مختلف موضوع

سگا منھنجي ساهہ ۾

ھيءَ ڪتاب ”سگا“ مورو شاخ جي پنجن ڏهاڪن تي مشتمل سماجي سفر، صحت، تعليم، ثقافتي سرگرمين ۽ انساني خدمتن جو هڪ بھترين ۽ ڄاڻ ڏيندڙ تاريخي دستاويز آهي.  ڪتاب ۾ موري شھر جي جاگرافيائي، تاريخي ۽ سماجي حيثيت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ سال 1976ع کان 2027ع تائين ”سگا“ مورو جي عھديدارن، مرڪزي سطح تي مورو شاخ جي نمائندگي ڪندڙ ساٿين جو ترتيب سان احوال، تفصيلي ڪارڪردگي، ڪيل ڪارگذارين جو ذڪر آھي. 

 

Title Cover of book SGA Muninjy Saah Mein

سال 89-1988ع

چونڊ ڪاميٽي:
حاجي احسان علي لغاري (چيئرمين)
محمد بخش سيھڙ (ميمبر)
عبدالعظيم سولنگي (ميمبر)

ساليانون چونڊون:
16 جون 1988ع تي روشن تارا اسڪول موري ۾، 89-1988ع سالن لاءِ ”سگا“ موري شاخ جون چونڊون، چونڊ ڪاميٽيءَ جي نگراني ھيٺ ٿيون، جنھن ۾ ھيٺيان عھديدار چونڊجي آيا.
صدر: عبدالمجيد ميمڻ
نائب صدر: عبدالحميد ميمڻ
جنرل سيڪريٽري: نثار احمد ميمڻ
جوائنٽ سيڪريٽري: غلام ﷲ ”گلاب ميمڻ“
اطلاعات سيڪريٽري: قاضي نور الدين ايڊووڪيٽ
خزانچي: نظر حسين ميمڻ

ڪاروباري ڪاميٽي:
احسان لغاري، محمد بخش سيھڙ، عبدالرحيم ٻگهيو، عبدالجبار ميمڻ، عظيم سنڌي، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، نذير احمد ميمڻ.


سب ڪاميٽين جي تشڪيل:
21 جولاءِ 1988ع تي، ”سگا“ شاخ موري جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ ھيٺيون سب ڪاميٽيون تشڪيل ڏنيون ويون.

ثقافتي سب ڪاميٽي:
محترم رسول بخش ٻرڙو (چيئرمين)
محترم نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
محترم عظيم سولنگي (ميمبر)

طبي سب ڪاميٽي:
ڊاڪٽر محمد سليمان سولنگي (چيئرمين)
محترم نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
محترم خادم حسين شيخ (ميمبر)

مالي سب ڪاميٽي:
محترم محمد بخش سيھڙ (چيئرمين)
محترم نثار احمد ميمڻ (ميمبر)
محترم عبدالجبار ميمڻ (ميمبر)

عيد ملن پارٽي ۽ رسم حلف برداري تقريب:
ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ محترم عبدالحميد ميمڻ، غلام ﷲ ميمڻ، نذير احمد ميمڻ، غلام رضا ميمڻ ۽ حاجي غلام ﷲ ”گلاب ميمڻ“ کي مقرر ڪيو ويو تہ ھو ”ثقافتي ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن سان گڏجي ”عيد ملن ۽ حلف برداري تقريب“ منعقد ڪن. عيد جي ٻئي ڏينھن (جولاءِ 1988ع جي آخر ۾) روشن تارا اسڪول موري ۾ ”رسم حلف برداري“ ۽ ”عيد ملن تقريب“، ”سگا“ جي مرڪزي اڳواڻ محترم مظھر الدين ميمڻ جي صدارت ھيٺ ٿي گذري. جڏھن تہ مھمان خاص ”سگا“ جو مرڪزي اڳواڻ محترم ولي محمد روشن ۽ اعزازي مھمان محترم عبدالعزيز شيخ، چئيرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو ھئا. محترم مظھر الدين ميمڻ، نون چونڊيل عھديدارن کان حلف ورتو. ھن تقريب ۾ عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، محترم ولي محمد روشن، محترم مظھر الدين ميمڻ، محترم عبدالعزيز شيخ ۽ ٻين پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو. موري شاخ جي جنرل سيڪريٽري نثار احمد ميمڻ آيل مھمانن جا ٿورا مڃيندي ”سگا“ جي مستقبل جي پروگرامن جي باري ۾ ٻڌايو، ھن تقريب ۾ اسٽيج جا فرائض عظيم سنڌيءَ ادا ڪيا.

