وڏي ذميواري کي سھڻي نموني سرانجام ڏنو. اميد آهي تہ هن ڪتاب نہ رڳو ”سگا“ مورو شاخ جي تاريخ کي محفوظ ڪندو، پر سماجي تاريخ ۾ بہ هڪ اهم حوالو بڻجندو. هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ نہ صرف ڄاڻ وڌائيندو، پر ”سگا“ جي مقصدن سان وابستگي ۽ خدمت جي جذبي کي بہ وڌيڪ سگهارو ڪندو. منھنجي خيال ۾ اهڙا تاريخي ڪتاب رڳو ماضي جا احوال ناهن هوندا، پر اهي مستقبل لاءِ رهنمائي جو ڪم ڏيندا آهن.
در ڌڻي منھنجي دعا آهي تہ سگا مورو شاخ جو هي علمي ۽ تنظيمي سفر جاري رهي. آمين
علي حسين بروهي
سيڪريٽري جنرل
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
ڇنڇر، 30 جنوري 2026ع