ٻوڏ متاثرين ۾ امدادي سامان جي ورھاست:
”سگا“ موري پاران، پرائمري مين اسڪول موري ۾ لڳل ٻوڏ متاثرين جي امدادي ڪئمپ ۾ متاثرين ۾ کاڌ خوراڪ جو 4350 روپين جو سامان ورھايو ويو.

کلون گڏ ڪيو ويون:
عيدالا ضحيٰ جي موقعي تي 2008 روپين جون کلون ’سگا‘ موري پاران گڏ ڪيون ويون.

لائبريري جي مرمت جو ڪم:
”سگا“ جي ”لطيف لائبريري“ جي مرمتي ڪم لاءِ شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ، ٻن ڄڻن محترم عبدالحميد ميمڻ ۽ محترم رسول بخش ٻرڙي تي مشتمل ڪاميٽي تشڪيل ڏني جن لائبريريءَ جو مرمتي ڪم ڪرايو. لائبريريءَ لاءِ ھڪ ڪلارڪ 200 ماھوار پگهار تي پڻ رکيو ويو ان کان علاوہ ھڪ ڇوڪرو ڪم ڪار ۽ صفائي لاءِ رکيو ويو جنھن کي ھر عھديدار ۽ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر 10 روپيا ماھوار ڏيندو ھو.

مفت ميڊيڪل ڪئمپ:
15 سيپٽمبر 1988ع تي، مين اسڪول موري ۾ ”ھڪ مفت طبي ڪئمپ“ لڳائي وئي جنھن ۾ مريضن کي چڪاس سان گڏ مفت دائون پڻ ڏنيون ويون.

سنڌ ڪائونسل جو اجلاس:
”سگا“ مرڪز پاران ”سنڌ ڪائونسل“ جو اجلاس، مھراڻ ڪلب موري ۾، 23 سيپٽمبر 1988ع تي جمعي ڏينھن صبح جو 12 وڳي منعقد ڪيو ويو. ھن اجلاس جي ميزباني موري شاخ ڪئي ۽ شاخ پاران منجهند جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو. ھن اجلاس ۾ مرڪزي عھديدارن، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کان علاوہ ”سگا“ سنڌ جي شاخن جي نمائيندن شرڪت ڪئي.

ٻارڙن لاءِ ڪتاب:
مورو لڳ ڳوٺ ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي ڪري ڳوٺ جي رهواسين کي سخت نقصان پھتو، اتي جي اسڪول جي ٻارڙن کي 5000 روپين جا درسي ڪتاب مرڪز پاران ڏنا ويا.

لطيف ڊي:
”سگا“ موري جي ثقافتي ڪاميٽيءَ، پاران ”ڪي جي اسڪول موري“ ۾ ”لطيف ڊي“ ملھايو ويو.

موري ۾ مفت طبي ڪئمپ:
14 اپريل 1989ع بروز جمعي ڏينھن تي، ڊاڪٽر محمد بچل ميمڻ جي اسپتال موري ۾ ”مفت طبي ڪئمپ“ لڳائي وئي جنھن ۾ مريضن کي چڪاسي مفت دوائون ڏنيون ويون.

ڳوٺ ملڪ ۾ طبي ڪئمپ:
1988ع جي ٻوڏ دوران ”ينگ ملڪ ويلفيئر“ پاران ”سگا“ شاخ موري کي ڪيل اپيل جي موٽ ۾ ”سگا“ مرڪز پاران ڳوٺ ملڪ ۾ محترم پروفيسر مظھر الدين ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ھڪ طبي ڪئمپ ھنئي وئي. جنھن ۾ جناح اسپتال ڪراچي جي ڊاڪٽرن خدمتون سر انجام ڏيندي ٻوڏ متاثرين کي چڪاس ڪيو ۽ کين مفت ۾ دوائون پڻ ڏنيون. ان سان گڏوگڏ ”سگا“ مرڪز ۽ شاخ پاران ٻوڏ متاثرين ۾ کاڌخوارڪ جو سامان پڻ ورھايو.

سچل ڊي:
”سگا“ مرڪز 1989ع کي ”سچل سرمست جو سال“ ڪري ملھائڻ جو اعلان ڪيو هو، ان سلسلي ۾ موري شاخ پاران نومبر 1989ع ۾ ”ڪي جي اسڪول موري“ ۾ ”سچل سائين جو ڏھاڙو“ ملھايو.

سچل ڪانگريس جي وفد جو استقبال ۽ آجياڻو:
نومبر 1989ع تي بين القوامي سچل ڪانگريس جو وفد جڏھن موري پھتو تہ آيل مھمانن جو شاندار استقبال دھلن ۽ شرناين سان ڪيو ويو، کين گلن جا ھار پارايا ويا ۽ ”سٽيزن ڪلب“ موري ۾ مھمانن کي پُرتڪلف آجياڻو پڻ ڏنو ويو.